ڀارت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(هندستان کان چوريل)
ريپبلڪ آف انڊيا

Bhārat Gaṇarājya
Horizontal tricolor flag bearing, from top to bottom, deep saffron, white, and green horizontal bands. In the centre of the white band is a navy-blue wheel with 24 spokes.
Three lions facing left, right, and toward viewer, atop a frieze containing a galloping horse, a 24-spoke wheel, and an elephant. Underneath is a motto: "सत्यमेव जयते".
جھنڊو رياستي نشان
شُعار: "ستيو ميو جيوتي" (سنسڪرت)
"Truth Alone Triumphs"[1]
ترانو: "جانا گانا مانا" (هندي)[2]
"Thou Art the Ruler of the Minds of All People"[3][2]
National song
"وندي ماترم" (سنسڪرت)

"تنھنجي سامھون نوڙان ٿو ، ماتا
"[lower-alpha 1][1][2]
دنيا جي گولي جي وچ ۾ انڊيا جو نقشو نمايان ٿيل
انڊيا جي اختيار وارا علائقا چٽي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل آھن. علائقا جيڪي اختيار ۾ ناهن پر انڊيا انھن جو دعويدار آهي سي ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل آھن.
گادي جو هنڌ نيو دهلي
28°36.8′N 77°12.5′E / 28.6133°N 77.2083°E / 28.6133; 77.2083
سڀ کان وڏو شهر ممبئي
18°58′30″N 72°49′33″E / 18.97500°N 72.82583°E / 18.97500; 72.82583
دفتري ٻوليون انگريزي ۽ ھندي
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
قومي ٻولي None[5][6][7]
مذهب
مقامي آبادي انڊين
حڪومت وفاقي پارلياماني نظام
آئيني سوشلسٽ ريپبلڪ[9]
ريپبلڪ[1]
• صدر
رسم ناٿ ڪووند
وينڪائيا نائدو
ديپڪ مسرا
سميترا مھاجن
مقننه پارليامنٽ
راجيہ سڀا
لوڪ سڀا
انڊيا جي آزادي from the يونائيٽيڊ ڪنگڊم
15 آگسٽ 1947
26 جنوري 1950
پکيڙ
• جملي
3٬287٬263 km2 (1٬269٬219 sq mi) (7th)
• پاڻي (%)
9.6
آبادي
• 2011 مردم شماري
1,210,854,977 (2nd)
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number] (31st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$10.339 trillion[10] (3rd)
• في سيڪڙو
$7,749[10] (116th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.654 کرب ڊالر [10] (7th)

ڀارت, (انگريزي ٻولي: India, Hindustan) جنهن کي هند، هندستان، ۽ انڊيا پڻ سڏيو ويندو آهي، سو ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي. هيءُ ڏکڻ ايشيا جي وڏي حصي تي پکڙيل آهي. هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. هندستان جا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سؤ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا آهن. هندوستان جي اوڀر ۾ بنگلا ديش ۽ ميانمار (برما)، اتر ۾ ڀوٽان ۽ چين ۽ نيپال ۽ اولهه ۾ پاڪستان. ان کان سواءِ ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

جمھوريہ انڊيا جا قومي(سرڪاري) نشان
قومي جانور
قومي پکي
قومي وڻ
قومي گل
قومي ورثي وارو جانور
قومي آبي
سامونڊي جانور

قومي ريڙهيون پائيندڙ جانور
قومي ورثي وارو مماليہ
قومي ميوو'
قومي مندر
قومي درياء
قومي جبل

نالي جو پسمنظر[سنواريو]

سنڌو دريا جي اوڀر واري علائقي جو نالو سنڌ هو جيڪو ايرانين جي اچڻ سان هند ٿي ويو. ايئن ئي انڊس مان انڊيا ٿي ويو. ماضي ۾ هن خطي کي هندوستان يا ڀارت چيو ويندو هو. علامه اقبال جي لکيل مشهور قومي گيت ۾ پڻ اهو ئي ورجايل آهي؛ "ساري جهان سي اچها هندوستان همارا". آزادي کان پوءِ هن ملڪ جو سرڪاري نالو ڀارت رکيو ويو. محمد علي جيڻا هندوستان نالي تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هندوستان ان سموري علائقي جو نالو هو هاڻي جيڪو ٻه حصا ٿي پاڪستان ۽ ڀارت ٿيو آهي. جيڻا انڊيا لفظ جي پڻ مخالفت ڪئي پر بعد ۾ راضي ٿي ويو. ٻاهرين ملڪن ۾ لفظ انڊيا گهڻو رائج آهي.

”هندو“ ۽ ”هندستان“ جي معنيٰ: رگ ويد واري زماني ۾ آڳاٽا آريه لوڪ سنڌو نديءَ ۽ اِن جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، تنهنڪري آڳاٽن ايرانين سڀني هنڌن جي رهاڪن کي گڏي ”سنڌو“ سڏيو، پر اُچار ڦيرائي ڪيائون ”هندو“، جو ايراني لوڪ عام طرح ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪندا آهن: انهيءَ ريت ”هندو“ لفظ جي معنيٰ ٿي ”سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“. قديم ايراني لوڪ سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) کان پري ڪونه ويا، تنهنڪري جيڪو ملڪ ڏٺائون، ته آريه لوڪ والاري ويٺا هئا، تنهن کي هندوستان – هندستان (هندو + آستان) سڏيائون. مطلب ته ”هندستان“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌو نديءَ وارو ملڪ“. قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان جي سڌ پيئي. سڪندر اعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا، تن به سنڌو ماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو ”سنڌو“ (هندو)، پر اُچار ڦيرائي ڪيائون ”انڊو-اندوئي“ (Indoi)، نديءَ کي سڏيائون ”انڊوس“ (Indus) ۽ هندستان کي ”انڊيا“ (India) سڏيائون. ائين هڪڙي ئي سنسڪرت لفظ ”سنڌو“ جا اچار لئتن ٻوليءَ ۾ ڦري ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“ ٿيا آهن. ٿورن لفظن ۾ چئبو ته ”سنڌ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ جي ماٿر“، جنهن ۾ سڄو پنجاب به اچي ٿي ويو. ”سنڌو“ (هندو) لفظ جي اصل معنيٰ هئي: ”سنڌو نديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“، ۽ نه ”ڪارو“ يا ”چور“، جيئن ڪي غلط طرح سمجهن ٿا؛ ۽ ”هندستان“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ وارو ملڪ“. خود سنسڪرت ساهت ۾ ”سنڌو“ لفظ جي ڪيترن هنڌ معنيٰ آهي ”سنڌونديءَ وارو ملڪ“. ۽ ”سنڌو“ يا ”سئنو“ جي معنيٰ آهي، ”سنڌو ماٿر جا رهاڪو“، آڳاٽا آريه لوڪ پوءِ اتر هندستان کان وڌي ڏکڻ هندستان ڏي ويا، ۽ اتي به وڃي بيٺڪون وڌائون ته اهو سڄو ملڪ ڪشمير جي مٿئين ڀاڱي کان وٺي ڪيپ ڪامورن تائين ”هندستان“ سڏجڻ ۾ آيو. پوءِ مسلمانن جي صاحبي ٿي، ته ”هندو“ لفظ جي معنيٰ ٿي ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“.[13]

”انڊيا“ ۽ ”سنڌ“[سنواريو]

ايرانين پنهنجي لهجي آڌار سنڌ کي هند ڪري ڇڏيو ۽ يوناني وري ”هه“ کي ”ا“ ۾ تبديل ڪري اند ڪري ڇڏيو. رومن ۾ اهو لفظ اند مان ڦري انديا ٿي ويو ۽ انگريزي ٻولي ۾ ”د“ نه هجڻ ڪري ”انڊيا“ بڻجي ويو.[14]

تاريخ[سنواريو]

