آفريقا جي شهزادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفريقا جي شھزادي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ابتدائي لکڻين ۾ شامل ناول آھي جنھن جو پھريون ايڊيشن 1941ع، ٻيو ايڊيشن 1945ع، ٽيون ايڊيشن 1948ع، چوٿون ايڊيشن آگسٽ 2008ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان شايع ٿيو. ناول ۾ ٽئين خليفي حضرت عثمان رضہ جي دور ۾ مصر کان اُلھندي طرف ريگستان واري علائقي کي فتح ڪرڻ جو ذڪر آهي. انھيءَ علائقي کي اُن دور ۾ آفريقا ڪري سڏيو ويو، ۽ انھيءَ جي اهم قلعن ۾ زويلہ، طرابلس ۽ سبطيلہ شامل هئا. ناول ۾ مجاهدن جي بھادرانہ ڪارنامن سان گڏ سندن اعليٰ اخلاق ۽ اسلامي تعليمات جو ذڪر ۽ نجوم وغيرہ بابت اسلامي نڪتۂ نظر جي سٺي وضاحت ڪيل آهي.[1] هي ڪتاب پھريون دفعو 1941ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلي/ اسلاميہ دارالاشاعت حيدرآباد/ ميرپورخاص پاران شايع ٿيو . جڏهن تہ چوٿون ڇاپو مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران آگسٽ 2008ع ۾ شايع ٿيل آهي.[2]

حوالا[سنواريو]