آپريشن رد الفساد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جي چئني صوبن ۾ دهشتگردي ۽ ڏهڪاءَ وارن وڏن واقعن جي لهر کانپوءِ پاڪستاني فوج جي سرواڻ جنرل قمر جاويد باجوا پاران سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد (Operation Rad ul Fasaad) شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان پهرين فوج اڳوڻي سپهه سالار جنرل پرويز مشرف جو ”آپريشن راه راست“ (Operation Raah e Raast)، جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ جو ”آپريشن راه نجات“ (Operation Raah e Nijaat) ۽ جنرل راحيل شريف جو ”آپريشن ضرب عضب“ (Operation Zar e Azb) پڻ ٿي چڪا آهن.

گهڻ ئي ورهين کان ملڪ اندر مختلف ن آپريشن ٿي چڪا آهن. ڪراچيءَ ۾ رينجرز، بلوچستان ۾ ايف سي ۽ فاٽا ۾ دهشتگردن خلاف فوج پاران لڳاتار آپريشن ٿيندا اچن پيا. فاٽا (FATA) جيڪو 1980ع جي ڏهاڪي کان وٺي عقيدي پرست جهادي ويڙهاڪن جو مضبوط مرڪز هو، ان کي ڪنهن حد تائين دهشتگردن کان آجو ڪيو ويو پر دهشتگرديءَ جي اصل پاڙ کي ختم نه ڪرڻ ڪارڻ اها اڃان به موجود هئي. فاٽا ۾ آپريشن دوران روزانو درجنين دهشتگردن جي مارجڻ ۽ سندن ٺڪاڻا تباهه ٿيڻ جا اعلان ٿيندا رهيا آهن پر انهن جي ڪنهن آزاد صحافتي يا ٻئي ڪنهن ساک واري اداري پاران پڪ سان ساک ڪون ڏني آهي ته اهي خبرون صحيح هيون يا غلط. توڻي جو وقتي طور تي دهشتگرديءَ جي واقعن کي ٿوري وقت لاءِ ٻنجو به آيو هو.

جيتوڻيڪ انهن سڀني آپريشنن دوران به بلوچستان ۽ پنجاب ۾ دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا رپورٽ ٿيا پر، صورتحال ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر ٿيڻ لڳي هئي. پر آپريشن دوران گهڻا معاملا اڻ نبريل رهندا آيا آهن. جنهنڪري ملڪ جا سڄاڻ حلقا ان حوالي سان پنهنجي ڊپ جو اظهار به ڪندا آيا هئا ته متان دهشتگرديءَ جو ورجاءُ واپس نه موٽي اچي. فاٽا ۾ آپريشن ٿيڻ جو هڪ نتيجو اهو نڪتو جو سوات آپريشن جيان ڪيترائي جهادي ويڙهاڪ روپ مٽائي افغانستان، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ پاڻ کي ٻيهر منظم ڪرڻ شروع ڪيو. فاٽا ۾ ٿيل آپريشن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ته ٿيا پر، انهن جا ٻين علائقن خاص طور تي پنجاب ۾ موجود ٺڪاڻا ساڳي طرح برقرار رهيا. فاٽا، ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سخت آپريشن کانپوءِ ويڙهاڪ گروهن جا مضبوط ڳڙهه جيڪي اڳواٽ کي پنجاب هئا سي اتي جو اتي جيئن جو تيئن رهندا پيا اچن. [1] [2]

حوالا[سنواريو]