رومن سنڌي اسڪرپٽ
اڳ ۾ اسان سنڌي لفظَ يا ٻولَ باقائدي زير زبر، پيش، مخرج يا اعيراب ڏئي لکندا هئاسين. پر هاڻي وقت بچائڻ لاءِ عام طور تي زير، زبر ۽ پيش نٿا ڏيون. پر پوءِ به اسان جڏهن ڪو جملو پڙهندا آهيون يا ڳالهائيندا آهيون يا ڪو ٻول يا لفظ اُچاريندا آهيون ته اسان ان کي زير زبر يا پيش ڏئي اُچاريندا آهيون. ڇو جو زير، زبر، پيش، الف مند (آ)، الف (ا)، و، ي ۽ همدو (ء) وغيره سنڌيءِ ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ سَر يا واو (Vowel) آوازن وانگر ڪم ڪن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نيارن لفظن (ايڪسيپشنز) کي ڇڏي، باقي گهڻو ڪري هر سنڌي لفظَ تي مٿي بيان ڪيل سَر آواز ضرور اَچن ٿا.
جيئن ته رومن يا انگريزي صورتخطيءَ ۾ زير، زبر يا پيش وغيره ڪونهن، ان ڪري انهن جي جاءِ تي واو آواز يعني a e i o u يا سيمي واو آوازن تحت واءِ يا وائے وغيره ان مقصد لاءِ ڪتب اچن ٿا.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو رومن سنڌي ۾ زير، زبر ۽ پيش جي ڏاڍي اهميت آهي، ڇو جو هاڻوڪي گاڏڙ عربي فارسي ٽٻڪن واري ٻاونجھائي صورتخطيءَ ۾اعيرابَ رومن سنڌي ۾ واو Vowel آوازن وانگر ڪم اچن ٿا يا ڪم ڪن ٿا ۽ انهن کان سواءِ ڪو به سنڌي ٻول، رومن سنڌيءَ ۾ لکي نٿو سگهجي. رومن سنڌيءَ ۾ لفظ جي اُچار، آواز، بيهڪ، گهڙت، ۽ گهرج آهر زَبرَ لاءِ گهڻو ڪري اَيَ (A) ڪتب اچي ٿي، پر ڪن خاص حالتن يا صورتن ۾ رومن سنڌي ۾ ايڪسيپشن (نيارپ) جي طور تي زبرَ لاءِ ”يو“ به ڪتب آڻي سگهجي ٿي. ساڳي نموني رومن سنڌيءَ ۾ زير لاءِ آءِ (I) ڪتب اچي ٿي، پر ڪن خاص حالتن يا صورتن ۾ ايڪسيپش جي طور تي زير لاءِ (E) به ڪتب آڻي سگهجي ٿي. ساڳي نموني رومن سنڌي ۾ پيش ڏيڻ يُو (U) ڪتب اچي ٿي. رومن سنڌي ۾ لفظَ لکڻ مهل جيترو اسان زير، زبر ۽ پيش يا واوز (Vowels) جو خيال رکنداسين، اوترو ئي رومن سنڌي صحيح ۽ سٺي لکجندي. اندس رومن سنڌي يا سنڌو رومن سنڌي بلڪل ساڳي سنڌي ٻولي ئي آهي، رڳو لکڻ جي لپيءَ جو فرق آهي ۽ رومن سنڌيءَ لپي يا صورتخطيءَ ذريعي ڪير به سنڌي ٻولي ڏاڍي سوالائي سان لکي ۽ پڙهي سگهي.
