شجاع آباد تعلقو
ڏيک
شجاع آباد | |
---|---|
تعلقو | |
تعلقه شجاع آباد | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 25°18′N 69°03′E / 25.300°N 69.050°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ميرپورخاص ضلعو |
قيام | ڊسمبر 2083 |
يونين ڪاؤنسلون | 3 |
شجاع آباد تعلقو (اُچار: شُجاباد تالُڪو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپور خاص جو هڪ تعلقو آهي. هن تعلقي کي ڊسمبر 2013 ۾ بڻايو ويو، جڏهن ته شجاع آباد نالي ڪوبه ڳوٺ يا ديهه هن تعلقي ۾ موجود ناهي. بلڪه هي تعلقو سنڌ جي اڳوڻي زراعت جي وزير سيد علي نواز شاهه جي والد شجاع محمد شاهه جي نالي تي پيپلز پارٽي جي جيالن جي مطالبي سان جوڙيو ويو آهي.[1] هن تعلقي جو وڏو شهر ميرواھ گورچاڻي آهي، پر تنهن جي هوندي به علي نواز شاه جي جي مطالبي سان تعلقي جو گاديءَ جو هنڌ علي نواز شاهه ڳوٺ کي ڪيو ويو آهي.
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]شجاع آباد تعلقي ۾ 3 يونين ڪاؤنسلون آهن جن جي ڪل آبادي 2015 ۾ ٿلهي ليکي 1 لک 17 هزار آهي.
يونين ڪاؤنسل | آبادي | |
---|---|---|
1 | ميرواھ گورچاڻي | 39,039 |
2 | مکڻ سمو | 40,824 |
3 | جِهلورِي | 37,704 |
ڪل | 1,17,567 |