آغا حشر ڪاشميري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا حشر ڪاشميري
معلومات شخصيت
ڄم 4 اپريل 1879  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
امرتسر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 28 اپريل 1935 (56 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ،شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

ناليوارو شاعر ۽ اديب، آغا حشر ڪاشميري، پهرين سيپٽمبر 1879ع تي، امرتسر (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس پيءُ آغا سيد غني شاهه 1868ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ، شالن جي ڪاروبار جي سلسلي ۾، سرينگر مان بنارس آيو ۽ پوءِ امرتسر ۾ ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. سندس اصلي نالو آغا محمد شاهه هو. اردوءَ، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتائين. بعد ۾ بنارس جي راج نارائڻ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. ان ئي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران کيس شعر و شاعريءَ سان دلچسپي ٿي ۽ ”حشر“ تخلص رکي، مقامي مشاعرن ۾ حصو وٺندو رهيو. 1897ع ۾ بمبئيءَ جي مشهور پارسي ”ٿئيٽريڪل ڪمپني“، بنارس ۾ آئي ۽ آغا حشر ان ڪمپنيءَ جا ڊراما ڏٺا ته کيس به لکڻ جو شوق جاڳيو. منشي احسن لکنوي، انهيءَ ڪمپنيءَ جو ڊرامه نگار هو، آغا صاحب ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس همت افزائيءَ سان ئي هن پهريون ڊرامو ’آفتاب محبت‘ 1901ع ۾ لکيو، جيڪو اسٽيج نه ٿي سگهيو، پر شايع ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ آغا حشر بمبئيءَ هليو ويو، ۽ اتي ’الفريد ناٽڪ ڪمپنيءَ‘ ۾ ڊراما نويس طور مقرر ٿيو. اتي هن پهريون ڊرامو ”مريد شڪ“ هو، جيڪو شيڪسپيئر جي ڊرامي ’دي ونٽرس ٽيل‘ (The Winter’s Tail) جو آزاد ترجمو هو. هي ڊرامو، تمام گهڻو ڪامياب ويو، جنهن کان پوءِ هو مسلسل ڊراما لکندو رهيو.

1910ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ پنهنجي ذاتي ڪمپنيءَ جو قيام ڪيائين، پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي. ان کان پوءِ دهليءَ ۾ ’انڊين شيڪسپيئر ڪمپنيءَ‘ ۽ ڪلڪتي ۾ ’ميڊن ٿئيٽر‘ سان لاڳاپيل رهيو. ميڊن ٿئيٽر جي ملازمت ترڪ ڪرڻ کان پوءِ فلمي دنيا ۾ آيو. فلمي دنيا اختيار ڪرڻ کان پوءِ، 1935ع ۾ لاهور آيو.

آغا حشر هڪ سٺو شاعر به هو، سندس نظم بي انتها مقبول ٿيا. ”ڪليات آغا حشر“ ۾ سندس سڄي شاعري شامل آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ حسن نظاميءَ جي سياسي مهمن ۾ ساڻن گڏ رهيو. هن جي ڊرامن جو اثر سنڌي زبان جي ڪيترن ڊراما نگارن ورتو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ نه رڳو آغا حشر جا اردو ڊراما اسٽيج ٿيا، پر سندس ڊرامن جا سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيا. سنڌ جي ڊرئميٽڪ سوسائٽين پڻ آغا حشر جو ڪافي اثر قبول ڪيو. 25 اپريل 1935ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]