جي ايم سيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
غلام مرتضي سيد
Ghulam Murtaza Syed

سنڌي قومپرستي جو باني
سنڌ جي تعليم جو وزير
عهدو سنڀاليو
18 مارچ 1940 – 7 مارچ 1941[1][2]
ذاتي تفصيل
پيدائش 17 جنوري 1904(1904-01-17)
سن، سنڌ، برطانوي هندستان (هاڻ پاڪستان جو حصو)
وفات 25 اپريل 1995(1995-04-25) (عمر 91 سال)
ڪراچي
آخري آرامگاهه سن
ٻار ٻچا سيد امير حيدر شاهه، سيد امداد شاه، زرين تاج، شماع ايمن ۽ درشهوار سيد
ماءُپيءُ سيد محمد شاهه ڪاظمي
سڃاڻپ سنڌي قوم پرستي، صوفي ازم، تاريخ، ۽ اسلامي فلسفو
اعزاز آزادي جي جنگ جا دوست (بنگلاديش حڪومت)[3]

غلام مرتضي سيد (انگريزي ٻولي: Ghulam Murtaza Sayed، پيدائش: 17 جنوري 1904ع – وفات: 25 اپريل 1995ع)،[4] جيڪو جي ايم سيد يا سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ جي چوٽي جو سياستدان ۽ عالم هو.[5] 1943ع ۾ هي پاڪستان جي حق ۾ برطانوي سنڌ اسيمبلي (هاڻي پاڪستان جو حصو) مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو.[6] سنڌين لاءِ الڳ وطن، سنڌوديش جي آزادي جا بنياد رکيا،[7] جنهن لاءِ هن کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو.[8]

تعارف[سنواريو]

جي. ايم. سيد جو پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھہ ولد سيد محمد شاھہ آهي. سندس والد بزرگوار انگريز دور جو هڪ اَرڏو شخص ۽ زميندار ٿي گذريو آهي، جنهن تي سڄي عمر انگريزن جي ڪَڙي نظر رهي ۽ شهر ۾ هُن جي چُرپُر تي نظرداريءَ لاءِ پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشهور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سَنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي. مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن: هڪ سيد حيدر شاھہ سَنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبريءَ هيٺ ميران محمد جونپوريءَ سان درياهي جنگ ڪري، کيس ڪابل ڀَڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٽيون بزرگ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاھہ جو اُهڃاڻ، سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي.غلام رباني آگرو لکي ٿو تہ: سائين جي.ايم.سيد سڄي هندستان ۾ پهريون مسلم ليگي اڳواڻ هو، جنهن سنڌ جي چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان - ٺهراءُ پاس ڪرايو[9].

خانداني پس منظر[سنواريو]

جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاھہ سَنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو. سندس جنم اڳوڻي دادو ضلعي ۽ هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي جي تاريخي شهر سن ۾ 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو. هي پنهنجي والد سيد محمد شاھہ جو ٻيو نمبر فرزند هو. اڃا 16 مهينن جو مَس ٿيو، تہ سندس والد، خانداني جهيڙي جي ڪري، 1 نومبر 1905ع تي شهيد ٿيو، سندس وڏي ڀاءُ سيد احمد شاھہ 11 مهينن کان پوءِ 29 نومبر 1906ع تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ننڍڙي سيد کان سواءِ سڄي ڪُٽنب ۾ ڪو بہ مرد ماڻهو نه بچيو هو، جيڪو سندس سنڀال ڪري. اُن ڪري هن جي سنڀال سندس ٽن پُڦين، ٻن مائرن ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. خاندان ۾ ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڪو بہ مرد نہ هئڻ ڪري، سندس سڄي ملڪيت اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان ’ڪورٽ آف وارڊس‘ جي سنڀال هيٺ، 1905ع کان 1921ع تائين رهي، جتان گُذر معاش لاءِ معمولي رقم ملڻ سبب اڪثر، ڪارا ڪمدار ۽ نوڪر (پگهار نه ملڻ ڪري) ڪم ڇڏي ويا.

شادي ۽ تعليم[سنواريو]

سيد غلام مرتضيٰ شاھہ جي خانداني صورتحال ڏسندي، ننڍڙي هوندي ئي شادي عزيزن مان سيد ميرحسن شاھہ ڀاڻوٺيءَ جي نياڻيءَ، بيبي مريم سان، 20 اپريل 1910ع تي، ڇهن سالن جي عمر ۾ ڪرائي وئي، اُن وقت سندس بيبيءَ جي عمر 9 سال هئي. جي. ايم. سيد کي 01 جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي ٻاراڻو پڙهيو. ان کان پوءِ سن جي مُلا مڪتب ۾ قاضي فقير محمد وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، پر ٿوري وقت بعد جنوري 1913ع ۾ ٻيهر سنڌي اسڪول سن ۾ ماستر ڌرمداس ڀاڳو مل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان بعد ماستر ريواچند وٽ پڙهيو، جتان چار درجا پاس ڪرڻ بعد هيڊ ماستر وسڻ مل ٻالچند وٽ پنج درجا پاس ڪري ڇهين ۾ آيو. شهر ۾ وڌيڪ تعليم جو انتظام نہ هئڻ ڪري آخوند ميان سمن ولد محبوب ميمڻ وٽ قرآن شريف ناظره پڙهڻ ويٺو. ان سان گڏ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي محمد هاشم احمد ميمڻ سن واري وٽ ورتائين. ان دوران ميان حامد علي ميمڻ هالاڻيءَ واري وٽ سن ۾ ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو ۽ ڪجهه وقت ماستر نارائڻ داس وٽ بہ انگريزي پڙهيو. ان بعد مولوي الله بخش دادوءَ واري کي گهرائي، وٽس وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪيائين. ان ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي جي. ايم. سيد ڳوٺ ۾ عربي فارسي مدرسي جو بنياد وجهرايو تہ جيئن سندس ساٿي بہ ساڻس گڏجي پڙهي سگهن. مدرسي ۾ مولوي محمد سيال دادوءَ واري وٽ پڙهيو ۽ پوءِ ڪوشش ڪري سن ۾ ٽي درجا انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪرايائين. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ ننڍپڻ کان وٺي سماجي خدمت ۽ تعليم لاءِ وڏو چاهه هو. جي. ايم. سيد 15 سالن جي عمر ۾، 1919ع کان پنهنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سڀ کان اڳ هن سن شهر ۾ هڪ سماجي انجمن ’المسلمين‘ نالي قائم ڪري، ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ سماجي سُڌارن جا ڪم شروع ڪيا، ماڻهن کي واپار ڏانهن مائل ڪيو ۽ پوليس بدران اوطاقن ۽ مسجدن ۾ سماجي فيصلن جو رواج وڌو.

