آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن پاڪستاني عورتن جي مُلڪي تنظيم، جيڪا ”اَپوا“ (APWA) جي نالي سان مشهور آهي، اُن تنظيم جو بنياد فيبروري 1949ع ۾ بيگم رعنا لياقت علي خان رکيو. هيءَ پاڪستان جي سڀ کان پراڻي ۽ عورتن جي سڀ کان وڏي انجمن آهي، جنهن جا هيٺيان مقصد رکيا ويا هئا: (1) ملڪ جي ترقيءَ ۾ پاڪستاني عورتن جي شرڪت. (2) پاڪستاني عورتن جي سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ۽ ان ذريعي فلاح ۽ ترقي. (3) عورتن جي تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو واڌارو. (4) پاڪستاني عوام جي صحت ۽ ڀلائيءَ لاءِ پروگرام بنائڻ. (5) بين الاقوامي خير سگالي ۽ انساني اخوت جو واڌارو.

اپوا جي هيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ ان جون شاخون تقريباً سنڌ ۽ ملڪ جي هر وڏي شهر ۾ موجود آهن، سنڌي عورتن مان ڪيتريون ناليواريون عورتون هن تنظيم سان لاڳاپيل رهيون آهن جن ۾ ليڊي صغريٰ هدايت الله، آپا شمس عباسي وغيره شامل آهن. اپوا جون شاخون هيٺين رٿائن ذريعي قومي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن: معاشرتي ترقيءَ جا ڪم، عورت رضاڪارن جي تربيت، صحت ۽ تعليم جا پروگرام، ڳوٺاڻي ترقيءَ جا پروگرام، ڪلينڪون ۽ اسپتالون کولڻ، گهريلو دستڪاريءَ جو واڌارو، قانوني امداد، سيلاب، زلزلي يا ٻين مصيبتن ۾ امدادي ڪارروايون، ثقافتي پروگرام، سيمينار، گڏيل قومن جي ذيلي ايجنسين سان تعاون وغيره. اپوا جو الحاق ٻين وڏين وڏين بين الاقوامي تنظيمن، انٽرنئشنل ڪائونسل فار وومين، جنرل فيڊريشن آف وومين ڪلب وغيره سان پڻ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]