هوش محمد شيدي
Wikipedia طرفان
تعارف [سنواريو]
24 مارچ1843ع تي دُٻي جي ميدان ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. هوش محمد شيدي سنڌ جي مير حڪمرانن جي فوج جو بهادر سپاهي هو، جنهن کي پنهنجي بيپناهه بهادري ۽ بيمثال حب الوطنيءَ باعث اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي. مرويسُون سنڌ نه ڏيسُون جو مشهور نعرو هوشوءَ سان منسوب ڪيو ويندو آهي. هوش محمد 1801ع تي پيدا ٿيو.
تاريخ [سنواريو]
چارلس نيپيئر جي سربراهيءَ ۾ برطانوي فوج سنڌ جي مير حڪمرانن سان جنگ ڪئي، جيڪا دٻي جي ميدان تي لڳي، جنهن کان پوءِ سنڌي تي برطانيه جو باقاعده راڄ شروع ٿيو.