خلافت ڪانفرنس[سنواريو]

7، 8، 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير تراب علي شاھہ ۽ جان محمد جوڻيجي جي ڪوششن سان سنڌ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت پير رشدالله شاھہ جهنڊي واري ڪئي، جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا اڳواڻ آيا هئا. جي. ايم. سيد بہ ان اجلاس ۾ مخدوم معين الدين کنيارين واري ۽ سيد اسدالله شاھہ ٽکڙائيءَ سان گڏجي شريڪ ٿيو. ڪانفرنس کان موٽڻ بعد سن شهر ۾ 17 مارچ 1920ع تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ نور محمد، شيخ عبدالعزيز سکر وارو، مولوي محمد سليمان ٿرڙي محبت وارو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس کان اڳ، انگريز ڪمشنر مسٽر ٽامس ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي کيس چوائي موڪليو تہ هو هن ننڍيءَ عمر ۾ سياست ۾ نہ گِهڙي ۽ ڪانفرنس مُلتوي ڪرائي، ٻيءَ صورت ۾ سندس زمين ڪورٽ آف وارڊس ۾ هُئڻ ڪري کيس ملندڙ رقم بند ڪئي ويندي. پر جي. ايم. سيد انڪار ڪيو ۽ ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ ڪيترن مقامي زميندارن ڪمشنري درٻار جي ڪُرسين ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ تُرڪن جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا. هن 19 مارچ تي تُرڪن سان نـاانـصـافـيـن خـلاف سڄي سنڌ وانگر سن شهر ۾ بہ مڪمل هڙتال ڪرائـي. ان کان پوءِ هن 25 مارچ 1920ع تي مخدوم بلاول جي درگاھہ تي سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ اڪثر ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. انهيءَ دور ۾ جي. ايم. سيد جي مهاتما گانڌيءَ سان، 27 اپريل 1921ع تي سن ريلوي اسٽيشن تي ملاقات ٿي، جڏهن گانڌيجِي، حيدرآباد کان دادو وڃي رهيو هو. 19 مئي 1921ع کان هن کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ۽ شهر ۾ کاڌِي تيار ڪرڻ جا آڏاڻا قائم ڪرايائين. سندس اباڻي زمين ڪورٽ آف وارڊس ۾ هئڻ سبب سرڪار ناراض ٿي، جي. ايم. سيد جي گُذرمُعاش لاءِ مقرر رقم بند ڪري ڇڏي ۽ کيس سياست ۾ حصي نہ وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پر هيءُ نہ مُڙيو ۽ 1923ع تائين ان ۾ حصو وٺندو رهيو. کيس ان ڏس ۾ معاشي ۽ سماجي طرح ڪافي تڪليفون آيون.

سيدن جي جماعت[سنواريو]

مارچ 1922ع ۾ هن مخدوم ظهيرالدين (هالا)، سيد حاجي اسدالله شاھہ (ٽکڙ)، پير مولانا غلام مجدد سرهندي (مٽياري)، پير تراب علي شاھہ راشدي ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ جي سيدن ۽ پيرن جي فيڊريشن ٺهرائڻ جي تجويز تيار ڪئي تہ جيئن اُنهن مان بد رسمن، فضول خرچين، جهالت، مريدن کان نذر نياز وٺڻ ۽ سرڪاري لقب وٺڻ واريون بِدعتون ختم ڪري سگهجن. ان ڏس ۾ سنڌ جي مٽياري سيدن جي پهرين ڪانفرنس 16، 17، 18 مارچ 1924ع تي سن ۾ سڏائي، انجمن سادات مٽياري قائم ڪرايائين. جي. ايم. سيد جي زمين 8 اپريل 1924ع تي ڪورٽ آف وارڊس مان آزاد ٿي. هن 18 ڊسمبر 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت ۾ مرحوم نور محمد لاکير، سيد ميران محمد شاھہ، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ ٻين جي مدد سان، سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي.

مختصر ٽائيم لائين (ٽائمري)[سنواريو]

  • 01 جون 1925ع تي جي. ايم. سيد تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ بہ چونڊيو. هن خانبهادر ولي محمد حسن علي آفنديءَ کي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين ۽ شيخ عبدالحق کي جيڪب آباد مان گُهرائي ضلعي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو ائڊمنسٽريٽِو آفيسر ڪري رکايو ۽ ضلعي جي تعليم کي وڌايو. سن ۾ انگريزيءَ جا اي. وِي ڪلاس، ڇوڪرين جو اسڪول، نائيٽ اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرايائين ۽ اسٽيشن کان ڳوٺ تائين پڪو رستو ٺهرايائين.

اهڙيءَ طرح ضلعي لوڪلبورڊ ۾ رهي، ٺٽي ۾ بہ تعليمي ۽ سماجي ڪم ڪرايائين. جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي (اُن وقت ٺٽو ۽ دادو ضلعا اڃا نہ ٺهيا هئا) جي آبادگار ۽ زميندار طبقي جي سُڌاري لاءِ ڪراچي ضلعي جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسئيشن ٺهرائي، جنهن جو صدر سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ سجاول وارو، جنرل سيڪريٽري محمد جعفر خواجو ۽ جُوائنٽ سيڪريٽري جي. ايم. سيد ٿيو، جنهن جي مُکيہ مقصدن ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ لوئر (لاڙ) سنڌ جي آبپاشي بهتر بٹائڻ لاءِ الڳ لوئر سنڌ بئراج ٺهرائڻ ۽ اڳين واهن جو سُڌارو ڪرائڻ شامل هو.

  • 1926ع ۾ جي. ايم. سيد سيٺ حاجي عبدالله هارون کي هندستان جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌ مان ميمبر چونڊرائڻ ۾ مدد ڪئي.
  • 1927ع کان هن سن شهر ۾ شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي عام ماڻهن جي تعليم ۽ سماجي سُڌاري لاءِ ڪانفرنسن سڏائڻ جو رواج وِڌو، جن ۾ وقت جا وڏا عالِم شريڪ ٿيندا هئا. اِهو سلسلو 1929ع تائين هليو، جنهن کان پوءِ ان کي ميران محمد شاھہ جي مشوري سان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي تي 1930ع کان تبديل ڪيو ويو، جنهن اڳتي هلي ڀِٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي صورت حاصل ڪئي.
  • 1928ع ۾ جي. ايم. سيد شاھہ حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي تعليمي ۽ سماجي ڪانفرنس سڏائي ۽ اُن موقعي تي سن پرائمري اسڪول لڳ ٺهرايل دروازي جو نالو ”باب قليچ“ رکرايو، جنهن جو افتتاح ميران محمد شاھہ ڪيو. اُن ئي سال ميران محمد شاھہ کي بمبئي ڪائونسل جي ميمبر چونڊائڻ ۾ مدد ڪيائين. ساڳئي سال هن جمشيد نسروانجي مَهتا ۽ خانبهادر عزيز خان، ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽِو سوسائٽيز سان گڏجي ڪوآپريٽوِ تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ اٺن سالن تائين سنڌ ڪوآپريٽِو بئنڪ جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ساڳئي وقت سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر، ڪانگريس ڪميٽي سنڌ جو صدر، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو ميمبر، مسلم جمخاني ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيِءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين.
  • 1928ع ۾ لوڪلبورڊ جو ٽرم پورو ٿيو تہ نومبر جي نين چونڊن ۾ راءِ بهادر شيوارام ڏيون مل جهڙي بااثر ماڻهوءَ جي مُقابلي ۾ جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين چونڊيو. هن هڪدم ضلعي ۾ ڳوٺ سُڌار پروگرام تيار ڪري، ماڻهن جي سُڌاري ۽ حالتن جي جائزي لاءِ گشت ڪيو. ڪراچي ڳوٺ سُڌار هلچل جو بُنياد رکي، ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي سروي ڪرايائين. اُن سان گڏ اڇوتن جي ڀلائيءَ لاءِ بہ ڪم ڪيائين.

