ابراهيم خليل
ڏيک
مخدوم ابراهيم ’خليل‘ بن مخدوم عبدالڪريم، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ۽ تذڪري نگار هو. سندس نسبي سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. فارسي شاعري سندس خاص موضوع هو، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ بہ شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ’خليل‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’اداسي‘ هو. سندس تصنيفن ۾ ’ديوان مڪاتيب‘ ۽ ’تڪلمۂ مقالات الشعراء‘ شامل آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن. ’خليل‘ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.[1]