البانيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف البانيا

Republika e Shqipërisë  (ٻولي؟)
Flag of البانيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: Ti Shqipëri, më jep nder, më jep emrin Shqipëtar
You Albania, give me honour, give me the name Albanian
'ترانو: Himni i Flamurit
"Hymn to the Flag"
مڪانيت  البانيا  (سائو) نقشو دنيا  (خاڪي)
مڪانيت  البانيا  (سائو)

نقشو دنيا  (خاڪي)

گادي جو هنڌ تيرانا
41°19′N 19°49′E / 41.317°N 19.817°E / 41.317; 19.817
سڀ کان وڏو شهر تيرانا
دفتري ٻوليون البانيائي ٻولي
مڃيل ٻيون ٻوليون يوناني،ايرومانين، مقيدونيائي ۽ ٻيون
مقامي آبادي الباني يا البانيائي
حڪومت وحدانيپارلياماني آئيني ريپبلڪ
• صدر
اکر ميتا
ايڊي راما
مقننه ڪوينڊي
البانيائي تاريخ
1190
فبروري 1272
1368
2 مارچ 1444
•  عثماني خلافت کان آزاديءَ جو اعلان
28 نومبر 1912
• پرنسپلٽي آف البانيا (تسليم ٿيل )
2 جولائي 1913
• البانيائي ريپبلڪ (پھرين ريپبلڪ )
31 جنوري 1925
• البانيائي بادشاھت (1928– 1939 )
1 سيپٽمبر 1928
• پيپلز سوشلسٽ ريپبلڪ آف البانيا (ٻين ريپبلڪ )
11 جنوري 1946
• پيپلز سوشلسٽ ريپبلڪ آف البانيا (ٽين ريپبلڪ )
28 ڊسمبر 1976
• ريپبلڪ آف البانيا (چوٿين ريپبلڪ )
البانيا جو آئين
29 اپريل 1991

28 نومبر 1998
پکيڙ
• جملي
28٬748 km2 (11٬100 sq mi) (140th)
• پاڻي (%)
4.7
آبادي
• جنوري 2017 اندازو
2,876,591[1]
• 2011 مردم شماري
2,821,977[2]
•  گھاٽائي
98 /km2 (253.8 /sq mi) (63rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$38.154  بلين ڊالر [3]
• في سيڪڙو
$13,274[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$15.289  بلين ڊالر [3]

البانيا (انگريزي: Albania)ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ واقع آهي. [6]جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف البانيا آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر تيرانا آھي. 28748 چورس ڪلوميٽر پکيڙ رکندڙ ھن ملڪ جي آبادي ٽيھ لک آھي. ھن ملڪ جا تيرانا کان علاوه ٻين وڏن شھرن ۾ دريس(انگريزي: Durrës), ولورا(انگريزي: Vlorë)، سريند(انگريزي: Sarandë)، شڪودرا(انگريزي: Shkodër)، بيرات(انگريزي: Berat)، ڪورچ(انگريزي: Korçë)،جيروڪاستر(انگريزي: Gjirokastër) ۽ فاير(انگريزي: Fier]) شامل آهن.

جاگرافي[سنواريو]

البانيا بلقان اپٻيٽ جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي جتي ان جون حدون اتر اولھ ۾ مونٽي نيگرو، اتر اوڀر ۾ ڪوسووو، اوڀر ۾ ميسيدونيا ۽ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر۾ يونان سان ملن ٿيون.ھن ملڪ جو وڏو حصو جابلو آھي جنھن ۾ اتريون البانيائي الپس جبل ۽ اوڀر ۾ ڪوراب جبل ، ڏکڻ وارو سرونيئن جبل ۽ وچ البانيا ۾ اسڪيندر بيگ جبل پڻ شامل آھن.ھن ملڪ جا ساحلي ڪنارا اتر اولھ ۾ ايڊريئاٽڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ آئيونيئن سمنڊ سان ملن ٿا ان سان گڏوگڏ درياءَ البانيا پڻ ھن ملڪ ۾ وھي ٿو.ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 41 00 N, 20 00 E آھي. يورپ جي ھن ننڍڙي ملڪ جي ايراضي28748 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 27398 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 1350 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ 145 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 691 ڪلوميٽر آهي جن مان 212 ڪلوميٽر يونان سان، 112 ڪلوميٽر ڪوسووو سان، 186 ڪلوميٽر مونٽي نيگرو سان ۽ 181 ڪلوميٽر ميسيدونيا سان مليس ٿي. ملڪ جو سامونڊي ڪنارو 362 ڪلوميٽر آهي ۽ سمنڊ م ھن ملڪ جي حد 12 ناٽيڪل ميلن تائين آهي.ھن ملڪ جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي 708 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقام ماجاء ڪورابت (گولام ڪوراب) آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 2764 ميٽر بلند آھي.[7]

آبادي[سنواريو]

جولائي 2017 جي انگن اکرن مطابق ھن ملڪ جي آبادي3047987 ھئي. دنيا جي ملڪن سان ڀيٽ ۾ ھي ملڪ 136 نمبر تي آهي. ملڪ جا ماڻهو البانيائي يا البانين سڏبا آهن. آبادي جو 82.6 سيڪڙو البانيائي ماڻهو آھن، 0.9 سيڪڙو يوناني.

ٻوليون[سنواريو]

ملڪ جي 98.8 سيڪڙو آبادي جي ٻولي البانيائي آھي جيڪا ملڪ جي سرڪاري زبان آھي. ان کان سواءِ 0.5 ماڻھو يوناني ڳالھائيندا آھن. باقي 0.6 سيڪڙو ماڻهو روماني، ولاچ، ترڪي ۽ اٽالين ۽ ٻيون ڳالھائيندا آھن.

مذھب[سنواريو]

ھن ملڪ ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. آبادي جو 56.7 سيڪڙو ماڻهو اسلام سان تعلق رکندڙ آھن. باقي ٻين مذھبن ۾ رومن ڪيٿولڪ 10 سيڪڙو، آرٿوڊڪس 6.8 سيڪڙو، لادينيت 2.5 سيڪڙو، بيڪتاشي (صوفي سلسلو)2.1 سيڪڙو آھن. 1967 ۾ ھتي سڀني مسجدن ۽ چرچن کي بند ڪري مذھبي رسمن جي ادائگي تي پندش وڌي وئي ھئي پر نومبر 1990 ۾ بندش ختم ڪري مذھبي آزادي ڏني وئي.

زراعت ۽ معدني وسيلا[سنواريو]

ھن ملڪ جي معدني وسيلن ۾ پيٽرول، قدرتي گئس، ڪوئلو، باڪسائيٽ، ڪرمائيٽ، ٽامو، لوھ، نڪل،لوڻ، عمارتي ڪاٺ شامل آهن. ملڪ ۾ زراعت واري زمين % 42.86 آھي جنھن مان %52.42 پوکي لائق آھي ۽ %6.84 زرعي زمين تي مستقل پوک ٿيندي آهي.%40.73 زرعي زمين چراگاھن تي مشتمل آهي ۽ %28.19 سيڪڙو تي ٻيلا واقع آھن. 2014 جي انگ اکرن مطابق ھن ملڪ جي آبپاشي واري زمين 3537 چورس ڪلوميٽر آهي.[8]

آبھوا[سنواريو]

ھن ملڪ جي آبهوا ٿورڙي ٽيمپريٽ آھي.ھميشہ ٿڌي ۽ جھڙالي ھوندي آھي. سياري جو موسم گھميل رھندي آھي ۽ اونھاري جو وري گرمي ٿئي ٿي ۽ موسم خشڪ ۽ صاف ھوندي آھي.

تاريخ[سنواريو]

شروع ۾ اليريائي، ٿريشيائي ۽ ڪيئونيائي قبيلن جا ماڻهو ھن سرزمين تي رھندا ھئا ۽ ان جي اليريائي سامونڊي ڪناري تي کوڙ يوناني ڪالونيون آباد ٿيل ھيون جنھن بعد ٽين صدي قبل مسيح ۾ رومن ايمپائر ھن پرڳڻي کي پنهنجي سرحدن۾ ضم ڪري ڇڏيو.