بمبئيءَ کان آزادي[سنواريو]

ان وچ ۾ 1928ع کان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي تہ سيد صاحب ان ۾ وڏي سرگرميءَ سان حصو ورتو. ان ڏس ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون:

  • (1) ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ
  • (2) حيدرآباد ۾ علامه يوسف علويءَ جي صدارت هيٺ
  • (3) ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي صدارت ۾ ٿيون، جن ۾ نہ رُڳو حصو ورتائين، پر سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي بہ ڪم ڪيائين. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۾ بہ ڪم ڪندو آيو. جڏهن انگريز سرڪار هندستان جي حالتن جي سُڌاري لاءِ سر جان سائمن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميشن موڪلي تہ جي. ايم. سيد ڪانگريس ۽ آزاد خيال سياسي ڪارڪنن سان گڏجي، ’گــو ســائمـن گــو‘ (Go Siman Go) تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو.

ادارا سازي[سنواريو]

10 جنوري 1929ع تي جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي ڪوآپريٽوِ انسٽيٽيوٽ جو بُنياد وجهرايو. ان ئي عرصي ۾ ڪراچيءَ جي ڳوٺ سُڌار جماعت ٺهرايائين، ڪوآپريٽوِ انسٽيٽيوٽ ۽ ڳوٺ سُڌار جماعت جو صدر جمشيد نسروانجي مهتا ۽ جنرل سيڪريٽري پاڻ ٿيو. ان جو مقصد ڳوٺاڻا رستا ٺهرائڻ، زناني ۽ مرداڻي تعليم کي زور وٺرائڻ، مڪاني هُنرن جي ترقي، صفائي ۽ صحت جو انتظام، سماجي سڌارا آڻڻ هو. 1929ع ۾ ئي سيد صاحب ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ سماجي شعور، ٻارن جي سنڀال ۽ پرورش، داين کي ويم لاءِ تربيت ڏيڻ ۽ زالاڻن هنرن جي ترقيءَ وغيره لاءِ ’رورل وومين ويلفيئر ائسوسيئيشن‘ ٺهرائي، جنهن جي صدر مسز هومي مهتا ۽ سيڪريٽري رڪمڻي آڏواڻي ٿي. هي عورتون ميجڪ لينٽرن، دوائون ۽ رانديڪا کڻي ڳوٺن جي زالن سان رابطي ۾ آيون.

  • جون 1930ع ۾ ڪراچي ضلعي جي مالوندن جي ڪانفرنس ڪوٺائي سندن ائسوسيئيشن ٺهرايائين، جنهن جو جنرل سيڪريٽري جي. ايم. سيد ۽ صدر حاجي مير محمد بلوچ مقرر ٿيا. ان ئي عرصي ۾ ڪراچي ضلعي جي ميربحرن جي ايسوسيئيشن قائم ڪرائي، مڇي ۽ پَلي جا ٺِيڪا، ميربحرن کي ڏياريائين ۽ سمنڊ جي مڇيءَ کي نيڪال ڪرايائين. 1930ع ۾ مدرسي هاشميه سجاول جو ٽرسٽي ٿي ڪم ڪيائين. 1930ع ۾ ئي ميرپورخاص ۾ جمشيد نسروانجي ميهتا، ڄيٺمل پرسرام، پرنسپال گوڪلي ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بُنياد وجهرايائين، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال جي. ايم. گوڪلي چونڊيو ۽ اُن جو سيڪريٽري ڄيٺمل پرسرام ۽ جُوائنٽ سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد چونڊيا ويا. جي. ايم. سيد سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ 1954ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندو آيو. ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ کان وٺي هارين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترا ڪم ڪيائين. ان عرصي دوران هو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ بہ سرگرم رهيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست بابت پروگرام ڪرايائين.

مئي 1930ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي اهم قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ انگريزي اخبار ڪڍڻ جو سوچيو ويو ۽ هڪ وفد سان گڏ محمد علي جناح سان ملي کيس سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ گذارش ڪيائين. ان ڏس ۾ نومبر ۾ ٻي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي شرڪت ڪئي.

  • 1931ع ۾ خان عبدالغفار خان سان ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ خالق ڏني هال ۾ ’نوجوان ڀارت سڀا‘ جي پليٽفارم تان سخت تقريرون ڪيائين. 1931ع ۾ ئي سباش چندر بوس ۽ ڀڳت سِنگھہ جي يوٿ ليگ جو ميمبر ٿيو.

جي. ايم. سيد ڪمشنر گبسن جي سخت مخالفت جي باوجود ضلعي لوڪلبورڊ جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن ۾ اڳتي هلي ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين رستو قائم ڪرايائين، ڪليڪٽر گبسن سندس سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان تنگ ٿي، تعلقي ڪوٽڙيءَ کي 01 آڪٽوبر 1931ع تي ڪراچيءَ کان جدا ڪرائي، نئين ٺهرايل دادو ضلعي ۾ شامل ڪرايو، جنهن ۾ ڪوٽڙي تعلقو، محال مانجهندن جي ايراضي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ميهڙ ڊويزن جا تعلقا، ميهڙ، ڪڪڙ، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ ملايا ويا. پر نين چونڊن ۾ نہ رڳو جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو پر ضلعي دادوءَ جو بہ ميمبر چونڊجي آيو، جتي هن وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. جڏهن ضلعي لوڪلبورڊ جي انجنيئر لاءِ مسٽر گبسن جي هڪ واسطيدار ڪرسچن اميدوار جي مقابلي ۾ جي. ايم. سيد، محمد هاشم گزدر کي چونڊائي، چارج وٺرائي تہ ان تي ڪليڪٽر گبسن ناراض ٿي، محمد هاشم گزدر کي ڪڍڻ لاءِ جي. ايم. سيد تي زور ڀريو پر هن انڪار ڪيو، جنهن تي ڪمشنر سرڪاري دٻاءَ ۽ لالچ ذريعي ميمبرن جي اڪثريت کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جي. ايم. سيد جُرئت جو مظاهرو ڪندي، رولنگ ڏئي، ٺهراءَ کي قانوني حجت تي رد ڪري ڇڏيو. جنهن تي ڪليڪٽر لوڪلبورڊ جي سرڪاري گرانٽ بند ڪري ڇڏي، جيڪا جي. ايم. سيد پنهنجي دوستن ميران محمد شاھہ، خان بهادر کهڙي ۽ سر شاهنواز ڀُٽي جي مدد سان نہ رڳو بحال ڪرائي پر هاشم گزدر جي مقرري بہ حڪومت کان منظور ڪرائي ورتي. ٽڪراءُ وڌي ويو، ان بعد سيد کُلم کُلا نہ رڳو ڪانگريس جي حمايت جاري رکي پر سماجي سرگرمين کي بہ جاري رکندو آيو.


ان ئي سال جي. ايم. سيد سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڪانفرنس ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. سيپٽمبر 1932ع ۾ سيد ميران محمد شاھہ، سر شاهنواز خان ڀُٽي، جي. ايم. سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ گڏيل خط ذريعي سنڌين کي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڏينهن ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي. ان ئي عرصي ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي وئي، جي. ايم. سيد خيال ڪيو تہ جيئن سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿئي تہ هڪ نئين مُنظم پارٽي ٺاهي چونڊون وڙهجن. ان لاءِ هن جون 1934ع ۾ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪرائي، ان جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽي کي چونڊرايو ۽ جنرل سيڪريٽري حاتم علوي ۽ جُوائنٽ سيڪريٽري پاڻ ٿيو. پر جيئن تہ ڀُٽو صاحب تُرت بمبئي ڪائونسل جو وزير مقرر ٿيو، ان ڪري هو پارٽيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي وٺي نہ سگهيو، ۽ اِها پارٽي هلي نہ سگهي. پر سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ ’آزاد سنڌ ڪانفرنسون‘ ٿينديون رهيون، جن ۾ جي. ايم. سيد جو سرگرم ڪردار نظر اچي ٿو.

