آمريءَ جو مقام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميرپورخاص ضلعي ۾ ٽنڊي جان محمد لڳ پراڻ جي ڪناري تي هڪ قبرستان آهي، جيڪو آمريءَ جي مقام جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ قبرستان 700 سال پراڻو مسلم دور جو چيو وڃي ٿو. 11 ھين صدي عيسويءَ ۾ ھن علائقي تي قرامطي خاندان جي حڪومت ملتان تائين ھئي. ھي ماڳ مڪليءَ کان 300 سال پراڻو آھي. روايت آھي ته محمود غزنوي ھتان، سکر ۽ شڪارپور کان ٿيندي موٽيو ھو ته سندس لشڪر ۾ وبا پکڙجي وئي ۽ ھزارين فوجي مري ويا، جن کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو. تحفة الڪرام موجب هن جاءِ تي شيخ بهاءُ الدين ملتاني آمريءَ جو هڪ وڻ پوکايو هو، جيڪو بعد ۾ خدا وارن بزرگن جي مشهور زيارتگاهه بنجي ويو. شيخ بهاءُ الدين جي سلسلي جا فقير هن هنڌ سماع ۽ صحبت ڪندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هڪ ٻي روايت موجب غوث بهاءُ الدين ذڪريا ھتي چلو به ڪڍيو. گدامڙيءَ جو وڻ ڪنھن بزرگ لڳايو ھو، جنھن جي اڳتي ھلي پوڄا ٿي ته عبدالرحيم گرھوڙيءَ ان کي وڍائي ڇڏيو. مشھور ھندو ڀڳت ھنس نارائڻ جي سماڌي ۽ مندر به ھتي آھي. قبرستان جي حالت زبون آھي، ڪنھن به اداري جي سنڀال ھيٺ ڪونه آھي. ڪلر جي ڪري ھتان جون سڀ تربتون ۽ مقبرا ختم ٿي ويا آھن. ھڪ مقبرو ڪجهه حال ۾ آھي، جنھن اندر چٽساليءَ جا نمونا بيٺل آھن. ھن قبرستان ۾ ستن ماموين جون قبرون پڻ موجود آھن، جن تي ڦرھي (ٻارن واري) جا نشان اڪريل آھن. ھتي شاهه ڪريم جي دور جو ميھار فقير نوھڙي به دفن آھي. ھي قبرستان 10 بلاڪن تي پکڙيل آھي. هن جاءِ تي ڪيترائي اهل الله آرامي ٿيا ۽ اتي تمام وڏو قبرستان ٺهي ويو. آمريءَ جي وڻ جي نسبت سان هن قبرستان کي آمريءَ جو مقام سڏجي ٿو. ميين شاهه عنات رضويءَ به پنهنجي ڪلام ۾ هن مقام جو ذڪر ڪيو آهي.[1]

  1. encyclopediasindhiana.org