مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

آکاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آکاڙو اُها نرم زمين جتي پھلوان ملهہ يا ڪُشتي جو مقابلو ڪن. ڪڪڙن جي ويڙھ ٿئي، ان کي آکاڙو چئبو آهي. (نئين جامع سنڌي لغات، جلد ھهريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد2004ع)، پر جيئن تہ وڏ ڪٻل ۽ ٻيلهاڙي راند ۾ چؤطرف تماشبين گول دائري ۾ بيهي يا ويھي ڏسندا آهن، انهيءَ ڪري ان کي خاص ڪري ”دائرو“ بہ چوندا آهن. ڪشتيءَ جي ميدان کي بہ آکاڙو چوندا آهن. ملاکڙو لفظ خود ملهہ + آکاڙو مان نڪتل آهي، يعني ملهن جو آکاڙو. پھلوانيءَ جي مظاهري لاءِ آکاڙي جو وجود تمام آڳاٽو آهي. خاص ڪري قديم بادشاهن جھڙوڪ روم، يونان، ايران، چين، جپان، منگولن، ترڪن ۽ قديم هندستان ۾ فوجي تربيت لاءِ جسم مضبوط ڪرڻ ۽ داءُ پيچ سکڻ سيکارڻ لاءِ هن شعبي کي گهڻي اهميت ملي، اڪثر بادشاهن ۾ بادشاھ پھلوانيءَ جي مظاهري لاءِ ٻن پھلوانن يا غلامن جو خوني مقابلو ڪرائيندا هئا. ڪن جنگجو رياستن ۾ غلامن کي شينھن، ڪتن يا ٻين جهنگلي جانورن جي مقابلي ۾ آکاڙي اندر لاٿو ويندو هو جنھن جي چوڌاري اسٽيڊيم وانگر ڪوٽ، ديوارو ۽ ويھڻ جو انتظام هوندو هو. هندستان ۾ ملهہ جي آکاڙن جو احوال مھاڀارت ۾ بہ ملي ٿو. ملهہ جي مقابلي کي ”مل يُڌ“ چوندا هئا، جن ۾ کترين جو هڪ طبقو مھارت حاصل ڪندو هو. پوءِ اهي ’مل‘ (ملهہ) سڏيا ويا. ’ملهہ يڌ‘ شري ڪرشن ۽ راجا ڪڻس جي وچ ۾ بہ ٿي، مھاڀارت ۾ ملهہ جو ٻيو ذڪر شري ڪرشن ۽ راجا جامنت جي وچ ۾ مقابلي جي حوالي سان ملي ٿو. اهي واقعا دوارڪا، ڪڇ ۽ گجرات واري علائقي جا لڳن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]