  • 1934ع ۾ ئي جي. ايم. سيد دادو ضلعي ۾ خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي صدارت ۾ زميندارن ۽ آبادگارن جي جماعت ٺهرائي.
  • 1936ع ۾ جي. ايم. سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، ’اتحاد پارٽي‘ قائم ڪئي، جنهن ۾ سر غلام حسين، سر شاهنواز ڀُٽي، حاجي عبدالله هارون ۽ اُن جي ساٿين شرڪت ڪئي. پر جيئن تہ وائيس پريزيڊنٽ ميران محمد شاھہ چونڊجي ويو، ان ڪري سر غلام حسين پنهنجي ٽولي سميت ڌار ٿي، نئين جماعت ’مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ ٺاهي.

اِتحاد پارٽي[سنواريو]

اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. 1937ع ۾ جڏهن 1935ع جي ائڪٽ هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون تہ جي. ايم. سيد اِتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، جڏهن تہ سر غلام حسين جي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ جا صرف پنج ميمبر چونڊيا، پر اِتحاد پارٽيءَ جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر حاجي عبدالله هارون چونڊجي نہ سگهيا. گورنر، دستور جي خلاف اتحاد پارٽيءَ جي نمائندي خان بهادر الله بخش سومري کي وزارت ٺاهڻ جو سڏ ڏيڻ بدران پنجن ميمبرن واري سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڏيو. نتيجي طور سنڌ جا اڪثر مسلمان ميمبر حڪومت سان وڃي شامل ٿيا. ان ڪري اتحاد پارٽيءَ جي ليڊر الله بخش سومري ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر ڪانگريس سان گڏجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جو ڪردار ادا ڪيو. ٻئي سال مارچ ۾ جي. ايم. سيد ڪانگريس سان مشورو ڪري، هڪ رُپئي ڪَتر جي رِٿ تي وزارت کي شڪست ڏئي، اِتحاد پارٽيءَ جي وزارت خان بهادر الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ برپا ڪرائي، جنهن ۾ پير الاهي بخش ۽ مسٽر نهچل داس وزير چونڊيا ويا. الله بخش سومري جي وزارت ۾ قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن جي گهٽتائيءَ جا قانون پاس نہ ٿي سگهيا. گورنر ٽنهي پارٽين جي ٺهرائن جي خلاف زمين تي ڍَلون وڌائي ڇڏيون، اُن تي اتحاد پارٽي اُن جي برخلاف ٿي. پر ڪانگريس مصلحت خــاطــر وزارت جـي طــرفــدار رهــي، جنهنڪري مجبور ٿي حاجي عبدالله هارون ۽ اُن جا دوست اتحاد پارٽي ختم ڪري وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. مولانا ابوالڪلام آزاد مسلم اڪثريت واري صوبي سنڌ جي قومپرست سياستدانن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو، پر ڪو فيصلو نہ ٿي سگهيو. نتيجي طور جي. ايم. سيد ۽ ان جو قومپرست گروھہ ڪانگريس کان ڌار ٿي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جي ڪوٺائڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ جي. ايم. سيد جو وڏو هٿ هو. هن اجلاس ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بُنياد وِڌو ويو ۽ جي. ايم. سيد جي سَهڪار سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مسلمانن جي آزاد رياستن تي مُشتمل ڌار وطن جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي تائيد سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ ٻين ڪئي. ان ٺهراءُ اڳتي هلي مسلم ليگ جي 1940ع واري لاهور اجلاس ۾ هندستان جي ورهاڱي واري ٺهراءُ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن کي پوءِ ’قرارداد پاڪستان‘ سڏيو ويو.

1938ع واري اجلاس کان پوءِ الهه بخش سومري، وزيراعظم سنڌ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو، پر صُلح نہ ٿي سگهيو. ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم ليگ جي پارٽي ليڊر خانبهادر کهڙي کي ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر کي چـونڊايو ۽ اسيـمبليءَ کان ٻاهر مسلم ليگ کي مُنظم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. ان وچ ۾ سکر ۾ مسجد منزل گاھہ جو واقعو پيش آيو. هندو مسلم فساد ٿيا. الهه بخش وزارت اقليت جو بچاءُ ڪري نہ سگهي، اُن ڪري هندو ميمبرن، مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش سومري جي وزارت کي ڊاهي، نئين وزارت مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ خانبهادر کهڙو وزير ٿيا.

جي. ايم. سيد کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ ٻيلي کاتي جا کاتا مليا. اٺن مهينن جي وزارت دوران جي. ايم. سيد هيٺيان ڪم ڪرايا:

  • (1) سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ سيد ميران محمد شاھہ، علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻين ميمبرن تي مُشتمل ڪميشن ٺهرائي.
  • (2) سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪرايو (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بٹيو).
  • (3) سيڪنڊري تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي مُقرر ڪرائي (جنهن اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي صورت اختيار ڪئي).
  • (4) سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي مضمون پڙهائڻ جو حُڪم جاري ڪرايائين.
  • (5) راڳ ۽ ڳوٺاڻي رقص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرايائين.
  • (6) سنڌي ڊڪشنري تيار ڪرڻ لاءِ عالِمن جي هڪ ڪميٽي ٺهرايائين، جن الف. ب جي ابتدائي ٽن اکرن تي ڪم ڪيو.
  • (7) ڪراچي ريڊيو اسٽيشن قـائـم ڪــرڻ لاءِ ڪـوشـش ڪـيائيـن.
  • (8) ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پڪو رستو ٺهرايائين.
  • (9) ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين (جنهن اڳتي هلي قيام پاڪستان بعد پيرزادي عبدالستار جي دور ۾ عملي روپ ورتو).
  • (10) سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کي ڪاليج جي حيثيت ڏياريائين وغيره.

استعيفيٰ[سنواريو]

وزيرن جون بدعُنوانيون ڏسي، جي. ايم. سيد ڪجھہ مهينن کان پوءِ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ماڻهن وٽ وڃي ظاهر ڪيائين تہ عوام جي تقاضائن مطابق ڪم نہ ڪرڻ ڪري، هن وزارت تان استعيفيٰ ڏني آهي. خانبهادر الهه بخش سومري کي راضي ڪري، جي. ايم. سيد پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي، کيس پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو تہ ٽن مهينن اندر سر بنده علي جي جاءِ تي سر غلام حسين کي آندو ويندو؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ اها ڳالھہ قبول نه ڪئي، نتيجي طور هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي، الهه بخش سومري کي طاقت ۾ آندو. اهڙيءَ طرح سنڌ آل انڊيا جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بٹجي وئي. اُن کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم ليگ کي، سنڌ ۾ مُنظم ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. آل انڊيا ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، 1942ع ۾ حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ صوبائي مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيو ۽ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايو ۽ هڪ يادگار تقرير ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان اندر سنڌ لاءِ هڪ خودمختيار رياست جو تصور ڏنو ويو. ساڳئي سال جي آخر ۾ هن آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ سڏائڻ جو انتظام ڪيو، جتي کيس آل انڊيا ڪميٽي آف ايڪشن جو ميمبر چونڊيو ويو.

