احمدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
احمديہ برادري

قادياڻ انڊيا، ۾ اڇو مينار ۽ احمدي جماعت جو جھنڊو
تشڪيل 23 مارچ 1889
پايو وجهندڙ مرزا غلام احمد
صدر دفتر ٽلفورڊ ( 2019کان وٺي ), يونائيٽيڊ ڪنگڊم ( 1984 کان وٺي)
رڪنيت ھڪ ڪروڙ (پوئلڳ:2 ڪروڙ)
Leader
مرزا مسرور احمد
ويب سائٽ alislam.org

احمديہ ڪميونٽي ھڪ تڪراري اسلامي تبليغي تحريڪ جو نالو آهي جنھن جو بنياد مرزا غلام احمد (1835 - 1908) برٽش انڊيا واري دؤر ۾ وڌو. ان جي شروعات اتر انڊيا جي ھڪ شھر قادياڻ ۾ 1889 ۾ ٿي ۽ اتان تبليغ ذريعي دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڦھلجي وئي جن ۾ آفريڪا، ڏکڻ-اوڀر ايشيا، برطانيا، اتر آمريڪا شامل آهن[1]. ان تحريڪ جي رڪنن ۾ گھڻي ڀاڱي پئسي وارا ماڻھو شامل آهن. 1914 ۾ اھا ٻن ڌڙن ۾ ورھائجي وئي جن مان ھڪ ڌڙو قادياڻي ۽ ٻيو لاھوري سڏجڻ لڳو. قادياڻي ڌڙي پنھنجو نالو احمديہ مسلم ڪميونٽي رکيو لاھوري ڌڙي جو نالو اسلامي تبليغ واري احمديہ ايسوسيئيشن ھيو. ٻنھي گرپن پنھنجي جماعتن ۾ تبليغ ذريعي رڪنن جو وڏو اضافو ڪيو[1]. 2001 ۾ دنيا ۾ احمدي ڪميونٽي ۾ شامل ماڻھن جي تعداد جو تخمينو ھڪ ڪروڙ کان مٿي ھيو پر ان ڪميونٽي مطابق تعداد ان کان گھڻو مٿي آھي ۽ وڌي رھيو آھي[1].

نالو[سنواريو]

ھن جماعت جو احمدي نالو جماعت جي مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي قرآن ۾ ڏنل نالي احمد جي نسبت سان رکيو ويو[2][3][4][5].

عقيدو[سنواريو]

احمدي ڪميونٽي جو عقيدو آهي تہ اوڻويھين صدي ۾ اسلام زوال طرف وڌي رھيو ھو ان ڪري خدا مذھب جي تجديد خاطر غلام احمد قادياڻي کي دنيا ۾ موڪليو. اھي قرآن کي پنھنجو پاڪ ڪتاب سمجھن ٿا ۽ انھن قرآن جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجما پڻ ڪيا آھن. احمدي اسلام جي پنج بنيادي رڪنن : ڪلمه طيب، نماز، زڪوات، روزو ۽ حج ۾ يقين رکندڙ آھن. انھن جو خيال آهي تہ غلام احمد خدا طرفان موڪليل پيغمبر مسيح[6][7][8][9] ۽ مھدي ھيو جنھن جي اڳواٽ بشارت ٿيل ھئي ۽ جيڪو مسلمان ان کي نہ ٿو مڃي اھو ڪافر آهي[1]. ھنن جي دعوا مطابق غلام احمد ڀڳوان ڪرشن ھيو جيڪو انساني روپ ۾ ڌرتي تي پيدا ٿيو[1]. ھنن جو عقيدو آهي تہ غلام احمد کان پوء خلافت جو اختيار خليفي جي ذريعي جاري آھي ھنن جي ان عقيدي تي مسلمانن، ھندن ۽ عيسائين مان ڪافي ماڻھن اعتراض اٿاريا. قدامت پسند اسلامي گروھن پاران انڊيا ۽ پاڪستان ۾ انھن تي حملا ڪري نشانو بڻايو[1]. پاڪستان ۾ سني مسلڪ وارن طرفان زبردست مخالفت ڪري لاھوري گروپ ھاڻي مرزا غلام احمد کي پيغمبر تسليم نہ ٿو ڪري پر کيس مجدد سمجھي ٿو. 1974 ۾ پاڪستان ۾ احمدي جماعت وارن کي آئين ۾ ترميم ڪري غير مسلم اقليت قرار ڏنو ويو ھو جنھن بعد 1984 ۾ انھن جي سرگرمين تي سرڪار پاران پابندي لڳائي وئي.[1].

