مواد ڏانھن هلو

فارسي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فارسي (Persian) هڪ هند-يورپي ٻولي آهي جيڪا ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ ڳالهائي ويندي آهي. فارسی کي ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل آهي. ايران، افغانستان، تاجڪستان ۽ اُزبڪستان ۾ تقريباً 72 ملين ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. يونيسڪو کان به هڪ دفعو مطالبو ٿي چڪو آهي ته هو فارسي کي پنهنجي ٻولين ۾ شامل ڪري.

فارسي

فارسي اسلامي دنيا ۽ اولهه جي دُنيا جي لاء ادب ۽ سائنس ۾ حصو وجھڻ جو هڪ ذريعو رهي آهي. پاڙيسري ٻولين مثلاً اردو تي هن جي ڪيترائي اثر آهن. پر عربي تي هن جو اثر گھٽ رهيو آهي، پشتو ٻولي کي فارسي جي ٻي شڪل قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻنهي جي قاعدا به ڪافي حد تائين هڪ جهڙا آهن.

برطانوي راڄ کان پهرين، فارسي کي ننڍي کنڊ ۾ ٻي  ٻولي جو درجو حاصل هيو؛ هن ڏکڻ ايشيا ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ٻولي جو امتياز حاصل ڪيو ۽ مُغل دورِ حڪومت ۾ هي سرڪاري ٻولي بڻي. 1857ع ۾ هن جو سرڪاري ۽ دفتري رواج ختم ڪيو ويو. 1843ع کان ننڍي کنڊ ۾ انگريزي صرف تجارت ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. فارسي ٻولي جو هن خطي ۾ تاريخي اثر هندستاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين تي لڳائي سگھجي ٿو. خصوصاً اردو ٻولي فارسي ۽ ٻيون ٻوليون جيئن عربي ۽ تُرڪي ٻولي جي اثر جو نتيجو آهي، جيڪا مُغل دورِ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ واري ٻولي هئي.

جماعت بندي

[سنواريو]

فارسي، ايراني ٻولين جي اولهه واري گروهه سان تعلق رکي ٿي جيڪا هند-يورپي ٻولين جي هڪ شاخ آهي ۽ فاعل-مفعول-فعل قسم جي آهي. عام خيال جي برعڪس هي سامي ٻولي نه آهي.

مقامي نالا

[سنواريو]
  • فارسي: ايران ۾ ڳالهائي ويندڙ لهجي جو سرڪاري نالو.
  • تاجڪ: مرڪزي ايشياء ۾ سرڪاري نالو.
  • دري: افغانستان ۾ ڳالهائي ويندڙ لهجي جو سرڪاري نالو.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]