اساسي شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اساسي يا بنيادي شاعريءَ (Basic Poetry) جو بنياد يا اساس سٺن انساني قدرن واري فهم ۽ فڪر تي رچيل شاعري آهي. اهڙي شاعريءَ ۾ ڪنهن قصي ۽ واقعي جي بيان يا فقط شاعراڻين خوبين جي اظهار بدران ڪا سٺي مقصد واري معنا سمايل هوندي آهي. دنيا جي هر ٻيءَ زبان وانگر سنڌي زبان جي اساسي شاعريءَ جو اساس/بنياد ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساهه، ۽ معاشري ۾ سٺين خوبين واري ڪردار جي مفهوم تي ٻڌل آهي. مجموعي طور، سنڌي اساسي شاعري انسان جي ايمان ۽ ارادي جي سچائي ۽ عملي ڪردار جي اعليٰ معيارن جي تشريح ۽ تعبير آهي .سنڌي اساسي شاعري، صوفين سالڪن ۽ وڏي نظر ۽ وڏيءَ دل وارن دانائن ۽ دردمندن جو ڪلام ۽ پيغام آهي جنهن ۾انسان جي عارضي زندگي ۽ سندس دائمي بقاءَ سان لاڳاپيل حقيقتن جا اهڃاڻ سمايل آهن. قاضي قادن اساسي شاعريءَ جي عمارت جو باني سمجهيو وڃي ٿو. يارهين صديءَ جي آخر ۽ ٻارهين صديءَ ۾ شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف جي رسالن ۾ اساسي شاعريءَ جي عمارت، هيئت ۽ صورت جڙي راس ٿي. اعليٰ فڪر ۽ مضمونن جي نکار جي لحاظ سان شاهہ عبداللطيف ڀٽائي ان کي سينگاري ڪلاسيڪي شاعريءَ جي راهه روشن ڪئي، جنهن تي اڳتي روحل فقير، سچل سرمست، صوفي صادق، خليفي نبي بخش ۽ ٻين اعليٰ اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ کي سنواريو ۽ سينگاريو. [1][2]



حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد