وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو ڊسمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آسٽن، ٽيڪساس ۾ پيني بيڪر برج ڏانهن اتر اولهه طرف ڏسندي مائونٽ بونيل جي چوٽي جو نظارو.
لوبيڪ، ٽيڪساس ۾ ٽيڪساس ٽيڪ يونيورسٽي ۾ انگريزي ۽ فلسفو جي عمارت

آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست جيڪا آباديءَ توڙي پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ لوئيزانيا, اتر اوڀر ۾ ارڪنساس، اتر ۾ اوڪلاھوما، ۽ اولھ ۾ نيو ميڪسيڪو رياستن سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ھن رياست جون سرحدون ميڪسيڪو سان وڃي ملن ٿيون. ميڪسيڪو نار ھن جي ڏکڻ ۾ موجود آھي.

ھوسٽن ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ سان انتونيو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. آسٽن ھن رياست جي گاديءَ ھو ھنڌ آھي. ٽيڪساس اصل ۾ اصلوڪن آمريڪين (شيدين) جي ڪيڊو ٻوليءَ جي لفظ ”ٽيشا“ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”دوست“.

ٽيڪساس کي ”اڪيلي تاري واري رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ھن رياست جي جھنڊي ۾ ھڪ اڇي رنگ جو تارو شامل آھي.اسپين يورپ جو پھريون ملڪ ھو جنھن ٽيڪساس واري علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. فرانس بہ ٿوري عرصي تائين ھتان جي ڪجھ علائقن تي قابض رھيو. 1836ع تائين ھي علائقو ميڪسيڪو حڪومت جو حصو رھيو. 1845ع ۾ ھن کي آمريڪا جي 20 رياست بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مختلف قومن جي تسلط ۽ خانہ جنگين سببان گهڻي عرصي تائين ھيءَ رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندي رھي. پر ٻي عالمگير جنگ کان اڳ چوپايو مال، ڪپھ، ڪاٺ ۽ تيل ھتان جي معيشيت کي ھٿي وٺائڻ جا مکيہ ڪارڻ رھيا.