ابو زيد حسن سيرافي
ڏيک
ابو زيد حسن سيرافي ٽين صدي ھجري جو سياح ۽ تاجر آھي. ۽ خليج جي مشھور بندرگاھ سيراف جو رھندڙ ھو، سيراف ۾ ھن جي ملاقات مشھور مورخ ۽ سياح مسعوديءَ سان ٿي ھئي. ھيءُ سيراف کان ھندستان ۽ چين جي وچ ۾ بحري ۽ تجارتي سفر ڪندو رھندو ھو. ھن سليمان تاجر جي سفر نامي جو 25- 30 سالن کان پوءِ تڪلمہ لکيو، جنھن ۾ ھندستان جي رسم رواج، تمدن ۽ معاشرت، مذھبي اعتقادات، بت خانن ۽ راجائن جي حالتن وغيره جو ذڪر ڪيو آھي. ھن جي معلومات جو بنياد ذاتي ھو يا مشرق جو سفر ڪندڙ ٻين سوداگرن جا بيان آھن. ھن جو ھي تڪلمہ بہ سليمان جي سفر نامي سان گڏ پھريون دفعو پيرس مان سن 1845ع ۾ ڇپيو.[1]
ابوزيد حسن سيرافي ايراني نار جي بندر”سيراف“ جو رهاڪو هو، جنھن ڪري سيرافي سڏيو ويو. هن سليمان تاجر جو سفر نامو پڙهي، ان جو تڪملہ الڪتاب الثاني جي نالي سان لکيو. سندس ڪتاب ۾ 264ھ سن ملي ٿو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ابو زيد حسن سيرافي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-10.
- ↑ سنڌ سياحن جي نظر ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو: مھراڻ 1991، جلد 1، ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.