مواد ڏانھن هلو

جدگالي لهجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جدگالي لهجو __(Jadgali Dialect):

بلوچستان جي مڪران ۾ جيڪا سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، ان کي ’جدگالي‘ يا ’جغدالي‘ چيو وڃي ٿو. مڪران تي سنڌ جو ڪيترو ئي عرصو حڪومت رهي. لڏ پلاڻ جي ڪري ڪيترائي سنڌ جا قبيلا اچي هتي آباد ٿيا. هن علائقي ۾ غير بلوچن کي ’جدگال‘ يا ’جت+ گال ‘ چيو وڃي ٿو. ان جو هڪ مفهوم جتن جي ٻولي. معياري ۽ جدگالي لهجي جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: معياري لهجو مون کي ماري ٿو تنهنجو نالو ڇا آهي؟ مان ماني کانوان پيو جدگالي لهجو مينک ماري سو تو جو نالو سوئي مين ماني کائين سو [1]


جدگال کي مختلف تحقيق ڪندڙ ڪوئي جت+گال ٿو لکي ته ڪوئي جدا+گال ٿو لکي، جدگال تي جدگالن جي روحاني پيشوا سيد رکيل شاه جي اولادن مان سيد ظهور شاه ھاشمي جيڪو بلوچي زبان جو وڏو ليکڪ ھو ھن به اھيو لکيو آھي ته جدگال جي معني جد جي معني جدي پشتي يا ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي زبان گال، معني زبان يعني قديمي زبان آھي. [2]


غير بلوچ جيڪو بلوچستان ۾ رھي ٿو ،ان ۾ سنڌي ذاتيون ،جت ،دايا وغيره جدگال سڏجن.ڪن جو اچار جگدال به ڪڍين. حقيقت ۾ ھو ان کي چون ته جتڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ،جت+ ڳالھ.پر ساحلي علائقن ۽ لسبيلي ،توڙي ڪوھستان جي غير ٻروچ کي چون جدگال. جدگال ڪنھن ھڪ قوم جو نالو نہ پر مختلف برادرين جو مجموعو آھن جنھن ۾ ڪئي برادريون ۽ قبيلا شامل آھن. جدگال لفظ جي معنيٰ آھي جدا گال يعني جدا يا الگ ٻولي ڳالھائڻ وارا. سندن مختلف برادريون سنڌ کان سواءِ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ ۾ لسٻيلي کان گوادر ۽ مڪران تائين پکڙيل آھن، جڏھن تہ ايراني بلوچستان ۾ خاص طور تي مڪران قديم زماني کان سندن ڳڙھ رھيو آھي جنھن جا رھواسي پاڻ کي نمڙ سڏائين ٿا، انھن ۾ صابرا، مانڊڻا، ٻُرا، گنگا، رونجھا، اڱاريا، مَسور، شيخ ۽ سومرا شامل آھن. نمڙ لفظ جي معنيٰ آھي 9 ميڙن يا 9 برادرين وارا جدگال، اھي 9 ئي برادريون پاڻ کي ھڪ گڏيل قبيلي جي حيثيت سان نِمَڙ سڏائين ٿا، انھن نِمڙ مان سڌاڻي برادري جيڪا سنڌ جي بادشاھ ڀونگر سومري جي پُٽ شھيد دودي سومري جي ڌيءَ شھزادي ڪويل جي پُٽ سِريئي خان جو اولاد آھن ۽ انھن دودي سومري جي شھادت کان پوءِ مڪران ۾ اچي لڳ ڀڳ سن 1300 عيسويءَ کان 19ھين صديءَ جي اڌ تائين ھڪ ڊگھو عرصو مڪران ۾ باھو ۽ دشتياري کان وٺي ويندي چابھار ۽ ڪنارڪ تائين حاڪمي ڪئي آھي، سندن پھريون حاڪم سِريئو خان ھو تنھن کان پوءِ سندس پُٽ سَڌو خان حاڪم ٿيو جنھن مڪران ۾ دشتياري ۽ باھو تي باقائدا منظم طريقي سان حاڪمي ڪئي. جيڪا پشت در پشت صدين تائين قائم رھي. سندن آخري حاڪم مير دين محمد خان بن عبدي خان سڌاڻي ھو، جنھن کي فارس (ايران) جي قاجار بادشاھ ناصرالدين شاھ قاجار گرفتار ڪرائي مشھد جي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو، سندس گرفتاريءَ کان ڪجھہ عرصو پوءِ ايران (فارس) ۾ محمد رضا نالي ھڪ فوجي جنرل فوجي انقلاب ذريعي ناصر الدين قاجار جي باشاھت کي ختم ڪري سموري فارس تي قبضو ڪيو ۽ ملڪ تي ايران نالو رکي پاڻ محمد رضا شاھ پھلويءَ جي نالي سان ايران جو شھنشاھ بڻيو، تنھن کان پوءِ ان پھلوي شھنشاھ محمد رضا شاھ پھلويءَ سن 1928 عيسويءَ تي مير دين محمد خان کي 63 سالن جي ڄمار ۾ مشھد جي جيل اندر قيد دوران قتل ڪرائي ڇڏيو. اھڙي ريت جدگالن جي حاڪمي 500 کان پوءِ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتي، پر تنھن ھوندي بہ اڃان تائين سرداري پڳ ان برادريءَ جي ھٿ ۾ آھي، جنھن ۾ مير دين محمد کان پوءِ مير مولا داد سردار ھو، ان کان پوءِ مير حميداللہ سردار بڻيو ۽ ھن وقت مير رستم خان سردار آھي، اِھي سڀئي سردار زھي سڏجن ٿا. [3]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. محقق؛ غلام رسول
  3. محقق:داڪٽر محمد علي محمدي