اتمچنداڻي نک (ڪڪا)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي خدا آبادي ڀائيبند آهن ۽ پنهنجي وڏي ڏاڏي سيٺ اُتمچند ڇتي مل جي نالي پٺيان پاڻ کي ”اُتمچنداڻي“ سڏائيندا آهن. حيدرآباد ۾ سندن گهر اصل کيانتي ٽنڊي طرف دلواڻي گهٽيءَ ۾ هوندا هئا. پوءِ سوڙهه سبب منجهائن ڪي اٿي ٻئي هنڌ وڃي ويٺا. سيٺ اُتمچند جو حيدرآباد جي ميرن سان چڱو رستو هوندو هو. انگريزن جي صاحبي شروع ٿي ته -ان- وقت به نانءُ ناموس گهڻو هوس. سيٺ اُتمچند حيدرآباد ۾ ڪجهه وقت ميونسپل ڪائونسلر به رهيو. سيٺ اُتمچند کي چار پٽ هئا. چئنراءِ، رامچند، -اوڌوداس- ۽ ٽپڻداس. -ڀائي- چئنراءِ جي پوٽن جا ڪارخانا ويسٽ آفريڪا، جبرالٽر ۽ ٻين هنڌ آهن ۽ ”جي ٽي چئنراءِ اُتمچند“ جي نالي سان مشهور آهن. -ڀائي- -اوڌوداس- جو پوٽو -ڀائي- ٽهلرام آسومل سنڌورڪي آهي. سندس ڪارخانا اڳي نيويارڪ (-آمريڪا-) ۽ مالٽا ۾ هئا ۽ هاڻي فقط هندستان ۾ -بمبئي-، ڪلڪتي، لاهور، دهليءَ ۽ ٻين هنڌ آهن. حيدرآباد جي ڀائيبنڊن مان اُتمچنداڻي، ساگراڻي، مهتاڻي ۽ هاٿيراماڻي شهر جا مکيه -پاوا- ڪري ليکبا هئا. [1]

حوالا[سنواريو]