آڀون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۽ پنجاب ۾ کاڌي جي هڪ وٿ، اَن جي اڌ ڪچن اڌ پڪن سنگن ۾ موجود داڻن کي به آڀون چئبو آهي. ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهري جي سنگن مان ڪچا داڻا ڪڍي باهه تي سيڪي انهن داڻن کي مهٽي، کلون پري ڪري کائبو آهي. جنهن کي کيرو ان چئبو آهي. هن کيري ان کي سنڌ ۾ آڀون چوندا آهن. ٻاجهريءَ جي سنگ کي ”کلي“ چئبو آهي.[1]