آرڪائيوز

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
Archiv-Bild2.jpg

آرڪائيوز[1] يوناني ٻوليءَ جي لفظ (Archeion) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ انسائيڪلوپيڊيا آف لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ هن طرح بيان ڪئي وئي آهي: Archives defined as the records of any institution, public or private, preserved because of their value. ]ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري اداري جو رڪارڊ، جنهن کي ان جي اهميت سبب محفوظ ڪيو ويو هجي.[ آرڪائيوز انهن دستاويزن کي چئبو آهي، جن جي تاريخي ۽ تحقيقي حيثيت هجي ۽ انهن کي سرڪاري دستاويزي مرڪزن يا محڪمن، قومي يا صوبائي دستاويزي ادارن يا تحقيقي ڪتبخانن ۾ منتقل ڪيو ويو هجي ۽ هڪ خاص مدي گذرڻ بعد عوام کي تحقيق ڪرڻ جي لاءِ فراهم ڪيا وڃن يا انهن کي ڇپرائي عوام تائين پهچايو وڃي، جيئن هو انهن مان فائدو حاصل ڪري سگھن؛ يا ڪو منظم ادارو، سرڪاري يا خانگي ادارن مان حاصل ڪيل تاريخي رڪارڊ کي خاص طرح سان منظم انداز ۾ تشريح ۽ ترتيب سان رکي ۽ پڙهندڙن کي مطالعي لاءِ ڏئي. انگريز ماهر سر هلاري جنڪنسن (Sir Hilary Jinkinsion) جنهن کي انگريزي آرڪائيوز جو ابو پڻ چيو ويندو آهي، آرڪائيوز جي وصف هن طرح بيان ڪئي آهي:
”روزاني وهنوار هلائڻ دوران انتظاميا يا ڪاروبار هلائيندڙ ڪاموري (سرڪاري يا خانگي) جي انتظامي ڪمن ڪارين سبب وجود ۾ آيل دستاويز، جيڪي استعمال ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪيا وڃن، يعني اهي ڪاغذ/دستاويز جيڪي روزاني ڪم ڪار سبب وجود ۾ اچن ۽ پوءِ حوالي طور يا تحقيق ڪرڻ لاءِ حفاظت سان رکيا وڃن، جيئن انهن مان ضرورت پوڻ تي معلومات حاصل ڪري سگهجي؛ يا اهڙو مواد جيڪو عوامي هجي يا ڪنهن جو ذاتي هجي يا ابن ڏاڏن کان حاصل ڪيل هجي، ان کي آرڪائيوز چئجي ٿو.“

آرڪائيوز ڇو ۽ ڇا لاءِ؟[سنواريو]

هر قوم پنهنجي مستقبل جي تعمير پنهنجي ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ ڪندي آهي. آرڪائيوز جيڪي عام طرح تحرير جي شڪل ۾ هوندا آهن. ڪنهن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، ڪنهن قوم جي عروج ۽ زوال، ڪنهن تهذيب جي ارتقا، ڪنهن معاشري جي ثقافت، طرز زندگي ۽ لاهن چاڙهن جي عڪاسي ڪندا آهن.

آرڪائيوز جي اهميت[سنواريو]

اڄ جي دنيا ۾ آرڪائيوز جي اهميت کان سڀئي مهذب ۽ ترقي يافته قومون بخوبي واقف آهن ۽ پنهنجي اهم تحريرن ۽ دستاويزن کي محفوظ ڪنديون رهنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي تحريرون نظرين، تصورن، تجربن ۽ ڪارنامن جو ثبوت آهن، جن جي ذريعي ماضيءَ جو مڪمل -جائزو- حاصل ڪري سگھجي ٿو.

  • شهادتي اهميت

آرڪائيوز اداري/شخص جي بناوت، ڪم، طريقيڪار ۽ ڪارڪردگيءَ جو ثبوت فراهم ڪن ٿا، جن جي ڪري انهن جو جنم ٿئي ٿو.

  • انتظامي اهميت

آرڪائيوز جنم ڏيندڙ اداري جي انتظام ۽ انتظاميه متعلق مڪمل ڄاڻ فراهم ڪري ٿو ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ مستقبل جي منصوبن لاءِ رهنمائي پڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي.

  • قانوني اهميت

آرڪائيوز ڪنهن به قانوني فيصلي ڏيڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿو، اڳ ٿيل قانوني فيصلن کي حوالي طور استعمال ڪري سگھجي ٿو.

  • دستاويزي اهميت

ڪنهن به معاملي ۾ دستاويزي ثبوت طور پيش ڪري سگھجي ٿو.

  • اطلاعي قدر ۽ قيمت

آرڪائيوز ۾ موجود مواد کي حوالي طور پيش ڪري سگھجي ٿو.

  • تاريخي اهميت

آرڪائيوز جنم ڏيندڙ اداري، ملڪ يا فرد جي مڪمل تاريخ فراهم ڪن ٿا.

آرڪائيوز جا گروپ[سنواريو]

عام طور آرڪائيوز کي ٽن خاص گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، اهي گروپ آرڪائيوز ۽ انهن کي محفوظ ڪندڙ ادارن جي دائري متعلق معلومات فراهم ڪن ٿا ۽ انهن گروپن جي روشنيءَ ۾ انهن ادارن ۾ موجود آرڪائيوز جي قسم ۽ واسطيداريءَ متعلق معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي، اهي گروپ هي آهن:

سرڪار جو اهو ادارو، جنهن کي قانوني طور سرڪاري دستاويزن جي سنڀال جي ذميداري سونپيل هجي ۽ اهو دستاويز محفوظ ڪري رکي، جيئن نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان، اسلام آباد ۽ صوبائي آرڪائيوز جا ادارا.

  • ان هائوس آرڪائيوز

ڪنهن به اداري/جماعت جو اهو حصو، جنهن کي ان اداري/جماعت پنهنجو رڪارڊ/مواد محفوظ ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون هجن ۽ ان سان گڏ اهو ادارو پاڻ جهڙن ٻين ادارن جو رڪارڊ به پاڻ وٽ محفوظ رکي، ان کي ان هائوس آرڪائيوز چئجي ٿو، جيئن فارين آفيس آرڪائيوز، اسلام آباد.

  • گڏ ڪيل/جمع ڪيل آرڪائيوز

ڪو ادارو يا ڪنهن اداري جو اهڙو حصو جنهن جو خاص مقصد ۽ ڪم دستاويزن کي گڏ ڪرڻ هجي، پوءِ اهي چاهي ڪنهن اداري، جماعت، خاندان يا ڪنهن خاص شخص جا هجن يا ڪنهن خاص موضوع تي هجن، ان کي گڏ ڪيل آرڪائيوز چيو ويندو آهي. جيئن، مخطوطن جي لائبرري، يا اهڙا ڪي ٻيا ادارا جيڪي ڪنهن خاص موضوع متعلق مواد محفوظ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيا ويا هجن.