مواد ڏانھن هلو

اجيت سنگھ يادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اجيت سنگھ يادَوَ Ajeet Singh Yadav
ذاتی معلومات
قوميت ڀارت
پيدائش (1993-09-05) September 5, 1993 (age 32)اٽاوا، اتر پرديش، ڀارت
رهائشگواليار، مڌيا پرديش، ڀارت
قد5 ft 11 in (1.80 m)
راند
راندايٿليٽڪس
راندنيزو اڇلائڻ

اجيت سنگھ يادَو[1]، (پيدائش 05 سيپٽمبر 1993ع)، ھندوستاني پيرا ايٿليٽ آھي. جيڪو ايف ڇائيتاليھ ڪيٽيگري جي مردن جي نيزو اُڇلائڻ ۾ مُقابلو ڪري ٿو. ھي اولمپڪ پوڊيم اسڪيم جي ٽارگيٽ ھيٺ حڪومتِ ھندوستان جي اسپورٽس اٿارٽي ۾ شامل رھيو آھي. ھي ايل اين آءِ پي اِي گواليار مان جسماني اڀياس ۽ راند ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي. ھن ٻہ ڀيرا ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس گرانڊ پِرڪس ۾ انڊيا جي نُمائندگي ڪندي 2019ع بيجنگ، چين ۾، ۽ 2021ع دبئي ۾ ايف ڇائيتاليھ ڪيٽيگري جي نيزو اڇلائڻ ۾ سونو ٻلو (Gold medal) کٽيو.[2][3]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

اجيت سنگھ 1993ع ۾ ايتاواھ (انگريزي: Etawah) اُتر پرديش ۾ پيدا ٿيو. ھي گواليار، مڌيا پرديش ۾ پڙھي رھيو آھي. 2017ع ۾ دوست کي بچائيندي ساڻس خطرناڪ ريل هاڃو ٿي پيو، جنھن ۾ ھن ٺونٺ کان ھيٺ پنھنجي کاٻي ٻانھن وڃائي ڇڏي[4][5]. حادثي جي چار مھينن کانپوءِ جڏهن اڃا سندس ٻانھن جي بحالي ھلي رھي ھُئي، ھن پنچڪولا، ھريانہ ۾ ٿيندڙ پيرا ايٿليٽڪ سينيئر نيشنل 2018ع ۾ حصو ورتو.

پيشو

[سنواريو]

پيرا جيولين (نيزي بازي) راند ۾ حصو وٺندي 2019ع ۾ ھن پنھنجي پھرين راند سان شروعات ڪئي. بيجنگ، چين ۾ ٿيل ستين ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس گرانڊ پِرڪس ۾ حصو ورتائين ۽ نيزي بازي ۾ سونو تمغو کٽيائين[6]. 2019ع ۾ دبئي ۾ ٿيل ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس چيمپئينشپ ۾ ھندوستان جي نُمائندگي ڪندي پِتل جو تمغو کٽيائين[7][8]۽ نتيجي طو 2020ع واري سمر پيرالمپڪس لاءِ اھل بڻجي ويو. ھن 2021ع ۾ دبئي ۾ ٿيل ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس گرانڊ پِرڪس ۾ پڻ سونو تمغو کٽيو.[9]

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Ajeet Singh - Athletics | Paralympic Athlete Profile". International Paralympic Committee (انگريزي ۾). 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.
  2. "एक हादसे में गंवाया हाथ, फिर भी पैरा एथलेटिक्स में देश को दिलाया गोल्ड". ETV Bharat News. 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.
  3. "Invincible spirit - lost hand but not courage, Etawah's Ajeet sights gold at Tokyo Paralympics". Hindustan Times (انگريزي ۾). 2021-07-07. 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.
  4. "दोस्त के लिए गंवाया हाथ, चोट के बाद भी नेशनल गेम्स में कमाया नाम, राष्ट्रीय स्तर पर पाया चौथा स्थान". Patrika News (hindi ۾). 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  5. "4 years after losing arm, para-athlete hopes to win another medal at Paralympics". Hindustan Times (انگريزي ۾). 2021-07-07. 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.
  6. "Dubai 2019 Results". www.paralympic.org.
  7. "India record best-ever medals tally in Dubai para event". www.gulftoday.ae. 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.
  8. DelhiNovember 18, Press Trust of India New; November 18, 2019UPDATED:; Ist, 2019 20:59. "Kiren Rijiju felicitates World Para Athletics Championships medal winners with cash awards". India Today (انگريزي ۾). 2021-11-22 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |first2= has generic name (مدد); |first3= has numeric name (مدد)CS1 maint: extra punctuation (ڳنڍڻو) CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  9. "Invincible spirit - lost hand but not courage, Etawah's Ajeet sights gold at Tokyo Paralympics". Hindustan Times (انگريزي ۾). 2021-07-07. 2021-11-22 تي حاصل ڪيل.