ابيات سنڌي
ڪتاب ابيات سنڌي ۾ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو ذخيرو آھي. خواجہ صاحب 1125ھ 1713ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ 1774ع ۾ وفات ڪيائين. خواجہ صاحب جي انھن بيتن جي شرح سندس شاگرد جيد عالم، ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکي. ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ اھا شرح 1180 – 1185ھ بمطابق 1766-1771ع ڌاري لکي ھئي. خواجه صاحب جا بيت تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھئا. پر انھن جي عربي ٻوليءَ ۾ شرح ھڪڙي ئي رسالي ۾ ’ابيات سنڌيءَ‘ جي نالي سان قلمبند ڪئي وئي ھئي، جيڪو سڀ کان پھرين 1939ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مرحوم عربي عبارت کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. ھن ڪتاب ۾ خواجہ صاحب جي بيتن ۾ آيل تصوف جي موضوع تي گرھوڙي صاحب جا صوفيانہ نڪتا بيان ڪيل آھن. ڪتاب جي ابتدا ۾ خواجه محمد زمان جي حياتيءَ جو احوال، شاھ لطيف جي خواجه صاحب سان ملاقات، تصوف بابت خواجه صاحب جا ارشادات، اسلامي تصوف تي ھڪ باب ۽ شيخ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي سوانح عمري شامل آھن. ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1956ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۽ ٽيون ڇاپو 1996ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان ڇاپيو ويو آھي.[1]
ابيات سنڌي (1939ع) سنڌي بيتَن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن کي يو. ايم. دائودپوٽو مرتب ڪيو. هن ڪتاب ۾ روايتي سنڌي شاعريءَ جا بيت گڏ ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادبي ورثي ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ ڪلاسيڪي شاعراڻي صورتن کي محفوظ ڪن ٿا. دودپوٽي جي علمي ادارت مطالعي ۽ بيتن جي پڙهڻي لاءِ تنقيدي سامان مهيا ڪري ٿي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي خواجه محمد زمان وٽ حاضري جو جاندار احوال ڏنل آهي، جيڪو سنڌ جي صوفيانه روايت کي مالا مال ڪندڙ صوفي شاعرن جي تاريخي لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو[2].
حوالا
[سنواريو]- ↑ ابيات سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويبسائيٽ، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:5