آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريسشن
قسم پبلڪ ڪمپني
تجارت بطور سانچو:Karse
ايل اہس اي: OGDC
صنعت تيل ۽ گيس
قيام 4 اپريل 1961 (1961-04-04)
صدر دفتر اسلام آباد، پاڪستان
خدمتي علائقو پاڪستان
اھم شخصيتون ذاھد مظفر
(چيئرمين)[1]
صنعتي پيداوار تيل، قدرتي گيس
آمدني US$4.5 ارب ڊالر(2015)[2]
خالص آمدني US$2.2 ارب ڊالر (2015)[3]
ڪل اثاثا US$3.93  ارب ڊالر (2013)[3]
ڪل ايڪوئيٽي US$3.07 ارب ڊالر (2013)[3]
ملازم 11,000[4]
ويب سائٽ OGDCL.com

آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (انگريزي: Oil and Gas Development Company Limited )(او. جي. ڊي. سي) حڪومت پاڪستان جي انتظام هيٺ تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپني آهي. هن جو قيام 1961ع ڌاري عمل ۾ آيو. شروع ۾ هڪ معاهدي تحت روس جي حڪومت اوزار ۽ ماهر مهيا ڪيا، جن جي مدد سان تيل ۽ گئس جي ڳولا وارو سلسلو شروع ڪيو ويو. تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ کوهه کوٽڻ ۽ اتان تيل ۽ گئس ڪڍڻ او. جي. ڊي. سي جي ذميواري آهي. هن ڪمپني پنهنجي قيام کان وٺي هينئر تائين وڏي پئماني تي ارضياتي ۽ جاگرافيائي سروي ڪري تيل ۽ گئس جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪندي ڪيترائي کوهه کوٽي چڪي آهي. هيءَ ڪمپني نه رڳو خشڪي تي پر سمنڊ ۾ به تيل جي ڳولا ۾ مصروف عمل آهي.[5]

سنڌ ۾ او. جي. ڊي. سي جون ڪيتريون ئي فيلڊون قائم آهن، جن ۾: ٽنڊو آدم آئل ڪامپليڪس حيدرآباد، قادرپور گئس فيلڊ گهوٽڪي، ٻوٻي آئل ڪامپليڪس سانگهڙ، ڪُنر گئس فيلڊ ٽنڊو الهيار، ريتي مارو گئس فيلڊ ڏهرڪي، دڙو گئس فيلڊ ٽنڊو محمد خان، سنجهورو گئس فيلڊ سانگهڙ، نور بنگلا گئس فيلڊ بدين، هينڊي سري گئس فيلڊ ڄامشورو شامل آهن. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به او. جي. ڊي. سي جون ڪافي فيلڊون قائم آهن.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. "ODGCL – Board of Directors". http://www.brecorder.com/top-stories/0/1181256/. حاصل ڪيل 9 May 2014.  External link in |publisher= (مدد)
  2. "Oil & Gas Development investor face sheet" (PDF). Forbes. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Oil & Gas Development on the Forbes 2000 List". Forbes. 
  4. "OGDCL 04-09-07 - 1.pdf" (PDF). حاصل ڪيل 24 September 2011. 
  5. 5.0 5.1 انسائيڪلوپيديا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:Petroleum industry سانچو:KMI 30 سانچو:KSE 30