البانيا 1912 ۾ خلافت عثمانيہ کان پنھنجي آزادي جو اعلان ڪيو پر 1939 م اٽلي کيس فتح ڪيو ۽ 1943 ۾ جرمني ان تي قبضي ڪيو. 1944 ۾ ڪميونسٽ پارٽي وارن ملڪ کي پنھنجي ضابطي ۾ آندو جنھن بعد ھي ملڪ سويت يونين جو اتحادي ٿي ويو ۽ 1960 تائين ان اتحاد ۾ شامل رھيو. ان کان پوءِ 1978 تائين ھي ملڪ چين جو اتحادي رھيو 1990 واري شروعاتي ڏھاڪي ۾ البانيا ۾ ڪميونسٽ نظام جي 46 سالن جي دؤر جو خاتمو ٿيو ۽ گھڻين پارٽين جي جمھوريت جو آغاز ٿيو. 1991 ۾ اتي گھڻ جمائتي عام چونڊون ٿيون. اپريل 2009 ۾ البانيا ناٽو ۾ شامل ٿيو. ھي ملڪ اڃان تائين يورپ جي غريب ترين ملڪن ۾ شامل آھي.[9]

نالي جو مطلب[سنواريو]

ھن ملڪ جو پورو نالو ريپبلڪ آف البانيا آھي.البانوي ٻولي ۾ کيس Republika e Shqiperise سڏيندا آهن. الباني لفظ Shqiperise جو مطلب عقاب(انگريزي: Eagle) آھي.لفظ البانيا جو مطلب عام طور تي عقابن جي سرزمين سمجھيو ويندو آھي.

حڪومتي نظام[سنواريو]

ھن ملڪ ھڪ پارلياماني ريپبلڪ آھي جنھن جي گاديءَ جو هنڌ تيرانا آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 41 19 N, 19 49 E آھي. 28 نومبر 1912 تي خلافت عثمانيه کان آزادي حاصل ڪرڻ تي ان ڏينهن کي فليگ ڊي(انگريزي: Flag Day) ڪري ملھايو ويندو آهي. ھي ملڪ عالمي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي. ھي ملڪ ٻٽي شھريت کي تسليم ڪندڙ آھي. رھائش جي جي بنياد تي شھريت لاءِ مدو پنج سال اٿس. ووٽ ڏيڻ جو حق شھرين کي 18 سالن جي عمر ۾ ملي ٿو. رياست جو سربراھ ھتي صدر ۽ حڪومتي سربراھ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ جو وزيراعظم ھوندو آھي.ملڪ جي صدر کي اسيمبلي پنج سالن لاءِ چونڊيندي آھي ۽ اھو ٻيھر چونڊجڻ لاء بہ اھل ھوندو آھي. اڪثريتي پارٽيءَ جي رٿ تي وزيراعظم کي صدر چونڊيندو آھي. ھن ملڪ جي قانونساز اسيمبلي ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو ڪويندي(انگريزي: Kuvendi) آھي جنھن جا 140 رڪن آھن جيڪي سڌا سنوان تڪن مان چار سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن.ھتان جي سپريم ڪورٽ۾ 17 جج ھوندا آھن جن ۾ چيف جسٽس پڻ شامل آهي. آئيني ڪورٽن ۾ 9 جج ٿين ٿا جن انھن جو چيئرمين پڻ شامل ھوندو آھي. انھن سڀني اعلي عدالتن جي ججن ء چيئرمين جي مقرري ملڪ جو صدر اسيمبليء جي مشوري سان 9 سالن جي عرصي لاءِ ڪندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "404".  سانچو:Deadlink
  2. "Population and Housing Census 2011". INSTAT (Albanian Institute of Statistics). وقت 3 August 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Report for Selected Countries and Subjects". IMF. 
  4. "Income Gini coefficient". World Bank. UNDP. وقت 23 July 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 July 2015. 
  5. "Human Development Report 2018" (PDF). United Nations. حاصل ڪيل 15 September 2018. 
  6. Giacomo Jungg. "Fialuur i voghel scc...p e ltinisct mle...un prei P. Jak Junkut t' Scocniis ...". N'Sckoder t' Scc...pniis. حاصل ڪيل 23 July 2016. 
  7. https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/al.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  8. https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/al.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  9. https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/al.html.  Missing or empty |title= (مدد)

مڪانيت: 41°N 20°E / 41°N 20°E / 41; 20