مواد ڏانھن هلو

علڻ فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علڻ فقير، اصل نالو، علي بخش، مشهور سنڌي لوڪ گلوڪار آهي. هو صوفيانہ ڪلام ڳائيندو هو. هو 1932ع ۾ آمري شهر، ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو.[1] هڪ گانو محمد علي شهڪي سان گڏ ڳايائين جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو. هن گاني جا ٻول هيا "تيري عشق مين جو ڀي ڊوب گيا اسي دريا ڪي لهرون سي ڊرنا ڪيا". سال 1980ع ۾ هن کي صدارتي تمغو مليو. 4 جولاءِ 2000ع ۾ فوت ٿيو۔ هن جو هڪ ملي نغمو "اتني بڙي جيون ساگر مين تو ني پاڪستان ديا" به ڏاڍو مشهور ٿيو.

علڻ فقير سنڌي زبان جو ناميارو فنڪار ٿي گذريو آهي جنهن شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي وائي اهڙي انداز ۾ ڳائي جو جنهن هن فقير کي امر ڪري ڇڏيو.

علڻ فقير سنڌ جو يگانو فنڪار هو. هن يڪتاري تي ڪيتريون وايون ڳائي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. لباس ۾ هن جو خاص انداز پسند ڪيو ويندو هو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Humsari. "سنڌ جو الستي آواز- علڻ فقير". Humsari. حاصل ڪيل 2020-09-14.