الهه بخش سومري جي شهادت[سنواريو]

14 مئي 1943ع تي سنڌ جي محب وطن سياستدان الهه بخش سومري کي شڪارپور ۾ ڪنهن فرقيوار ذهنيت رکندڙ شخص ٽانگي تي ويندي فائر ڪري، شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳو. 1944ع ۾ جي. ايم. سيد جا سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت سان اختلاف ٿي پيا، جنهن سلسلي ۾ 25 جولاءِ 1944ع تي جي. ايم. سيد لاهور ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان هڪ وفد وٺي ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو تہ آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ جي مسئلن ۾ مداخلت نہ ڪرڻ گهرجي. پر سيد صاحب کي مثبت جواب نہ مليو. آخر ۾ نين چونڊن لاءِ سيد صاحب مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ ۽ چونڊن ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽري بورڊ چونڊيو. مرڪزي مسلم ليگ مداخلت ڪري، وزارت جو طرف وٺي، صوبائي مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ان جي اميدوارن خلاف اميدوار بيهاريا. باوجود مخالفت جي جي. ايم. سيد جي حمايتي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪجھہ اميدوار چونڊجي آيا، جن سيد صاحب کي ليڊر چونڊيو، جنهن ڪانگريس پارٽيءَ جي 22 ميمبرن سان ٺاھہ ڪري، اڪثريت ڏيکاري گڏيل وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر کان گُهر ڪئي، پر گورنر سر غلام حسين کي باوجود ٿورن ميمبرن جي وزارت ٺاهڻ جو حڪم ڪيو، نتيجي طور جي. ايم. سيد پنهنجن ميمبرن سميت مخالفت ۾ رهيو.

ان وچ ۾ ڪئبنيٽ مشن دهلي آئي، جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ جي. ايم. سيد کي گُهرايو، جتي هن پاڪستان جي مسئلي بابت آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان جي گُهر ڪئي. آخر ۾ سر غلام حسين وزارت اسيمبليءَ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي، گورنر مسٽر موڊيءَ مخالف ڌر کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو نہ ڏنو ۽ اسيمبلي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون، چونڊن ۾ گورنر جي حمايتي سر غلام حسين، جي. ايم. سيد ۽ سندس دوستن کي شڪست ڏياري، جن اليڪشن ٽربيونل اڳيان ڌانڌلين خلاف پٽيشن داخل ڪئي. ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم جماعت جي نالي سان پارٽي ٺاهي ڪم شروع ڪيو، ترت ئي پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو.

جي ايم سيد جو قَسم نامو/جي ايم سيد جو ڪامل يقين[سنواريو]

G. M. Syed: Proceedings of the Sindh Legislative Assembly, 3rd March, 1943

اسان جو اهو ڪامل يقين آهي تہ اسان هندستان جا مسلمان ٻين هندستاني قومن کان ڌار ۽ جدا قوم آهيون ، اسان کي الله تعالىٰ هڪ خاص مقصد لاء پيدا ڪيو آهي. اسان جو ايمان آهي تہ انسان ذات ۾ جيڪي ملڪي، زباني، نسلي ۽ رنگي امتياز هٿرادو پيدا ڪيا ويا آهن، سي ناجائز آهن. اسان جي سياست جو مقصد هي آهي تہ روءِ زمين تي حڪومت الاھي قائم ڪئي وڃي. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، اسان جو ايمان آهي تہ هندستان اندر پنهنجي خودمختيار آزاد حڪومت هئڻ گهرجي، تہ جيئن پنهنجا اعليٰ مقصد ٻين جي مُداخلت ۽ روڪ کان سواءِ حاصل ڪري سگهون. تنهنجي ڪري دارالاسلام پاڪستان جنهن کي اسان هندستان جي مسلمانن لاء مسلم ليگ نصب العين ڪري مقرر ڪري رکيو آهي سوئي عملي ذريعو آهي. ....

آئون خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچي دل سان اقرار ڪيان ٿو ۽ وعدو ٿو ڪريان، تہ اڄ ڏينهن کان وٺي آئون پنهنجي خيالن خواھ عملن کي اهڙي طرح ڪم آڻيندس، جنهن سان تحريڪ پاڪستان کي مدد ملي " آئون وعدو ٿو ڪريان تہ پاڪستان قائم ڪرڻ لاء مسلم ليگ مون کي ڪنهن بہ قرباني ڏيٹ جو حڪم ڏنو تہ ان قرباني ڏيٹ کان ڪين هٽندس. [10] [11]

نظربندي شروع[سنواريو]

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت کهڙو صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي کهڙي جي وزارت کي ڊسمس ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ ڪيو، اهڙيءَ طرح ڪراچي مرڪز جـي حــوالي ٿـي وئـي. جي. ايم. سيد ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿـاريـو تـہ ان کـي سـن ۾ ٽـن مهيـنـن لاءِ نـظـربـنـد ڪـيو ويـو. ان مرحـلي تي خان عبدالغفار خان ۽ ٻين کي بہ جيل ۾ موڪليو ويو.

  • 1948ع ۾ جي. ايم. سيد پاڪستان جي ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي ’پاڪستان نيشنل پارٽي‘ ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو.

ٿوري ئي وقت کان پوءِ جڏهن جي. ايم. سيد جي درخواست تي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي موجب پير الاهي بخش وزارت اعليٰ تان خارج ٿيو ۽ قاضي محمد اڪبر جي اليڪشن بہ رد ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڪيئي وزارتون ڊٺيون ۽ ٺهيون.

  • 1952ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ جـي ايـم سـيد پاڪستان ۽ خطي جي امڪاني حالتن جو دُرست اندازو لڳائيندي مذهبي ڪٽرپڻي، مُلايت جي زور وٺڻ جو خدشو ڏيکاريو هو، اڄ 21 هين صدي ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي تہ پاڪستان مذهبي ڪٽرپٽي ۽ دهشتگدريءَ جو ڳـــــڙھہ بڻجي چڪو آهي. [12][13]
  • 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ آزاد پاڪستان پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اشتراڪ سان متحده محاذ ٺهيو، جنهن جي پليٽفارم تان جي. ايم. سيد ستن ميمبرن سان چونڊجي آيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي واپس سنڌ کي ملڻ ۽ سنڌ لاءِ پاڪستان ۾ مُستقل ۽ ناقابل ترديد حقن جي گهُر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، چوڌري غلام محمد گورنر جنرل، ونيونٽ ٺاهڻ جي سازش رِٿي، وزيراعليٰ سنڌ پيرزادي عبدالستار ميمبرن سميت ونيونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، نئين وزارت ٺاهي ۽ پيرزادي وزارت کي ڊسمس ڪري، خان بهادر ايوب کهڙي، علي محمد راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر کان ونيونٽ جي منظوريءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جو واعدو وٺي، پيرزادي جي جاءِ تي کهڙي کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ونيونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. چئن ميمبرن: پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، رئيس عبدالحميد جتوئي ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان مخالفت ڪئي. جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد، حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي. ايم. سيد ڇھہ مهينا جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ ونيونٽ اسيمبليءَ لاءِ اڳوڻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کان چونڊون ڪرايون ويون. انهن ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سيد صاحب ستن ميمبرن سان چونڊجي آيو، جتي متحده محاذ جي ليڊر جي حيثيت ۾ مخالف گروھہ ۾ رهيو.

ان وچ ۾ آگسٽ 1955ع ۾ جي. ايم. سيد مغربي پاڪستان جي قومي ڪارڪنن جي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ”ائنٽي ونيونٽ فرنٽ“ ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ ”نئشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي خان عبدالغفار خان کي صدر چونڊرايائين.

سـيـد صـاحـب اولھہ پـاڪـسـتان اسـيـمـبـليءَ ۾ ستن ميمبرن هوندي حِڪمت عمليءَ سان ريپبليڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاھہ ڪري، 310 ميمبرن جي اڪثريت سان ونيونٽ مُخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف چئن ميمبرن مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ، مولانا ڀاشانيءَ سان ٺاھہ ڪري جي. ايم. سيد نئشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان ٿيو. اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ونيونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ مغربي پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري وعدي تان ڦِري وئي. هن وعدي شڪنيءَ کان پوءِ جي. ايم. سيد ايندڙ چونڊن ۾ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن کي (ونيونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) مُتحد ڪري ”ائنٽي ونيونٽ“ فرنٽ قائم ڪيو ۽ اهڙي طرح بلوچستان ۽ سرحد ۾ بہ اهڙا فرنٽ قائم ٿيا. جي. ايم. سيد ۽ ٻين صوبن ۾ (بنگال سميت) ونيونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، ونيونٽ جي حامي گروھہ، 8 آڪٽوبر 1958ع تي پوري پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي. ايم. سيد ۽ نئشنل عوامي پارٽيءَ جي ليڊرن کي جيل ۾ اُماڻيو ويو. جي. ايم. سيد پوءِ 1960ع تائين جيل ۾ رهيو. اُن کان پوءِ صحت جي خرابيءَ جي ڪري کيس مارچ 1966ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، جي. ايم. سيد مطالعو جاري رکيو. برصغير، دنيا ۽ سنڌ جي سياست، شخصيتن، انگريز سامراج کان آزاديءَ، مختلف پارٽين جي قيام، سندن جدوجهد، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ، ونيونٽ ۽ قيام پاڪستان بعد سنڌ کي پُهتل نقصانن ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. نظربنديءَ مان آزاد ٿيڻ بعد جي. ايم. سيد جون 1966ع ۾ صحت جي خرابيءَ ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪري، ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جو بُنياد وجهي، سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سُجاڳيءَ ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خُطبا ڏنائين، جن جو لبِ لُباب اِهو هو تہ: ”سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“

  • 4 مارچ 1967ع جي قومي واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي هڪ ڀيرو ٻيھر وڌندو ڏسي ۽ جي. ايم. سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، جي. ايم. سيد کي جولاءِ 1967ع جي شروعات کان 1968ع جي آخر تائين وري نظربند ڪيو. ان نظربنديءَ کي جي. ايم. سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو تہ هو عملي سياست کان الڳ آهي، پر کيس ون يونٽ جي مُخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي.
  • 1 مارچ 1969ع تي جي. ايم. سيد کي آزاد ڪيو ويو. هن ونيونٽ مُخالف دوستن ۽ ڪارڪنن سان رابطا ڪيا ۽ 9 مارچ 1969ع تي هڪ نئين سياسي جماعت ”سنڌ مُتحده مُحاذ“ قائم ڪيائين. 10 آگسٽ 1969ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچيءَ گُهرائي آجياڻو ڏنائين ۽ سنڌ، بنگال ۽ ٻين قومن جي وطنن بابت تاريخي سپاسنامو پڙهيائين. ايئن ونيونٽ جي تحريڪ زور پڪڙيو.

ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀُٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي. ايم. سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا، ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان سنڀاليون ۽ هن قومي دٻاءَ هيٺ 1 جولاءِ 1970ع تي ونيونٽ ٽوڙيو ۽ صوبن کي هڪ ڀيرو وري ونيونٽ کان اڳ واري حيثيت حاصل ٿي. جنرل يحيٰ خان ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو. شيخ مُجيب الرحمان 6 نُقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. جي. ايم. سيد عوامي ليگ جي 6 نُقاطي پروگرام سان مُطابقت رکندڙ پروگرام هيٺ چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ڪامياب نہ ٿيو. مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان مڪمل اڪثريت حاصل ڪئي ۽ مغربي پاڪستان جي صوبن ۾ پيپلز پارٽيءَ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کنيون. شيخ مجيب الرحمان کي باوجود اڪثريت جي اقتدار نہ مليو، پر مغربي پاڪستان ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ڏنو ويو. 16 ڊسمبر 1971ع تي مشرقي پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بٹجي ويو. ٻئي طرف 18 مئي 1971ع کان 31 ڊسمبر 1971ع تائين جي. ايم. سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو.

جيئي سنڌ جماعت جو جھنڊو
  • 18 جون 1972ع تي همخيال سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي گُهرائي، جي. ايم. سيد پارليامينٽري سياست کان بيزار ٿي، ”جيئي سنڌ مُحاذ“ نالي نئين پارٽي قائم ڪئي. ان دوران جولاءِ 1972ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ جو وڏو وزير ممتاز علي ڀُٽي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بٹائڻ جو بل پاس ڪرايو، جنهن تي هڪ طبقي گوڙ ڪيو. سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد ٿيا، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت تي دٻاءَ وجهي، هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن کي سنڌ جون سرڪاري زبانون قرار ڏنو. ان صورتحال ۾ جي. ايم. سيد، 31 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ اجلاس ڪوٺائي، سنڌ جي گشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1 آگسٽ 1972ع تي پريس ڪانفرنس ڪري، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌ کي خوداختياري ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بٹائڻ جا مُطالبا کڻي، ٺٽي ضلعي کان دورو شروع ڪيائين. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد واري جلسي ۾ شرپسندن مَٿس بم اُڇلايو، جنهن ۾ جي. ايم. سيد خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويو، پر سندس هڪ ساٿي دوست محمد پراچا شهيد ٿي ويو. نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شوري سميت 18 ڪارڪن سخت زخمي ٿيا. جي. ايم.سيد گشت ڪري جيئن سن واپس پهتو تہ 8 آگسٽ 1972ع تي سنڌ حڪومت کيس گهر ۾ نظربند ڪيو. اهڙيءَ طرح جي. ايم. سيد سواءِ ٿورن وقفن جي وڏو عرصو نظربند رهيو. ان وچ ۾ سندس پوئلڳن سندس رهبريءَ ۾ 1977ع ۾ ”جيئي سنڌ مُحاذ“ ۽ اڳتي هلي ڪجھہ شاگردن ”جيئي سنڌ تحريڪ“ نالي پارٽيون ٺاهي، قومي جدوجهد شروع ڪئي . 17 جنوري 1986ع تي جي. ايم. سيد پنهنجي سالگرھہ تي خان عبدالغفار خان کي سن ۾ گهرايو ۽ پنهنجا ”آزاد سنڌ“ بابت ويچار ونڊيا. خان عبدالغفار خان جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد جڏهن کيس دهليءَ علاج لاءِ موڪليو ويو تہ جي. ايم. سيد سرڪار جي اجازت سان، 2 جولاءِ 1987ع تي پنهنجي ساٿيءَ جي مزاج پرستيءَ لاءِ هندستان ويو. اُتان واپس موٽڻ بعد جي. ايم. سيد، پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ڊسمبر 1987ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو. 12 ڊسمبر 1987ع تي کيس ميرپور ڀٽي مان ممتاز علي خان ڀُٽي جي بنگلي تان گرفتار ڪري، ڪراچيءَ ۾ آڻي نظربند ڪيو ويو، جتان آگسٽ 1988ع ۾ آزاد ڪيو ويو. 1 مئي 1988ع تي نظربنديءَ دوران جي. ايم. سيد سن ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جوڙايو، جنهن جو صدر رئيس عبدالحميد خان جتوئي مقرر ٿيو. ٽيون ڀيرو جي. ايم. سيد آڪٽوبر 1989ع تي سنڌ جي 5 ضلعن جي دوري تي نڪتو ۽ کيس 10 ڊسمبر 1989ع تي جيڪب آباد کان اڳتي بلوچستان بارڊر وٽ گرفتار ڪيو ويو. 1990ع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.

قومي آجپي جو تصور[سنواريو]

17 جنوري 1972ع تي جي ايم سيد سنڌ جي قومي آجپي (آزاديءَ) جو تصور (Qoumi Aajpay Jo Tasawar) ڏنو.[14]

جي ايم سيد جي ذوالفقار علي ڀُٽي جي باري ۾ راءِ[سنواريو]

  • جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀُٽي لا۽ رُنو

“جنهن رات ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي چاڙھيو ويو، قُدرتي طور جي ايم سيد جي طبيعت ٺيڪ نہ هئي. جي ايم سيد روز ريڊيو تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻُڌندو هو. ڀُٽي جي ڦاهي واري خبر سائين صبح جو بي بي سي تان ٻُڌي نہ سگهيو. اُن ڏينهن نيرن ڪرڻ کان پوءِ صُبح جو يارهين وڳي ڌاران جيئن ئي بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاهي جي خبر نشر ڪئي تہ اِها خبر ٻُڌڻ سان سائين جي ايم سيد روئي پيو، مون سائين کي چيو، “سائين ڇا اوهان جا ڳوڙھا ايترا سستا آھن جو هڪ ڊڪٽيٽر جي موت تي ڳڙي ٿا پون؟ “سائين پنهنجون اکيون مٿي کڻي جواب ڏنو تہ “مان ڪنهن جي موت، زندگي تي نہ ٿو روئان، مون کي پنهنجي قوم جي بيوسيءَ تي روئڻ ٿو اچي، اسان جي قوم مان پاڻ کي ذهين ماڻھو سمجهندڙ شخص کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو جو ڪنهن ڪُڇيو بہ نہ، اسان جي، پاڪستان ۾ اِها حيثيت آھي.“[15][16]

  • جي ايم سيد جا ڀٽي جي لاءِ خيال

محمد خان سيال پنهنجي هڪ ڪمينٽ ۾ لکيو آهي تہ ڄام ساقي، ڪُجھہ ورهيہ اڳ، عوامي آواز ۾ پنهنجي سالگرھہ واري ايڊيشن ۾ لکيو هو تہ هو ۽ جي ايم سيد ٻئي جناح اسپتال ۾ داخل هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير جي ايم سيد کيس چيو تہ در دريون بند ڪر، مون ائين ڪيو …. پوءِ چيائين تہ مان ذوالفقار علي ڀُٽي کي شهيد مڃان ٿو، پر ڪنهن مجبوريءَ سبب، ماڻهن جي اڳيان چئي نہ ٿو سگھان. …. جنهن کي شڪ هجي تہ ڀلي ڄام ساقي کان پَڪ ڪري جو اهڙي دعويٰ ڄام ساقي ڪئي آهي.

محمد خان سيال وڌيڪ لکي ٿو تہ سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي مون مضمون پڙهيو تہ پيرحسام الدين راشدي ۽ سيد غلام مصطفى شاھہ، شهيد ڀُٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ جي ايم سيد سان مليا. جي ايم سيد مٿن ناراضگي ڏيکاريندي چيو: اوهان جي بابي سيد الهندي شاھہ کي ڦاهي اچي ٿي ڇا؟ … ۽ پوءِ چيائين: مان چاهيان تہ ڀُٽي کي ڦاسي کان بچائي سگھان ٿو (پر مان ايئن نہ ڪندس)….. سو سچائي ڪهڙي آهي، ڪو اڻ ڌُريو دوست اُنهيءَ تي روشني وجھي. اسان جو مطلب سچائي ڄاڻڻ آهي، ڪنهن جو اِميج خراب ڪرڻ يا بهتر بڻائڻ هرگز ناهي.[17]

نشتر پارڪ[سنواريو]

17 جنوري 1992ع تي جي. ايم. سيد نشترپارڪ ڪراچيءَ، سنڌ ۾ پنهنجي 89هين سالگرھہ جي موقعي تي نيو ورلڊ آرڊر جي روشنيءَ ۾ گڏيل قومن کي دنيا جي مُلڪن جي نئين سِر جوڙجڪ جو مشورو ڏنو ۽ اُن ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس بہ پيش ڪيو. 19 جنوري 1992ع تي کيس نظربند ڪيو ويو، جيڪا نظربندي سندس زندگيءَ جي آخري لمحن تائين قائم رهي.

جي ايم سيد جي باري ۾ چاچي حفيظ قُريشيءَ جي راءِ[سنواريو]

سنڌ جي سماج ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو سيد هجڻ بہ ڪمائيءَ جو ذريعو آهي، ان سيد جو وري سجاده نشين هُئڻ ويتر وڌيڪ ڪمائيءَ جو ذريعو آهي ۽ اُن جو وري سياست ۾ هئڻ ٻہ چار وِکون وڌيڪ ڪمائيءَ وارو آهي. سيد کي سنڌ جي سماج مان مالي طرح لاڀ ماڻڻ جا مٿيان ٽي ذريعا آهن. سيد بہ آهي، سجاده نشين بہ آهي، سياست بہ ڪري ٿو، پر اڃان بہ وڌيڪ، سيد فلسفي بہ آهي، ليکڪ بہ آهي پر اِنهن پنجن منجهان هن درويش ذاتي فائدو ڪو بہ حاصل نہ ڪيو آهي، هن ڪي بہ ٻہ چار پيسا ڪو نہ ڪمايا آهن. هن ڪنهن کان بہ ڪُجھہ ڪونہ ورتو آهي، سڀني کي رڳو ڏنو اَٿس. هن هتان جي سماج ۾ نظر نياز ۽ ٻي اهڙي قسم جي ڏيتي ليتي وارن اِمڪانن کي رَد ڪري هڪ نئين رسم شروع ڪئي آهي![18]

جي ايم سيد جون جيل ياترائون[سنواريو]

  • پهرين نظر بندي, 19 نومبر 1939ع کان 09 جنوري 1940ع تائين
  • ٻي نظربندي, 18 جون 1948ع کان 18 آگسٽ 1948ع تائين
  • ٽين نظربندي, 03 نومبر 1954ع کان مئي 1955ع تائين
  • چوٿين نظربندي, 10 آڪٽوبر 1958ع کان مارچ 1966ع تائين
  • پنجين نظربندي, 23 جون 1967ع کان 26 جنوري 1969ع تائين
  • ڇهين نظربندي, 18 مئي 1971ع کان ڊسمبر 1971ع تائين
  • ستين نظربندي, آگسٽ 1972ع کان جنوري 1973ع تائين
  • اٺين نظربندي, 06 مئي 1973ع کان 02 جولاءِ 1978ع تائين
  • نائين نظربندي, 12 ڊسمبر 1978ع کان 17 آگسٽ 1988ع تائين
  • ڏهين نظربندي, 10 آڪٽوبر 1989ع کان 20 سيپٽمبر 1990ع تائين
  • يارهين نظربندي, 19 جنوري 1992ع کان 25 اپريل 1995ع[14]

جي. ايم. سيد جا لکيل ڪتاب[سنواريو]

جي. ايم. سيد زندگيءَ جي آخري لمحي تائين قلم سان رشتو نه ڇِنو. هن سياسي مُفڪر سٺ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن جو ڪُجھہ تفصيل هن ريت آهي:

  • (1) محــال مـانجهـنـدن جـو تعليمي ۽ تنظيمي پـروگــرام (1928ع)
  • (2) هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان (ترجمو: مئي 1941ع)
  • (3) سنڌ جي عدالت جي انتظاميہ کان جدائي (1946ع)
  • (4) مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟
  • (5) نئين سنڌ لاءِ جدوجهد (2 ڀاڱا)
  • (6) پيغام لطيف
  • (7) پاڪستان ۾ قــوميـتـن جـو مسـئـلو
  • (8) چونڊ ادبي مضمون
  • (9) چونڊ سياسي مضمون
  • (10) ســنـڌ جي بمبئــيءَ کـان آزادي
  • (11) سنڌ متـحــده مـحــاذ ۽ ونـيـونٽ
  • (12) جنب گذاريم جن سين: 2 ڀاڱا
  • (13) جيئن ڏٺو آهه مون
  • (14) موجوده سياسي مسئلا
  • (15) جديد سياست جا نو رتن
  • (16) رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط)
  • (17) ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا خط)
  • (18) خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا خط)
  • (19) بزم صوفياء سنڌ جو آئين ۽ خطبا
  • (20) سنڌي ڪلچر
  • (21) واڄــٽ ويـراڳيـن جا (محمد امين کوسي ۽ جي. ايم. سيد جا خط) ٻه ڀاڱا
  • (22) اڄ پڻ چڪيم چاڪ (اديبن جا خط)
  • (23) ڪجهه خط (برصغير جي سياستدانن جا خط)
  • (24) خطبات سيد
  • (25) جديد عالمي سياست
  • (26) سنڌ جي ڪهاڻي، سيد جي زباني (تقريرون)
  • (27) پاڪستان جي ماضي ۽ حال تي طائرانه نظر
  • (28) ديارِ دل ۽ داستانِ محبت
  • (29) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ
  • (30) سنڌوءَ جي ساڃاهه: ٻه ڀاڱا
  • (31) مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجربو
  • (32) ههڙا هاڃا ٿين (پمـفـليـٽن جو مجموعو)
  • (33) پنهـنجـي ڪهـاڻي پنهنجــي زبـانـي، جـلـد پهريون
  • (34) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، جلد ٻيو
  • (35) سنڌ ڳالهائي ٿي (عدالتي بيان)
  • (36) سڏ پڙاڏو (جي. ايم. سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)
  • (37) پيام عمل
  • (38) حاصل جنين حال (جي. ايم. سيد جا امين کوسي ڏانهن خط)
  • (39) آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جا خط)
  • (40) جي. ايم. سيد جون تحريرون، ٽي ڀاڱا وغيره.

اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب[سنواريو]

  • (1) جيسا مين ني ديکا
  • (2) پيغام لطيف
  • (3) سنڌ ڪي آواز (مترجم: فهيم شناس ڪاظمي)
  • (4) آوازِ سنڌ (مترجم: مجيب انقلابي)
  • (4) سنڌ ڪي بمبئي سي علحدگي
  • (5) اپني ڪهاني اپني زباني وغيره.

انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب[سنواريو]

(1) Sindh & Seperation of Judicial from Executive (A Complete Scheme: 1946), (2) Struggle for New Sindh, (3) Six Point Formula, (4) A Case for Sindhu Desh, (5) Sindhu Desh: A Nation in Chains, (6) Religion & Reality or My Vision to Religion, (7) Sindhu Desh: A Study into Separate Identity Through the Ages, (8) Sindhu Desh: The Case Yet to Settle (Translated by: M. Ibrahim Joyo). اهڙيءَ طرح جي. ايم. سيد جي تاريخي لائبريريءَ ۾ سندس انگريزي ڪتاب Letters of M. A. Jinnah & G. M. Sayed، آتم ڪٿا جو رهيل حصو، ڊائريون، مضمون، خط ۽ ٻيو ڪيترو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي.[19]

سنڌ اسيمبليءَ طرفان جي ايم سيد کي ڀيٽا[سنواريو]

سنڌ اسيمبلي، خميس جي ڏهاڙي، جنوري 19، 2017ع تي يڪ راءِ هڪ رِٿَ منظور ڪري جي ايم سيد کي سندس خدمتن جي عيوض ڀيٽا ڏني.[20]

لاڏاڻو[سنواريو]

جي ايم سيد جي قبر

17 مارچ 1995ع کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي. 18 مارچ کان وٺي جناح اسپتال ۾ نظربنديءَ دوران زير علاج رهيو ۽ 25 اپريل 1995ع جو رات جو دير سان جي. ايم. سيد پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. صبح تائين لکين ماڻهو سن پهچي ويا. 25 اپريل تي لکين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ سيد کي سن جي آبائي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد دفن ڪيو ويو. سندس تدفين وقت قرآن پاڪ، اِنجيل، توريت، گيتا ۽ شاھہ جي رسالي جو ورد ٿيندو رهيو ۽ ان ورد دوران سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم شخصيت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Provinces of British India". worldstatesmen.org. WORLD STATESMEN.org. حاصل ڪيل 23 May 2018. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named KhadimSoomroDawn
  3. "Bangladesh will award Bizinjo for voicing for Bengalis". pakistantoday.com.pk. Pakistan Today. حاصل ڪيل 23 May 2018. 
  4. Zaffar, Junejo. "G M Syed: Remembering a visionary". tribune.com.pk. The Express Tribune. حاصل ڪيل 23 May 2018. 
  5. Google, Books. "author G.M Syed". حاصل ڪيل 23 May 2018. 
  6. Dawn, Newspaper. "KARACHI 1943: A PROCESSION IN TRIUMPH". dawn.com. Dawn. حاصل ڪيل 23 May 2018. 
  7. "'No China, Go China' slogans reverberate at JSMM rally in Sindh". aninews.in. Asian News International. حاصل ڪيل 23 May 2018. 
  8. Farhan Hanif Siddiqi (4 May 2012). The Politics of Ethnicity in Pakistan: The Baloch, Sindhi and Mohajir Ethnic Movements. Routledge. pp. 76–. ISBN 978-1-136-33697-3. https://books.google.com/books?id=KN7fCgAAQBAJ&pg=PA76. Retrieved 23 May 2018. 
  9. ڪتاب جو نالو؛ ماڻُهو شهر ڀنڀور جا- ترتيب ۽ ترجمو: غلام رباني آگرو- ايڊيشن؛ پهريون 2012ع ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شور
  10. 24 مارچ 1941ع خالق ڏنو هال ڪراچي، سنڌ
  11. روزاني الوحيد 26 مارچ 1941ع
  12. ‘G.M. Syed had warned against rise of fundamentalism’ | Indus Asia Online Journal (iaoj)
  13. ‘G.M. Syed had warned against rise of fundamentalism’ - Newspaper - DAWN.COM
  14. 14.0 14.1 سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار) (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-06-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-01 
  15. جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽي لا۽ رُنو | Indus Asia Online Blog[مئل ڳنڍڻو]
  16. عبدالواحد آريسر جي ڪتاب “مجيب ۽ ڀٽو “ تان ورتل ٽڪرو، صفحو نمبر 127
  17. جي ايم سيد ۽ ڀٽو | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-09-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-23 
  18. جي ايم سيد | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-09-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-10 
  19. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  20. http://nation.com.pk/karachi/20-Jan-2017/sindh-assembly-pays-tribute-to-gm-syed-rahu

[1]

  1. G. M. Syed - Wikipedia