ختم نبوت[سنواريو]

احمدين مطابق قرآن خدا جو انسانن لاء آخري پيغام آھي ۽ محمد صہ شريعت ڏيندڙ آخري نبي آهي پر خدا طرفان چونڊيلن سان رابطن جو سلسلو جاري رھندو جيڪي پيغمبر محمد صہ جي مڪمل پيروي ڪندڙ ھوندا.[10] اھڙي طرح ھنن جي دعوا آھي تہ غلام احمد قادياڻي خدا جو چونڊيل پيغمبر آھي. ان دعوا جي ڪري اھي اسلامي دنيا اندر مسلمانن ۾ تڪراري بڻجي ويا.

صدر مقام[سنواريو]

1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاست بعد ھنن پنھنجي صدر مقام پاڪستان جي پنجاب ۾ ربوا منتقل ڪيو. ان بعد 1980 واري ڏھاڪي ۾ پاڪستان اندر سخت مخالفت جي ڪري انھن جي چوٿين خليفي مرزا طاھر احمد صدر مقام ربوا کان لنڊن منتقل ڪيو[1]. ھن وقت ان ڪميونٽي جو خليفو مرزا مسرور احمد آھي جيڪو مرزا طاھر احمد جو پٽ ۽ مرزا غلام احمد جو پڙ پوٽو آهي[1].

ساڳي نالي سان ٻيون جماعتون[سنواريو]

مصر ۾ ھڪ صوفي بزرگ احمد البدوي (1200-1276) جا عقيدتمند پڻ احمدي سڏبا آهن جن جو ھن جماعت سان ڪوبه تعلق ناهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 23 ,24 ,
  2. I. Y. Kotin, 'Ahmaddiya' in M. Juergensmeyer & W. C. Roof (eds.), Encyclopedia of Global Religion, SAGE Publications, 2012 p.21
  3. Steffen Rink (1997). Religionen feiern: Feste und Feiertage religiöser Gemeinschaften in Deutschland. Diagonal-Verlag. p. 137. ISBN 9783927165342. https://books.google.com/?id=5VcRAQAAIAAJ. 
  4. Samina Awan (2009), ‘Redefinition of Identities, Subalterns and Political Islam: A Case of Majlis i Ahrar in Punjab’, Journal of the Research Society of Pakistan, 46 (2), pp.188–9
  5. Murtaza Khan: The Name Ahmadiyya and Its Necessity آرڪائيو ڪيا ويا 2008-07-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., 1945
  6. Claudia Preckel. (2013, p.174), 'Screening Ṣiddīq Ḥasan Khān's Library: The Use of Ḥanbalī Literature in 19th century Bhopal' in B. Krawietz & G. Tamer (eds.), Islamic Theology, Philosophy and Law: Debating Ibn Taymiyya and Ibn Qayyim al-Jawziyya, Berlin: Walter de Gruyter, p.208
  7. Andrea Lathan (2008) ‘The Relativity of Categorizing in the Context of the Aḥmadiyya’ Die Welt des Islams, 48 (3/4): 376
  8. Antonio R. Gualtieri (1989). Conscience and Coercion: Ahmadi Muslims and Orthodoxy in Pakistan. Guernica Editions. p. 20. ISBN 978-0-920717-41-7. https://books.google.com/?id=iCwHaOabz7YC&pg=PA20. 
  9. B.A Rafiq (1978). Truth about Ahmadiyyat, Reflection of all the Prophets. London Mosque. ISBN 0-85525-013-5. https://www.alislam.org/books/truth/reflection.html. 
  10. The Promised Messiah and Mehdi – The Question of Finality of Prophethood, by Dr. Aziz Ahmad Chaudhry, Islam International Publications Limited.