احمد شاھ بخاري بکري
ڏيک
احمد شاھ بخاري، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي علمن جو ڄاڻو هو. بکر ۾ جلال الدين حسين ڪبير بن علي بخاريءَ جي گهر ۾ اندازي موجب اٺين هجريءَ ۾ ڄائو هو. ابتدائي علم پيءُ کان حاصل ڪيائين. شهرت ڏاڍي مليس. سندس والده بيبي فاطمہ بنت سيد بدرالدين بن صدرالدين بکري سنڌي هُئي. احمد شاھ بخاري تصوف ۽ ٻين علمن جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اُچ شريف ويو. اُچ ان وقت بکر جي سرڪار ۾ شامل هو. اتي سيد مرتضيٰ اُچيءَ جي نياڻيءَ حويده سان شادي ڪيائين، جنھن مان عالم سيد حسين جلال الدين جھان گشت پيدا ٿيو. حويده بيبيءَ جي وفات کان پوءِ ٻي شادي ڪيائين، جنھن مان مخدوم صدرالدين پيدا ٿيو.[1]