آفتاب شيرپائو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفتاب شيرپائو
 

معلومات شخصيت
ڄم 20 آگسٽ 1944 (80 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
پشاور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي پشتو ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

صوبي سرحد جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ ناميارو سياسي اڳواڻ آفتاب احمد شيرپائو، ضلعي -پشاور- ۽ تعلقي چارسده جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’شيرپائو‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ، حاجي غلام حيدر خان، مسلم ليگ سرحد جي بانيڪارن مان هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ، آفتاب احمد خان ۽ سندس -ڀاءُ-، حيات محمد خان، ملڪي سياست ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳا. سندس -ڀاءُ- حيات محمد خان، -ايوب خان- خلاف بيگم فاطمه جناح جي حق ۾ وڏي جدوجهد ڪئي. 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو ته هو پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ کيس پيپلزپارٽي سرحد جو صدر بڻايو ويو. صوبي سرحد جو گورنر ۽ وزير پڻ مقرر ٿيو، پر 8 فيبروري 1975ع تي -بم- ڌماڪي ۾ مارجي ويو. -ان- وقت آفتاب شيرپائو سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. -ڀٽي- صاحب جي خواهش تي هن ملازمت -ترڪ- ڪري، سياست ۾ حصو ورتو. 1977ع جي عام چونڊن ۾، قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي، آفتاب شيرپائو، سردار شيرباز خان مزاريءَ کي هارائي ڪامياب ٿيو. کيس صنعتي ترقيءَ ۽ ڳوٺاڻن معاملن جو وزير مقرر ڪيو ويو. -ان- کان پوءِ کيس پيپلزپارٽيءَ سرحد جو صدر مقرر ڪيو ويو. 1988ع، 1993ع ۽ 1997ع وارين چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 1993ع وارين چونڊن کان پوءِ کيس سرحد صوبي جو وزيراعليٰ بڻايو ويو. 12 -آڪٽوبر- 1999ع تي، جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومت ۾ مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا. 2000ع ۾ خاص عدالت، مختلف الزامن هيٺ کيس 21 سالن لاءِ ڪنهن به عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي، ڏنڊ ۽ ٻيون سزائون ٻڌايون. بعد ۾ -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ سان ناراضگي سبب پاڻ پارٽيءَ جي ڌار ڌڙي سان لاڳاپيل آهي. آفتاب شيرپاؤ جي صوبي سرحد کان سواءِ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ پڻ رهائش گاهه آهي ۽ سندس شمار -پاڪستان- جي نامور سياستدانن ۾ ٿئي ٿو.[1]