ابن الجوزي
ڏيک
| ابن الجوزي | |
|---|---|
| (عربي ۾: أبو الفرج بن الجوزي) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | مؤرخ ،فلسفي ،ليکڪ |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | فقه ،حديثي ادب ،تاريخ |
| ترميم | |
ابن الجوزي جو پورو نالو عبدالرحمان الجوزي هو. غالباً 510ھ (1116ع) ڌاري سندس ولادت ٿي. پاڻ مشهور حنبلي طريقي جو محدث ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. حياتيءَ جو وڏو حصو تصنيف ۽ تاليف سان گڏ وعظ ۽ نصيحت ۾ مشغول رهيو. ”المنتظم“ نالي سان ڪيترن ئي جلدن تي ڦهليل عربي زبان ۾ ”تاريخ“ به قلمبند ڪيائين، جيڪا 574ھ (1178ع) ڌاري راس ڪيائين. هن ڪتاب ۾ سياسي تاريخ سان گڏ، ان دور جي نامور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ اڪابرن جا تفصيلي احوال پڻ محفوظ ڪيا اٿس. ان کانسواءِ امير المومنين حضرت عمر بن خطاب رضه (583-646ع) ۽ حضرت عمر بن عبدالعزيز رح (681-720ع) جي مناقبن کي پڻ تصديق سان جمع ڪيائين. ”المنتظم“ جا ڪجهه حصا حيدرآباد دکن (هندستان) ۾ ڇپيا به آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ابن الجوزي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع