راجا ڏاهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راجا ڏاهر
سنڌ جو مھا راجا
سن699 کان 712 تائين[1]
80ھ کان 93ھ
پيشرو راجا چندر
جانشين محمد بن قاسم
جيون ساٿي راڻي لاڏي
نسل سريا، پريمالا، جوڌا(ڌيئرون)
جئي سين(پٽ)
پورو نالو
راجا ڏاهر سين
گهراڻو برھمڻ
شاھي گھراڻو برھمڻ گھراڻو
پيءُ راجا چچ
ماءُ راڻي سھاندي
جنم 663
الور يا اروڙ موجوده روھڙي جي ڀرسان ، سنڌ، پاڪستان
لاڏاڻو 712
الور
مذھب هندو مت

راجا ڏاهر(انگريزي: Raja Dahar ) سنڌ جي برھمڻ خاندان جو آخري حاڪم ۽ راجا چچ جو ننڍو پٽ ھيو. راجا چچ 672ع (52ھ) ۾ وفات ڪئي. ان بعد سندس ڀاءُ راجا چندر، سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 8 سال حڪومت هلائي سن 680ع (60ھ) ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاهر سنڌ جي حڪومت جي گاديءِ تي ويٺو جنهن 33 سال حڪومت ڪئي. ان وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ الور شهر هو. راجا ڏاهر کان خلافت بنو اميه جي سپھ سالار ۽ بصري جي گورنر حجاج بن يوسف ثقفي جي ناٺي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري عربن جي حڪومت قائم ڪئي.

سنڌ 700 عيسويءَ ۾ راجا ڏاھر جي دؤر ۾

تفصيلي تعارف

راجا چندر جي وفات کان پوءِ سنڌ جو راڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو الور ۾ چچ جو ننڍو پٽ ڏاهر گادي تي ويٺو ۽ برهمڻ آباد چندر جي پٽ راج سنڀاليو جيڪو جلد ئي فوت ٿي ويو ۽ راجا ڏاھر جي وڏي ڀاء ڏهرسين اتي قبضو ڪري حڪومت شروع ڪئي ۽ اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ پنج سال گذرڻ کان پوءِ وڃي راوڙ شھر کي وسايو جنھن جو بنياد راجا چچ رکيو ھو ۽ پوءِ ان شهر ۾ ھڪ معزز ماڻھو مقرر ڪري پاڻ برهمڻ آباد ۾ اچي ملڪي وهنوار هلائڻ لڳو. هوڏانهن ڏاهر ملڪ جون واڳون سنڀاليندي ئي سڀني قومن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڳا قدم کنيا، جنهن سان سڀ سندس سڄڻ ٿي ويا ۽ پوءِ پورو ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتو. سنڌ جي اڀرندي ۽ اولهندي سرحد جي حفاظت جا پختا انتظام ڪري برهمڻ آباد پهتو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏهرسين تي اعتماد ۽ کيس برهمڻ آباد جو حاڪم مڃيائين. ڪجهه ڏهاڙا اتي گذاري مڪران ويو. ان وقت سنڌ جي سرحد مڪران ۽ ڪرمان سان ملندي هئي. مڪران جي حاڪم سان مضبوط لاڳاپا جوڙي الور واپس پهتو ته سندس عوام وڏي ڌوم ڌام سان آڌرڀاءُ ڪيو.[2][3]

تڪراري شادي

مولائي شيدائي جنت السنڌ م لکي ٿو تہ:ڏاهر گاديءَ تي ويهڻ کانپوءِ ڪجهه وقت سلطنت جو دؤرو ڪري، مڪران جي سرحد کي مضبوط بنائي، الور ڏانهن موٽيو. ان وچ ۾ نجومين کيس خبر ڏني ته جيڪو سند ڀيڻ ٻائيءَ سان شادي ڪندو، سو سڄيءَ سنڌ جو مالڪ ٿيندو. مٿين خبر ٻڌي، هو شش و پنج ۾ پئجي ويو، آخر پنڊتن کي گهرائي ساڻن صلاح ۽ مشوري بعد هن رسمي طور ڀيڻ سان شادي ڪئي. ڪن محققن ڏاهر جي ڀيڻ سان شادي کي رد ڪيو آهي.[4] ڏهرسين ڀيڻ جو سڱ رامل راجا جي پٽ سوهن کي ڏيڻو ڪيو هو، سو مٿين خبر ٻڌي ڏاهر تي ناراض ٿي پيو.[5][6]

خلافت سان ٽڪراء

مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:بني اُميه دؤر ۾، مڪران ۾ بعض باغين جو تعداد پنجاه هزارن کي پهچندو هو. اهڙين مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف، محمد بن هارون کي، جو وڏو ديندار ۽ تجربيڪار بلوچ هو، مڪران مٿان نائب مقرر ڪيو. محمد بن هارون مڪران جي چپي چپي کان واقف هو. هو اندروني امن امان کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ محمد بن حارث علافي پنهنجي ڀاءُ معاويه بن حارث ۽ پنهنجي قبيلي آسار جي پنجن سوَن ماڻهن سان واپار سانگي عمان کان نڪري، مڪران ۾ رهڻ لڳو. اتفاق سان سندس ماڻهن مان صفوي بنالحاميءَ ڪنهن ڳالهه تان اتي جي هڪڙي ذميءَ کي ماري وڌو، جنهن تي هن جي وارثن مڪران جي حاڪم سعيد بن اسلم کي فرياد پيش ڪيو، مگر علافين دغا سان سعيد کي قتل ڪري سڄي مڪران تي پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو.[5] حجاج علافين تي سخت ڏمريو ۽ علافين جي سردار سليمان علافيءَ جو سر وڍرائي سعيد جي عزيزن ڏانهن روانو ڪيو. ان واقعي کان پوءِ حجاج، عبدالرحمان بن اشعت ۽ مجاعه بن سعر تميميءَ کي مڪران جي انتظام کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڏياري مڪو. جيسين مجاعه پهچي تنهن کان اڳ علافين عبدالرحمان کي ماري وڌو. مجاعه تجربيڪار عملدار هو، سندس اچڻ جو ٻڌي باغي وڃي جبلن جي غارن ۾ لڪا. مجاعه قندابيل تائين سندن پٺيان پيو، پر اوچتو اجل جي سڏ ڪري وفات ڪري ويو. حجاج ڏٺو ته عرب عاملن لاءِ مڪران جو صحرائي ۽ جابلو ملڪ اڻ ڏٺو ڏيهه آهي، ان ڪري هن مڪران جي حڪومت محمد بن هارون بلوچ جي سپرد ڪئي، جو ملڪ جي اندروني حالتن کان پوريءَ طرح واقف هو. محمد بن هارون باغين جو پيڇو ڪري، معاويه بن حارث کي هڪڙي غار مان گرفتار ڪري، سندس سر وڍرائي حجاج ڏانهن مڪو.[5] هن واقعي کان پوءِ محمد بن حارث علافيءَ پنهنجي ماڻهن سان سرحد ٽپي، سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ وڃي پناه ورتي. راجا رامل، جنهن کي ڏهرسين ٻائيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو هو، سو ٻائيءَ سان ڏاهر جي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي، غصي ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي وڏي لشڪر سان الور تي ڪاهي آيو. محمد علافيءَ موقعو ڏسي هڪڙيءَ رات جو اوچتو رامل تي ڪاهي، سندس لشڪر جو وڏو حصو ماري وڌو، جنهن تي ڏاهر خوش ٿي کيس پنهنجو مکيه صلاحڪار مقرر ڪيو. ڏاهر جي دمشق جهڙيءَ باجبروت شهنشاهت سان هيءَ پهرين کونس هئي[5].

رمل جي راجا جي ڪاهه

راجا ڏاهر وڏي آرام ۽ سڪون سان حڪومت ڪري رهيو هو ته اوچتو رمل جي راجا 59ھ (79_ 678ع) ۾ وڏي لشڪر ۽ هاٿين سان ٻڌيا ڏانهن اچي راوڙ تي حملو ڪيو. ڏاهر وزير ٻڌيمن کي گهرائي ساڻس صلاح ڪئي. وزير چيو، سرڪار جيڪڏهن مقابلي جي پاڻ ۾ همت سمجهو ٿا ته پوءِ ميدان ۾ اچو نه ته پوءِ خزاني مان دولت ڏئي صلح ڪري جان ڇڏايو. مان اهڙي خواري نه کڻندس ۽ اهڙي زندگيءَ کان موت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس، ڏاهر چيو. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ وزير ٻيهر عرض ڪيو ته مهاراج! هڪڙو ٻيو رستو اهو آهي ته اسان کي هتي رهيل عربن کان مشورو وٺڻ گهرجي. جيڪي وڏا دلير ۽ جنگين جو تجربو رکندڙ آهن. راجا ڏاهر کي وزير جو اهو مشورو ڏاڍو وڻيو.[7]