هندستان، دنيا جي تاريخ ۾ عظيم الشان درجي جو مالڪ آهي. پهرين دؤر ۾ هن سنسڪرت جهڙي ٻولي پيدا ڪئي، ڪليلا و دمنا جهڙو حڪمت وارو ڪتاب لکيو. فوجي مشقن واري راند شطرنج ايجاد ڪئي. رياضيءَ ۾ يونان سان مقابلو ڪيائين. الاهيات ۾ ويدانت فلاسافي سيکارڻ ۾ جڳت گرو بڻيو. ان سان ويدڪ ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم پکڙيا. هندوستان مها راجا اشوڪ جهڙا حڪمران پيدا ڪيا. ٻئين دؤر ۾ قديم انسانيت جي علمبردار جلال الدين اڪبر پيدا ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا جي ٻولين کي ملائي اردوءَ جهڙي انٽرنيشنل ٻولي ٺاهي. هندوستان محي الدين عالمگير جهڙو سلطان ۽ شاهه ولي الله جهڙو فلاسافر پيدا ڪيو. [15] [16] ھندستان جي تاريخ پهريائين پهريائين آنربل مائونٽ سٽيوئرٽ ايلفنسٽن تيار ڪئي هئي، جا پهريون گهمرو 1841ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي.[17]

ڀارت جي حوالي سان چوڻي[سنواريو]

ڀارت جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ چوڻي به مشهور آهي، جيڪا اصل ۾ ته هندي جي چوڻي آهي پر هاڻي سنڌي ٻولي ۾ ڪتب اچي ٿي. چوڻي اهي ته ”جيڪي مھا ڀارت ۾ آهي، سو ڀارت ۾ ڪينھي.“ معنا ته مھاڀارت، هڪ مڪمل معلوماتي ۽ مذهبي ڪتاب آهي. ڀارت کنڊ جون مُک ۽ هڙئي ڳالھيون، منجھس لکيل آهن. ٻين لفظن ۾ سندن خيال آھي؛ مھا ڀارت ۾ اھي ڳالھيون به لکيل آھن، جيڪي ڀارت ملڪ ۾ ڪونھن. مطلب اهو ته ڌرمي ڪتاب، به انسان کي گھڻو ڪجهه سيکارين ٿا.[18]

سياست[سنواريو]

هندستان جمهوري ملڪ آهي. ڪيترين ئي رياستن تي ٻڌل هي من ملڪ جو نظام وفاق جي هيٺ آهي. رياست جو سربراهه صدر هوندو آهي جيڪو 5 سالن لاءِ چونڊبو آهي. هندستان جي انتظامي طاقت وفاق آهي. جنهن جو سربراهه وزير اعظم هوندو آهي. هن وقت هندستان جو وزير اعظم نريندر مودي آهي.

معيشيت[سنواريو]

اهم شهر[سنواريو]

صوبو[سنواريو]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]


سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | آمريڪا | ڏکڻ ڪوريا

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 National Informatics Centre 2005.
  2. 2.0 2.1 2.2 "National Symbols | National Portal of India". India.gov.in. وقت 4 February 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 March 2017. The National Anthem of India Jana Gana Mana, composed originally in Bengali by Rabindranath Tagore, was adopted in its Hindi version by the Constituent Assembly as the National Anthem of India on 24 January 1950. 
  3. Wolpert 20031.
  4. "Report of the Commissioner for linguistic minorities: 50th report (July 2012 to June 2013)" (PDF). Commissioner for Linguistic Minorities, Ministry of Minority Affairs, Government of India. وقت 8 July 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 December 2014. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Times News Network
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NoneNtl
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Press Trust of India
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Census2011religion
  9. "Preamble of the Constitution of India" (PDF). Ministry of Law & Justice. وقت 9 October 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 September 2017. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 "World Economic Outlook Database, October 2017 – Report for Selected Countries and Subjects". International Monetary Fund (IMF). وقت 31 January 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 October 2017. 
  11. "Income Gini coefficient". United Nations Development Program. وقت 23 July 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 January 2017. 
  12. "Human Development Report 2016 Summary" (PDF). The United Nations. وقت 22 March 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  13. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  14. سنڌي ادبي بورڊ
  15. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون (مولانا عبيدالله سنڌي / ثناءُ الله سومرو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-19 
  16. ڪتاب: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون
  17. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)}
  18. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-22 


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو