آغا عبدالنبي عليگ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

آغا- عبدالنبي ’عليگ‘ ولد -آغا گل- حسن خان دراني، 3 -جولاءِ- 1903ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- گمبٽ (خيرپور) مان ورتائين. 1919ع ۾ اعليٰ -تعليم- لاءِ علي ڳڙهه ڪاليج ويو، جتان 1924ع ۾ بي. اي (آنرز) ڪري واپس وطن آيو. سڀ کان -اول- پاڻ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ فارسيءَ جو -استاد- مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ مختيارڪار جي عهدي تي پهتو. آهستي آهستي -ترقي- ڪندو ڪمشنر ٿيو، ۽ 1958ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ به گورنمينٽ جي صلاحڪار جي حيثيت ۾ لاهور ۾ ڪم ڪيائين، -جتي- کيس صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪري کنيو ويو.
آغا- صاحب کي علم و ادب جو ذوق ننڍپڻ کان ئي هو. شعر و شاعريءَ ۾ ’-آغا-‘ ۽ ’عليگ‘ تخلص اختيار ڪيو اٿس. ’افڪار عليگ‘ جي نالي سان سندس نظمن جو مجموعو به ڇپيل آهي. پاڻ ڊراما به لکيائين. سندس ڪتابن ۾ ’حريص -پتلو-‘ عرف ’وفا جي ديوي‘، ’-ايڪتا- فلم جا ڊائلاگ‘، ’افسانا ۽ مقالا‘ وغيره شامل آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هو. سچل اڪيڊمي ۽ سچل ثقافتي مرڪز جو قيام ۽ سچل تي ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ، سندس اهم خدمتون آهن. شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ کان علاوه پاڻ اميرخسرو کان به متاثر هو. سندس شاعريءَ ۾ -تصوف-، هجر ۽ وصال، عشق ۽ جذب جا دلڪش نمونا ملن ٿا. -آغا- صاحب 19 -آڪٽوبر- 1976ع/ 12 ذوالحج 1396هه تي وفات ڪئي.[1]

{{حوالا}

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%BA%D8%A7%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D9%86%D8%A8%D9%8A%20%D8%B9%D9%84%D9%8A%DA%AF