مياڻي جي جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مياڻيء جي جنگ
سلسلو the conquest of Sindh
تاريخFebruary 17, 1843
مقاممياڻي، سنڌ
نتيجو ايسٽ انڊيا ڪمپني جنگ کٽي
شريڪ جنگ
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بمبئي واري فوج سنڌ جا ٽالپر امير
سپهہ سالار ۽ رهنما
ميجر جنرل چارلس نيپيئر مير نصير خان ٽالپور
ملوث يونٽ
1st Troop Bombay Horse Artillery,
9th Bombay Light Horse,
12th Bombay Native Infantry,
21st Bombay Native Infantry,
25th Bombay Native Infantry,
22nd Cheshire Regiment of foot,
Poona Irregular Horse
طاقت
2,800[1] 30,000[1]
نقصان
39 ڄڻا مارجي ويا، 231 ڦَٽجي پيا ~2000 ڄڻا مارجي ويا

مياڻي جي جنگ 16 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ سنڌي فوجن جو لشڪر ڪٺو ٿيو، جنهن جو انگ ٻاويهه هزار هو. سنڌين وٽ پندرهن توپون هيون. چارلس نيپئر وٽ اٺاويهه سئو سپاهي ۽ ٻارهن توپون هيون. چانڊيا قبيلي جو سردار ڪجهه پنڌ تي ڏهه هزار لشڪر سان انگريزن کي مدد ڏيڻ جي ارادي سان تيار بيٺو هو. 17 فيبروري تي صبح جو سويل جنگ جو طبل وڳو. هڪڙو گولو ٽالپرن جي بارود خاني تي ڪرڻ ڪري سڄو بارود سڙي ويو. ميرن جي توبچي هاويل جي غداري ڪري سموري توپخاني تي دشمن قبضو ڪري ورتو. آهستي آهستي ميرن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي. مير نصير خان يارهن سئو سوار وٺي واپس حيدرآباد جي قلعي ۾ پهتو. مياڻي جي جنگ جو ذڪر ڪندي ڪيپٽن پوسٽنس پنهنجي تصنيف ’پرسنل آبزرويشن آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ” سنڌي فوجي انگريز حملي آورن خلاف ايئن وڙهيا، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي کان به بدرجها عزيز ڪنهن شيءِ لاءِ وڙهندو آهي.“ 18 فيبروري 1843ع تي مير نصير خان پنجن ميرن سان گڏ پنهنجون تلوارون ڇوڙي، انگريز فاتح اڳيان پٽ تي رکيون..[2]

هيءَ جنگ 17 فيبروري 1843ع تي صبح جو سج لهڻ سان ئي شروع ٿي[3].

مياڻي جي جنگ ۾ مملوڪ شيدي گھوڙي سوار حملو ڪندي

مياڻي جي جنگ 17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد سنڌ جي شهداداڻي ٽالپور گهراڻي جي حاڪم، مير نصير خان ٽالپور غازي، ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل چارلس نيپيئر وچ ۾ ڦليلي واهه جي ڪناري لڳي. هن فيصلو ڪندڙ جنگ ۾ چارلس نيپئر دوکي سان ٽالپور ميرن جي بلوچ فوج کي هارائي حيدرآباد سنڌ تي قبضو ڪيو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Sir Charles James Napier - Encyclopædia Britannica Eleventh Edition
  2. اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  3. شبینہ, فراز. "میانی کی جنگ: وہ میدان جہاں چارلس نیپیئر نے تالپور سلطنت کو شکست دے کر سندھ فتح کیا". بی بی سی اردو. حاصل ڪيل June 23, 2023.