رومن سنڌي صورتخطي
Roman Sindhi | Sindhi |
---|---|
AA | آ، اڀو الف |
A | ا، ع |
B | ب |
BB | ٻ |
C | Use C when needed |
P | پ |
BH | ڀ، بھ |
T | ت، ط |
TH | ٿ، تھ |
TT | ٽ، ٹ |
THH | ٺ، ٹھ |
J | ج |
JH | جهه |
JJ | ڄ |
NJN or NJ | ڃ |
CH | چ |
CHH | ڇ، چھ |
H | ه، هه، ح |
KH | خ |
KHH | ک، کھ |
D | د |
DH | ڌ، دھ |
DD | ڏ |
DDH or 'D | ڊ، ڈ |
DHH | ڍ، ڈھ |
R | ر |
RR | ڙ، ڑ |
S | س، ث، ص |
SH | ش |
G' or GHH | غ |
F | ف |
PH | ڦ، پھ |
K | ڪ |
Q | ق |
G | گ |
GG | ڳ |
GH | گھ |
NGN | ڱ |
L | ل |
M | م |
N | ن، ں |
NN | ڻ |
W, V | و |
X | Use X when needed |
Y, E, EE, I | ي، ی، ے |
Z | ض، ذ، ز، ظ |
رومن سنڌي ۾ ڪن خاص صورتن ۾ زبر ڏيڻ جون نيارپون (ايڪسيپشنز)
هونئن ته اسان کي خبر آهي ته رومن سنڌي ۾ زبر لاءِ اَيَ (A) ڪتب آڻيون ٿا. پر رومن سنڌي ۾ زَبرَ ڏيڻ جي حوالي سان هڪ نيارپ (ايڪسيپشن) آهي اها نيارپ هي آهي ته ڪن خاص صورتن ۾ اکر جي آخر ۾ زبر (اي) ڏيڻ جي بدران اکر جي منڍ ۾ زبر (اي) ڏيڻي هوندي آهي. مثال جي طور تي اسان جڏهن سنڌي ۾ (تي) لکندا آهيون ته هن ريت (ت ي زبر تيَ) هِجي ڪري لکندا آهيون. هاڻي اسان جيڪڏهن هن نموني يا ڍنگ سان تيَ (Te) لکون ٿا ته ان ۾ زَبرَ جو آواز ظاهر نٿو ٿئي ۽ (Te) مان خبر نٿي پوي ته اها (ت ي زير تيِ) آهي يا (ت ي زبر تيَ) آهي. جيڪڏهن اسان (Te) ۾ زَبرَ ڏيکارڻ لاءِ اَيَ (a) هڻون ٿا ته انگريزيءَ جي ٽي (Tea) يا چانھ ٿي پوي ٿي. رومن سنڌيءَ ۾ (ي) جا مختلف آواز ڏيکارڻ لاءِ (e, i & y) ڪتب اچن ٿا. هاڻي جيڪڏهن اسان هن نموني تيَ (Ty) لکون ٿا ۽ زبر ڏيکارڻ لاءِ واءِ کانپوءِ زبر لاءِ (a) ڏيون ٿا ته پوءِ اهو تيا (Tya) ٿي پوي ٿو. تنهنڪري رومن سنڌي ۾ اهڙين خاص صورتن ۾ اکر کان پهرين زبر (a) ڏيڻ جي اجازت آهي. تنهنڪري ڪري رومن سنڌي ۾ جڏهن اسان (ت ي زبر تيَ) لکندا آهيون ته هن ريت (Tay) لکندا آهيون. يا جڏهن اسان لفظ (خير) رومن ۾ لکندا آهيون ته هن ريت (Khair) لکندا آهيون. اوهان هن اسپيلنگ ۾ ڏسندئو ته خ جي لاءِ (Kh) ۽ ي جي لاءِ آءِ (i) ۽ ي يعني آءِ کي زبر ڏيڻ لاءِ (a) اصل ۾ (آءِ) کانپوءِ ڏيڻ جي بدران (آءِ) کان پهرين ڏنل آهي.
ي زَبرَ يَ | AE |
ي زَبرَ يَ | AI |
ي زَبرَ يَ | AY |
رومن سنڌي ۾ زِير، زَبرَ ۽ پيش
Roman Sindhi’a mein zabar laai "A" katab achay thee, par kin khaas haalatin yaa sooratin mien exception jay tour tay zabar laai "U" pinn katab aannann jee ijaazat aahay.
رومن سنڌيءَ ۾ (اَيَ) زَبر جي طور تي ڪتب اچي ٿي. عام طور تي زبر لاءِ اسان ايَ (اے) ڪتب آڻيون ٿا پر ڪن صورتن ۾ گهرج آهر ”يو“ (U) کي به زبر جي طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو | A |
---|---|
رومن سنڌيءَ ۾ آءِ زير لاءِ ڪتب اچي ٿي، پر ڪن خاص صورتن ۾ گهرج آهر اِيِ (E) به زير لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿي | I |
سنڌو رومن سنڌيءَ ۾ (يو) پيش جي طور تي ڪتب اچي ٿو | U |
سنڌو رومن سنڌي ۾ الف ۽ زبرَ ڏيڻ لاءِ انگريزيءَ جي اَيَ ڪتب اچي ٿي
ث، س، ص | S |
---|---|
ثَ، سَ، صَ | SA |
س الف زبر سا | SAA |
رومن سنڌيءَ ۾ زبرَ ڏيڻ جي مثالن جا سانچا
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
ھَ، حَ | HA |
جھَ | JHA |
ڪَ، قَ | KA, QA |
تَ | TA |
ٽَ | TTA |
ٺَ | THHA |
رَ | RA |
ڙَ | RRA |
رََ. ذَ، ضَ، ظَ | ZA |
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
الف مند آ، ع الف زبر عا | AA |
ڪ الف زبر ڪا، قا | KAA, QAA |
ڀ الف زبر ڀا | BHAA |
س الف زبر سا، صا، ثا | SAA |
ت الف زبر تا، طا | TAA |
ٽ الف زبر ٽا | TTAA |
ھ الف زبر ها، حا | HAA |
گ الف زبر گا | GAA |
ز الف زبر زا، ظا، ذا، ضا | ZAA |
اي، عي | AY |
---|---|
اَئو، عَئو | AO, UO |
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
بيَ | BAY |
ٻيَ | BBAY |
ڀيَ | BHAY |
تيَ | TAY |
ڇيَ | CHHAY |
ڃيَ | NJNAY |
ڱيَ | NGNAY |
ڙيَ | RRAY |
ڦيَ | PHAY |
رومن سنڌيءَ ۾ زِير ڏيڻ جي مثالن جا سانچا
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
اِ، عِ | I |
ھِ، حِ | HI |
ڄِ | JJI |
گھِ | GHI |
جھِ | JHI |
ڪِ، قِ | KI, QI |
ثِ، صِ، سِ | SI |
تِ | TI |
ٽِ | TTI |
زِ، ذِ، ضِ، ظِ | ZI |
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
اِي، عِي | EE |
بِي | BEE |
ٻِي | BBEE |
ڀِي | BHH |
چِي | CHEE |
تِي | TEE |
ٽِي | TTEE |
ثِي، سِي، صِي | SEE |
زِي، ظِي، ذِي، ضِي | ZEE |
رومن سنڌيءَ ۾ پيشُ ڏيڻ جي مثالن جا سانچا
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
اُ، عُ | U |
ھُ، حُ | HU |
ڄُ | JJU |
گھُ | GHU |
جھُ | JHU |
ڪُ | KU |
ثُ، صُ، سُ | SU |
تُ | TU |
ٽُ | TTU |
زُ، ذُ، ضُ، ظُ | ZU |
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ | رومن سنڌي ۾ |
---|---|
مثالُ | Misaalu |
مرچُ | Mirchu |
شُڪُرُ | Shukuru |
سنڌي ٻوليءَ جا سَر يا واوز (Vowels) اکر
آ | اَ | اِ | اِي | اُ | اُو | اي | اَي | او | اَو |
---|
رومن سنڌي ۾ سَر يا واوز (Vowels) اکر | a | aa | i | ee | u | oo | e | ai | au | a'n |
سَر (Vowels)اکر سان وينجھڻ (Consonant) اکرن جو ڳانڍاپو | Ma | Maa | Mi | Mee | Mu | Moo | Me | Mai | Mau | Ma'n |
چار چُوسڻا آوازَ
سنڌي صورتخطيءَ جا چار چوسڻا آواز (Chaar Choosinna Aawaaz) يا اکر هي آهن:
ڏ | ڳ | ڄ | ٻ |
---|---|---|---|
dd | gg | jj | bb |
رومن سنڌي ڊڪشنريءَ جو ڳنڍڻو
رومن سنڌي آن لائين ڊڪشنري انٽرنيشنل گلوسبي ڊڪشنريز [5]
رومن کان سنڌي يا سنڌي کان رومن جو پروگرام
سنڌي ٻوليءَ کان رومن لپي ۽ رومن لپيءَ کان سنڌي لپيءَ ۾ الٿي /ٽرانسلٽريشن ڪندڙ هي پروگرام پي ايڇ پي ۽ ماءِ ايس قيو ايل ۾ ڪوڊنگ ٿيل آهي هن پروگرام جي خاصيت اها آهي ته هن ۾ ڀلي کڻي ک آواز لاءِ ۽ خ آواز لاءِ ساڳيو رومن متبادل KH استعمال ٿيل هجي پر هي پروگرام KHORAAKA جي الٿي خوراڪ ۽ KHOKHAR جي الٿي يا ٽرانسلٽريشن کوکر ئي ڪندو. در اصل ڪوڊنگ ذريعي پروگرام ڳوليندو ته لفظ KHORAKA جا سنڌي آوازي متبادل ڪهڙا ٿي سگهن ٿا مثال طور تي خوراق، کوراق، کوراڪ ۽ خوراڪ هاڻي پروگرام ڏسندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي ڊيٽابيس يا ٽيبل ۾ ڪهڙو لفظ محفوظ ٿيل آهي ظاهر آهي ڪمپيوٽر کي لفظ خوراڪ ئي ملندو اهڙي نموني مخرجن جا مسئلا يعني ويجھن آوازن جون ڌار ڌار نشانيونبه حل ٿي وڃن ٿا . ان سان گڏ لفظ سنڌ کي سُر ڏئي لکڻ سان ڊيٽابيس ۾ سِنڌ محفوظ ٿيندو پر ڪير هن پروگرام ۾ بغير اعرابن جي سنڌ ائين ئي لکندو ته پروگرام ان جي الٿي sindh يعني انگريزي سُرن سان درست ئي ڪندو.
==حليم بروھي جي رومن سنڌي==
حليم بروهي پنهنجي رومن سنڌي ترتيب ڏئي ان جو نالو ”حليم بروهي جي رومن سنڌي“ رکيو. هونئن ته ”حليم بروهيءَ جي ترتيب ڏنل رومن سنڌي ۾ ٻيون به ٿوريون گهڻيون ۽ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي چڪون هيون، پر حليم بروهيءَ جي ترتيب ڏنل رومن سنڌي ۾ هڪ وڏي چُڪ، غلطي يا مسئلو اهڙو هو، جنهن جي ڪري اها اسڪرپٽ يا لِپي اڳيان هلي نه سگھي يا وڌي نه سگھي ۽ ماڻهن ان کي قبول نه ڪيو.
حليم بروهي رومن سنڌي ۾ هڪ وڏي چُڪ اها ڪئي هئي ته ؛
ڌ لاءِ پنهنجي رومن سنڌي ۾ TH
يا الائي THD ٽي ايڇ ڊي رکي هئائين
۽ ٻيو ته (ي) لاءِ رڳو E & EE مقرر ڪيائين.
جڏھن ته E سان گڏوگڏ (ي) لاءِ ( آءِ ۽ واءِ يا وائے) به رکڻ کپي ها. ڇو جو ڪجھ اهڙا لفظ آهن جن لفظن جي آخر ۾ اڳ ۾ ئي (ي) جي لاءِ (آءِ) ڪتب اچي پئي. هاڻي انهن لفظن جي پنهنجي تاريخي حيثيت ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي اسان تاريخ کي نٿا مثائي سگهون يا انهن لفظن جي اسپيلنگ تبديل نٿا ڪري سگهون ۽ سڄي دنيا انهن لفظن کي ان ئي اسپيلنگ سان سڃاڻي ٿي. مثال طور انهن مان ڪجھ هي آهن.
Sindh, Sindhi, Bhittai, Karachi
حليم بروهي پنهنجي ضد تحت پنهنجي ڳالھ تي بيٺو رهيو ۽ (ي) لاءِ ايڪسپشن طور تي به (آءِ) رکڻ لاءِ رضي نه آھي. نتيجي ۾ ”حليم بروهي جي رومن سنڌي“ تحت (سنڌ، سنڌي ۽ ڪراچي) هن ريت ئي لکي سگهجن پيا.
Sinth, Sinthee, Karachee
يا شايد هن ريت لکي سگهجن پيا.
Sinthd, Sinthdee, Karachee
ان کان سواءِ رومن سنڌيءَ جي صورتخطي جي ڪجھ اکرن لاءِ هيڙيون ( ) بريڪيٽون نشانيون هڻي ڇڏيون هئائين، جنهن جي ڪري سندس رومن سنڌي ۾ لفظ يا جملا لَسي نموني يا رواني سان لکڻ ڏاڍو ڏکيو هو. اهي ئي ڪارڻ هئا جو جڏهن ”حليم بروهي جي رومن سنڌي“ ماڻهن ۾ پَرک لاءِ پهتي ته سوڀاري نه ٿي سگهي ۽ سنڌي ماڻهن ان کي ڏکي لپي چئي ڪتب آڻڻ جي لائق نه سمجھيو. ائين حليم بروهي جي رومن سنڌي اسڪرپٽ ۾ ٻيا به سنها ٿلها ڪيترائي مسئلا هئا، جنهن جي ڪري اها سنڌي ٻوليءَ جون پوري نموني سان گهرجون پوريون نه پئي ڪري سگهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته حليم بروهي جي ترتيب ڏنل رومن سنڌي لپي هڪ اڻپوري لپي هئي. ٻي ڳالھ اها ته حليم بروهي باقائدي رومن سنڌيءَ تي ڪو ڪمپوز ٿيل ڪتاب ڪونه ڇپرايو هو، بلڪي پنهنجي هٿ لکيل اکرن سان هڪ چوپڙي ڇپرائي هئي.
https://sourceforge.net/projects/sindhi-to-roman-transliterate/
ويب پروگرام https://fahad-memon.com/sindhi%20transliteration آرڪائيو ڪيا ويا 2023-03-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. هن ويب سائيٽ تي وڃي سنڌي لفظن کي اعراب يا زير زبر پيش ڏيندا رهو ان سان ٽرانسلٽريشن جي بهتريءَ ۾ ڪافي اضافو ٿي ويندو عڪس https://a.fsdn.com/con/app/proj/sindhi-to-roman-transliterate/screenshots/diagram.png/max/max/1
حوالا
6- https://fahad-memon.com/sindhi%20transliteration آرڪائيو ڪيا ويا 2023-03-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.