هڪ عرب علافي جي ڪارگذاري

سنڌ ۾ ان وقت اسامه قبيلي جو عرب سردار محمد علافي اسلامي حڪومت سان بغاوت ڪري ڀڄي آيو هو. ۽ ڏاهر کيس هتي پناهه ڏئي ڪري ڪافي رعايتن سان نوازيو هو. ٻڌ يمن وزير جي چوڻ تي راجا ڏاهر علافي کي گهرايو ۽ کانئس ان معاملي ۾ مشورو ورتو. علافي چيو اوهان فڪر نه ڪريو گهٻرائڻ جي ڪائي ضرورت ناهي، مان انهن کي اهڙو سبق سيکاريندس جو سڄي عمر ياد رکندا. اوهان هتان کان ٽي ميل پري خندق کوٽرايو ۽ مون کي پنج سؤ سپاهين جو جٿو ڏيو. راجا ڏاهر محمد علافي کي پنج سؤ سوار ڏنا، جن کي هو وٺي ڪري رات جي انڌيري ۾ جڏهن دشمن اگهوٽ ننڊ پيا هئا مٿن ڪڙڪي پيو ۽ اهڙو راتاهو هنيو جو اسي هزار سپاهين مان ڪي موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪي ڀڄي نڪتا. عربن کي دشمن جو گهڻو سامان ۽ پنجاهه هاٿي هٿ لڳا. راجا ڏاهر خوشيءَ ۾ وڏو جشن ملهايو ۽ علافي کي انعام سان نوازي عربن کي مڪران ۾ رهڻ لاءِ محل ۽ نوڪر چاڪر عطا ڪيائين. ٻئي ڏينهن پنهنجي محل ۾ گرفتار قيدين کي ڏاهر سزا لاءِ گهرايو پر ٻڌيمن جي چوڻ تي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين. ڏاهر ٻڌيمن جي انهيءَ صلاح تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس ڪنهن اڻپوري خواهش جو پڇيائين، جنهن تي وزير عرض ڪيو، ”مهاراج! منهنجي ٻي ڪا خواهش ناهي، صرف اهو عرض آهي ته منهنجي ڪائي اولاد ناهي، مرڻ کان پوءِ ڪوئي نالو وٺڻ وارو نه هوندو. مان چاهيان ٿو ته ملڪ جي چاندي جي سڪن تي هڪڙي پاسي کان اوهان جو نالو هجي ۽ ٻئي کان منهنجو، جيئن ماڻهو مرڻ کان پوءِ به سنڌ سان گڏ مون کي ياد رکن. راجا ڏاهر پنهنجي وزير جي خواهش پوري ڪرڻ جو جلد حڪم ڏنو.[8]

عهد حڪومت

راجا ڏاهر جو اٽڪل 670ع کان 712ع تائين عهد حڪومت جو دور ڪٿي سگهجي ٿو. سندس عهد حوڪومت لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته 670ع کان هن عربن طرفان سنڌ فتح ٿيڻ تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي.

موت

برهمڻ گهراڻو ۽ عربن جي ڪاهه وقت راجا ڏاهر جي قتل متعلق آيل بيان متضاد آهن، جن مان راجا ڏاهر جي ڪنهن به عرب هٿان مارجڻ جي پڪي گواهي نٿي ملي. پنهنجن غداري ڪري محمد بن قاسم جو ساٿ به ڏنو، راجا ڏاهر کي قتل ڪري عربن جي شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪيو.[9].[10]

راجا ڏاهر بابت متضاد رايا

سنڌ جي هن اهم ڪردار متعلق سنڌي ماڻهو ٻن راين ۾ ورهايل آهن ۔ سنڌ ۾ اسلامي مذهبي طبقو چچنامي جي آڌار تي کيس هڪ ظالم ۽ انتهاپسند برهمڻ تسليم ڪري ٿو. چچ توڙي راجا ڏاهر جي دور ۾ برهمڻ ٻڌمت وارن ۽ اڇوتن سان سٺو سلوڪ نه ڪندا هئا جنهڪري سندن اهو خيال آهي۔ جڏهن ته سيڪيولر طبقو کيس سنڌ جو عظيم هيرو تصور ڪري ٿو ، جنهن وطن جي دفاع خاطر عرب سامراج سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سنڌ ڌرتيَ جي آزادي لاء وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۔ سيڪيولر حضرات چچنامي ۽ ٻين تاريخي ماخذن جي راجا ڏاهر جي خلاف ڏنل بيابانن کي رد ڪن ٿا ۔ سندن چوڻ آهي ته اها عربن پنهنجي مفادن مطابق تاريخ لکي آهي ۽ انهن راجا ڏاهر بابت خيانت کان ڪم ورتو آهي ۔ان سان گڏ هڪ دليل هو اهو به ڏين ٿا ته چچ نامي جو مصنف نامعلوم آهي ۽اصل عربي ٻوليءَ وارو نسخو ملي نه سگهيو آهي. چچنامو فارسي ٻولي ۾ علي ڪوفي ترجمو ڪيو هو جنهن تان سنڌي ٻولي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۔ چچنامي جي بنياد تي ئي راجا ڏاهر جي باري ۾ ڪيترائي متضاد بيان آهن ۔ انڪري اسلامي مذهبي طبقو چچنامي جي متضاد بيانن تي ويساھ ڪري ٿو.

برھمڻ گھرائي جي راجائن جي فھرست

حوالا

  1. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  3. "ڏاهر راجا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-28. 
  4. "راجا ڏاھر خلاف عرب حڪمرانن جي جنگ ۽ علط پروپيگنڊا تحرير وقاص کوسو". راجا ڏاھر خلاف عرب حڪمرانن جي جنگ ۽ علط پروپيگنڊا تحرير وقاص کوسو. حاصل ڪيل 2020-06-28. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  6. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-06-28. 
  7. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  8. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  9. افيئر نيوز[مئل ڳنڍڻو]
  10. Nawaz, Ali. "راجا ڏاهر عربن هٿان نه پر هڪ سنڌيءَ هٿان قتل ٿيو!؟". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-06-28. 

پڻ ڏسو



خارجي ڳنڍڻا