آيت الله
آيت الله: (انگريزي: Ayattullah ) ٻارھن امامن واري شيعه اسلام جي عالمن جو تمام اعليَ درجي وارو لقب آھي جنھن جي معنيَ آهي الله جي نشاني. اھڙا عالم اسلامي تعليم، فقه، اسلامي فلسفي ۽ قرآن جي قرائت جا ماھر ۽ معلم ھوندا آھن. ان لقب کان ٻئي نمبر تي انھن جو لقب حجته الاسلام آھي. ان لقب جي شروعات ويھين صدي جي ابتدا ۾ قم واري مدرسي کان ٿي. شيعن جي ايران ۽ عراق وارن اصولي مڪتبه فڪر وارن[1] مدرسن کي حوزة سڏيندا آھن. اتي تعليم مڪمل ڪندڙ مجتھد کي آيت الله جو لقب ملندو آهي جيڪو شيعه اسلام جي چئن سرچشمن : قرآن، سنت، اجماع ۽ عقل (سني اسلام ۾ قياس) جي بنيادن تي فتوا ڏئي سگھندو آھي. ان مرتبي ملڻ بعد اھو شيعن جو عالم حوزة ۾ معلم واري خدمت جي قابل ٿي ويندو آهي ۽ بطور جج بہ ڪم ڪري سگھندو آھي. سني اسلام ۾ ان جي برابر لقب مفتي ھندو آھي. آيت الله عظمیٰ وري وڏي ۾ وڏو عالم يا سپريم ليڊر ھوندو آھي[1] جيئن سني اسلام ۾ مفتي اعظم ھوندو آھي. گھڻي ڀاڱي آيت الله عالمن جي تربيت ايران جيقم ۽مشھد وارن ۽عراق جي نجف وارن مدرسن ۾ ٿيندي آهي[1].