مواد ڏانھن هلو

آرڊيننس 20

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آرڊيننس 20 (انگريزي ٻولي: Ordinance XX) ھڪ قانوني آرڊيننس آھي جيڪو اڳوڻي پاڪستاني صدر جنرل محمد ضياءُ الحق جي سربراھيءَ ۾ حڪومت پاڪستان، پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. ھن قانون جو مقصد احمديہ جماعت جي پيروڪارن تي ڪجهہ پابنديون مڙھڻ ھو.[حوالو گهربل] ھن قانون سان احمديہ جماعت جي پيروڪارن جي پنھنجو پاڻ کي مسلمان ظاھر ڪرڻ ڏوھ قرار ڏنو ويو. ھنن جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي مسلمان چوڻ، اسلامي طريقي سان سلام ڪرڻ، ۽ ٻين ڪيترن ئي اسلامي اصطلاحن جو استعمال منع قرار ڏنو ويو.[حوالو گهربل]

ھن قانون جي ذريعي پاڪستان جي فوجداري ضابطہ جي شق 298 ۾ ٻن حصن جو اضافہ ڪيو ويو آھي.

1. ھن شق جي مطابق "قادياني گروھ يا لاھوري گروھ جي ڪنھن رڪن کي جيڪو پاڻ کي 'احمدي' يا ڪنھن ٻي نالي سان پڪاري" جي لاءِ ممنوع قرار ڏنو ويو آھي تہ ھو (الف) ڳالھائي، لکي يا ڪنھن ٻي طريقي سان ڪنھن خليفي يا آنحضور ﷺ جي ڪنھن صحابي کان علاوه ڪنھن کي ""امير المومنين" يا "خليفہ المومنين" يا "خليفہ المسلمين" يا "صحابی" يا "رضي الله عنه" چئي. (ب) آنحضور ﷺ جي گھروارين کان علاوه ڪنھن کي "ام المومنين" چئي. (ج) آنحضور ﷺ جي خاندان جي اھل بيت کان علاوه ڪنھن کي "اھل بيت" چئي. (د) پنھنجي عبادت گاھ کي "مسجد" چئي.

انھن سڀني امرن جي لاءِ اھڙو ڪرڻ وارو احمدي ٽن سال تائين قيد ۽ جرماني جي سزا جو حقدار ٿيندو.

2۔ ھن شق جي مطابق "قادياني گروھ يا لاھوري گروھ جي ڪنھن رڪن کي جيڪو پنھنجو پاڻ کي 'احمدي' يا ڪنھن ٻئي نالي دسان پڪاري" پنھنجي عبادت جي لاءِ سڏڻ جي طريقي کي "اذان" چوڻ مسلمانن جي طريقي تي اذان ڏيڻ جي صورت ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ جرماني جي سزا جو حقدار ھوندو.

ھن شق جي تحت احمدي چورائڻ وارن جي لاءِ خواھ ھو قادياني فرقي سان تعلق رکن يا لاھوري فرقي سان، قرار ڏنو ويو تہ جيڪڏھن ھو پنھنجو پاڻ کي "سڌو سنئون يا بلواسطہ" مسلمان چون يا پنھنجي مذھب کي اسلام چون يا پنھنجي مذھب جي اشاعت يا تبلیغ ڪن يا ڪنھن بہ طريقي تي مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪن تہ انهن سڀني صورتن ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ جرماني جا مستحق ٿيندا.

پڻ ڏسو

[سنواريو]