آپريشن راهه حق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آپريشن راهه حق يا راه راست پاڪستان جي اترين علائقن سوات، مالاڪنڊ وغيره ۾ انتهاپسند طالبان جي خلاف 2008ء ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو، جيڪو 2009ء ۾ به جاري رهيو. 15 مئي 2009ء تي هن ڪارروائيءَ کي حڪومت ’آپريشن راهه حق‘ جو نالو ڏنو. حڪومت جو چوڻ هو ته انهن علائقن ۾ قانون جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ مذهبي انتهاپسندن خلاف اهو قدم کنيو ويو آهي. 2009ء جي شروع ڌاري طالبان اترين علائقن ۾ پنهنجي مرضيءَ جي شريعت لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته ملڪ جي باقي سمورن عالمن ان جي مخالفت ڪئي. وڌندڙ جارحيت ۽ بدامنيءَ کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاڪستان ۽ سرحد حڪومت طالبان سان معاهدو ڪيو ۽ نظام عدل قائم ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن موجب طالبان جي زير اثر علائقن ۾ قاضي عدالتون قائم ڪيون ويون. طالبان انهن عدالتن ۾ پنهنجي مرضيءَ جا قاضي (جج) مقرر ڪرڻ پئي چاهيا. ايئن رياست اندر هڪ ٻي رياست جو تصور قائم ٿيڻ لڳو. مذهبي اڳواڻ صوفي محمد جي معرفت اهو ٺاهه ٿيو هو پر جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ انتها پسندن، جن ۾ ڪي ڏوهاري به شامل هئا، رياستي ادارن جي ماڻهن کي اغوا ۽ قتل ڪيو، گڏوگڏ هنن جمهوريت ۽ عدالتن جي نظام کي غير اسلامي قرار ڏنو. ان صورتحال کي ڏسندي حڪومت ٻيهر آپريشن شروع ڪيو، جنهن کي وري ”آپريشن راهه راست“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوات، مالاڪنڊ، دير، بونير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان وڏي پئماني تي ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي جن مان ڪيترن سنڌ ۾ ۽ ٻين پنجاب ۽ سرحد جي مختلف علائقن ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. ڪيترن ماڻهن کي عارضي ڪيمپن ۾ رهايو ويو آهي .[1]