فرائضي تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فرائضي تحريڪ(انگريزي: Faraizi Movement ) جو بنياد 1819 ۾ اوڀر بينگال ۾ حاجي شريعت الله بدعتن جي خاتمي ۽ مسلمانن کي الله طرفان مقرر ڪيل فرضن تي ھلڻ لاءِ وڌو.[1] اھا برطانيا جي مخالف تحريڪ ھئي[2]. ھن تحريڪ جو باني حاجي شريعت الله (1781ع- 1840ع) ننڍي عمر ۾ حج ادا ڪيو ۽ 20 سال مڪي ۾ رھيو[2]. ممڪن آهي تہ ھي وھابيت مان متاثر ٿيو ھجي. عربستان مان واپس اوڀر بينگال پھچي ان ھن تحريڪ جي شروعات ڪئي[2]. 1757 کان بينگال ايسٽ انڊيا ڪمپني جي قبضي ۾ اچي ويو ھو جنھن جي معاشي پاليسين سان بينگال جي ڪپڙي جي صنعت ۽ ھارين جي زندگي تباھي جي ڪناري تي پھچي وئي. ٻئي طرف ھندو زميندارن ۽ شاھوڪارن کي فائدو رسي رھيو ھو[2]. شريعت الله ماڻھن کي شيعن ۽ صوفين جي طريقن کي، شادين ء جنازن جي غير اسلامي رسمن کي ختم ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ اجتماعي نمازون جائز حاڪم جي اچڻ تائين نہ پڙھڻ جي صلاح ڏني[2]. ھن بي زمين ھارين جي جبري پورهئي کي رد ڪرڻ ۽ ٽئڪس نہ ڏيڻ لاء زور ڏئي انھن جي مدد ڪئي[2]. اصلاح پسندي ۽ مساوات جي پيغام سان جيڪا فرائضي تحريڪ شروع ڪئي اھا اوڀر بينگال جي ٻھراڙيءَ ۾ سندس پٽ دودو ميان (1819ع-1863ع) جي سربراهي ۾ عوامي حمايت جو مرڪز ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي[2]. دودو ميان انڊيا کي غير مسلم حاڪمن جي رھڻ تائين دارلحرب (جنگ جو گھر) قرار ڏئي ڇڏيو[2]. تحريڪ سڌوسنئون انگريزن سان ثڪراء ۾ اچي وئي. 1857 واري بغاوت ۾ دودو ميان گرفتار ٿي ويو ۽ ھن تحريڪ جي سياسي سرگرمين تي بندش پئجي وئي[2]. تنھن ھوندي به ان جون مذھبي سرگرميون ويھين صديءَ جي شروعات تائين جاري رھيون[2].

تحريڪ جا نظرتي خيال[سنواريو]

ھي تحريڪ سني اسلام جي حنفي فقه سان لاڳاپيل ھئي. ھن بنگال جي مسلمانن م گناھن کان توبه، الله جي مقرر ڪيل فرضن جي بجاوري، توحيد سان سختي سان وابستگي، ھر قسم جي ثقافتي روايتن سان تعلق قطع ڪرڻ جيڪي بدعتن ۾ اچن پيون. ھنن جي نظريي مطابق جمعي جي نماز ء عیدالاضحی پڙھڻ لازمي نہ ھيو.ھہ انڊيا کي دارلحرب سمجھندا ھيا. ھنن ۾ اڳواڻ پير جي بدران استاد ۽ پوئلڳ کي مريد جي بدران شاگرد سڏبا ھئا. اھا مذھبي اصلاح جي تحريڪ ھئي جيڪا شروع م پرامن ۽ بعد ۾ تشدد واري ٿي وئي. ان جو بنيادي مقصد غيراسلامي رسمن کي ختم ڪرڻ ھو. ان جو مرڪز فريدپور ھيو.

حوالا[سنواريو]

  1. Khan, Muin-ud-Din Ahmad (2012). "Shariatullah, Haji". in Islam, Sirajul; Jamal, Ahmed A.. Banglapedia: National Encyclopedia of Bangladesh (Second ed.). Asiatic Society of Bangladesh. http://en.banglapedia.org/index.php?title=Shariatullah,_Haji. 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 226,