اختر انصاري اڪبر آبادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اختر انصاري اردو ٻوليءَ جو شاعر ۽ اديب، جنهن 1919ع ۾ اڪبر آباد، ڀارت ۾ جنم ورتو. هن منشي فاضل اديب ۽ اديب عالم جا امتحان پاس ڪيا. سترهن سالن جي عمر کان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. اوائلي دور ۾ افسانا بہ لکيائين، جيڪي ”آج کل“ (دهلي)، ”اضطراب“ (لکنؤ)، ”حريم“ (لکنؤ)، ”محشر خيال“ (دهلي) ۽ ”حريت“ (دهلي) ۾ شايع ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، لڏي آيو ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1957ع ۾ حيدرآباد مان اردو رسالو ”نئي قدرين“ جاري ڪيائين. سندس اهم تصنيفن ۾ ”زندگي ڪي رخ“ (افسانا)، ”ڪيف و رنگ“ (شاعري)، ”حسن تضمين“ (مشهور شاعرن جي غزلن تي تضمين)، ”فردوس مغليه“ (مغل عمارتن جي تاريخ)، ”مفڪر مهراڻ“ ۽ ”لسان العرب“ شامل آهن. 18 آگسٽ 1958ع تي بهاولپور جي هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ مئل لڌو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]