آ سان پهاڪا، مهاورا ۽ چوڻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آڱرين کي به سَنڌَ آهن.

آپ نه پالي، پالي ڏوُن، ڇوهر ڄائو، ڏکان ڏوُن/ نون

آڌا چوُڙا، آڌا ٻورا، مال ڪوڙا، مراد پوُرا.

آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي

آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا.

آيا مير، ڀڳا پير.

آفيسر جي اڳياڙي خراب، گهوڙي جي پڇاڙي خراب.

آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.

آسمان مٿي ناهي، ماڻهوءَ جي دل آسمان کان به مٿي آهي.

آڱر ڏينس ته هو ڪارائي تائين هٿ ڳهي ويندو.

آني کي ڀڃڻ لاءِ پهڻ جو سانهر گهرجي ڪيئن؟

آسماني ڄار مان ڇٽڻ مشڪل آهي.

آسمان ۾ جڏهن چنڊ يا سج گرهبو آهي تڏهن سڀڪو ڏسندو آهي.

آسمان ۾ ٿُڪ اُڇلائڻ ۽ وري منهن ۾ جهلڻ.

آرس، ننڊ ۽ اوپاسي ٽئي موت جون ڀيڻيون آهن.

آئي ڪنن ڪاڻ سڱ به وڍائي وئي.


آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.

آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.

آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.

آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.

آئي ته روچي (روزي) ڳئي ته بلا.

آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.

آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.

آهي آساني پر ڪم پئي ڪَلَ پوي (شاه)

آزمائي کي آزمائي سو ڦِر ڦِر ڇائي پائي.

آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڻي سومرا (شاه)

آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.

آءُ توکي پنهنجن ڪوڏين ڌوئڻ وارو پاڻي به ڪين ڏيندس.

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.

آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.

آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ.

آرام سان اچجي، آرام سان وڃجي.

آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.

آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.

آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.

آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.

آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.

آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.

آکئي جو عقل، وهائيءَ جي توڻ، پوري نه ٿئي.

آهاري، وهنواري، گهوٽ مهاري، لڄا ڪري ته هاري.

آءُ الف ۽ بي آهيان، اول ۽ آخر آهيان، شروع ۽ پڇاڙي آهيان.

آيل جڏو، ويٺل طبيب.

آئي ٽانڊو کڻڻ بورچياڻي ٿي ويٺي.

آههِ غريبان، قھر خدائي.

آپ سکي، جڳ سکي

آپ ڪمائيءَ ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي.

آڌا چُوڙا، آڌا ٻُورا، مال ڪُوڙا، مراد پُورا.

آفيسر کي، پٽيوالا ئي کڻند آهن.

آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.

آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.

آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.

آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.

آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.

آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.

آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.

آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ. آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.

آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.

آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.

آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.

آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.

آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.

آپڻي گهوٽجي ته نشا ٿيوي.

آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سِڪ.

آئي کي آدر، وئي کي پادر.

آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن.

آمون، ڏهه گامون.

آهر جي آسري، جهنگ نه چنائون.

آهر جي وڏائي، ڪُني پاٽ اتي آئي.

هِرُ کٽي اوبڻي، رن ھارائي رنبو. [1]

حوالا[سنواريو]