ليلي ۽ ماجنون (بيلٽ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Scene from the 2001 production

ليلي ۽ ماجنون (انگريزي ٻولي: Leyli and Majnun (ballet)) (آذربائيجاني: Leyli və Məcnun) پريمي جوڙو جي هڪ ڪلاسيڪل آذربائيجاني ڪهاڻي آهي[1] اها آذربائيجان جي موسيقار گارا گارائيف طرفان ون-ايڪٽ وارو هڪ ناٽڪ ناچ (بيلٽ) آهي. لبريٽو نظامي گنجوي جي نظم ليلا ۽ ماجنون (12 صدي عيسوي، "خامسا" جو ٽيون ڪتاب) تي ٻَڌل آهي.[2] اصل پروڊڪشن جو ڪوريوگرافر نيليا نازروفا هئي. آر. ڊي عبدالوئيف پاران منعقد ٿيندڙ پريميئر، 25 مئي 1969 تي باڪو ۾ اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيلٽ ٿيٽر ۾، بنو ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ وي.اين پيليونيو مجنون طور ۽ ٽي.اين ممودوفا ليلي جي حيثيت ۾ ڪردار نڀايو. نازروفا جي پراڊڪشن ان ناٽڪ ناچ ان دي ورلڊ آف ليجنڊز جو بنياد هيو، جيڪو سال 1975 ع ۾ رچنا سٿ (ڪريئيٽو اسوسيئيشن) 'ايڪران' پاران فلمايو ويو.2001 ۾، ڪوريوگرافر جارجي اليسيڊز ليلي ۽ ماجنون جي نئين سِر پراڊڪشن ڪئي اها ڪارڪردگي 17 فيبروري تي (سولوئسٽس آر. اسڪيندروف ۽ جي. ميرزايف) ڪئي هئي، ۽ ساڳئي سال 4 ڊسمبر تي ناٽڪ ناچ (بيليٽ) کي ماسڪو ۾ هڪ ٽوئر مهل بولشوئي ناٽڪ گھر (ٿيٽر) جي اسٽيج تي ڏيکاريو ويو هيو.[3]

ليلي ۽ مجنون جي ڪلاسيڪي ڪهاڻي[سنواريو]

ڪلاسيڪي روايتي ليلي ۽ مجنون جي ڪهاڻي جنهن کي لارڊ بائيرون پاران "اوڀر جو روميو ۽ جوليئيٽ" سڏيو آهي،[4] عربي ، فارسي ، آذربائيجاني ۽ هندستاني ثقافتن ۾ هڪ ڊگهي وقت کان وٺي  موجود رهي آهي.[5][6]'ليلا ۽ مجنون' جو داستان ايشيا ۾ ائين مشهور آهي، جيئن  'روميو ۽ جوليو' يورپ ۾ مشهور آهي.[7] ننڍپڻ کان ئي، سندن پريم کي والدين پاران ناپسند ڪرڻ سبب هي هڪٻئي کا جدا ٿي ويندا آهن: سندس پيار لاءِ لاڳاتار ايندڙ جنوني خيالن کي ديوانگي وانگر ڏٺو ويو آهي، ۽ هن جو پرڻوڪنهن ٻئي شخص سان ٿي وڃي ٿو. [8]

آخرڪار، سڀ جسماني ۽ نفسياتي خواهشن کي ختم ڪرڻ کانپوءِ مجنون جهنگلي جانورن جي سنگت کي انسانن جي صحبت تي ترجيح ڏيندي بيابان ۾ ڀڄي هليو ويو. اتي هو جانورن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ ليلا لاءِ پنهنجي شاعري پڙهندو رهندو هيو، بُک سبب هو لاڳاتار بيمار ٿئي ٿو ۽ نيٺ ديوانگيءَ ۾ ئي مري وڃي ٿو.





پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Kaufm, Sarah L. Kaufman closeSarah L.; Arts, Ance Critic Covering; critic, entertainmentEmailEmailBioBioFollowFollowDance. "Review | “Layla and Majnun”: An Azerbaijani dance opera for the ages". Washington Post. حاصل ڪيل 2019-12-04. 
  2. "Leyli and Majnun ballet to be premiered in Australia". AzerNews.az. حاصل ڪيل 2019-12-04. 
  3. "ЛЕЙЛИ И МЕДЖНУН в энциклопедии балета". www.ballet-enc.ru. حاصل ڪيل 2019-11-04. 
  4. "6.3 The Legend of Leyli and Majnun". www.azer.com. حاصل ڪيل 2019-12-04. 
  5. Macaulay, Alastair (2016-10-02). "Review: From Mark Morris, a Tale of Love Refracted and Multiplied" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2016/10/03/arts/dance/mark-morris-layla-and-majnun-review.html. 
  6. Winship, Lyndsey (2018-11-14). "Layla and Majnun review – Yo-Yo Ma and Mark Morris's swirling tragedy" (en-GB ۾). The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/stage/2018/nov/14/layla-and-majnun-review-yo-yo-ma-and-mark-morris-swirling-tragedy-sadlers-wells. 
  7. "'Layla and Majnun' - Grand and iconic 'dance opera' production of Asia's 'Romeo and Juliet' premieres in the UK...". Asian Culture Vulture. حاصل ڪيل 2019-12-04. 
  8. "Music is the star of juicily choreographed Layla and Majnun – review". The Independent. حاصل ڪيل 2019-12-04.