ابو ھريره
ڏيک
ابو ھريره | |
---|---|
(عربي ۾: أبو هريرة) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 602 تھامہ |
موت | سال 679 (76–77 سال) |
مدفن | جنت البقيع |
عملي زندگي | |
نمايان شاگرد | انس بن مالڪ |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
ترميم |
ابو ھريره مشهور اصحابي، جنهن کان 5375 حديثون روايت ڪيل آهن. سندس پورو نالو عبدالله بن عامر ڄاڻايل آهي، جڏهن ته ڪن ڪتابن ۾ سندس نالو عبد شمس به ڄاڻايل آهي. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو عمير رکيو ويو. جيئن ته هو ٻلين پالڻ جو شوقين هوندو هو، ان ڪري ”ابو هريره“ (ٻلين جو پيءُ) سندس ڪنيت ٿي وئي. خيبر واري جنگ جي موقعي تي سن 7ھ مطابق 629ع ۾ مديني شريف پهچي اسلام قبول ڪيائين. حضرت ابو هريره جيڪي حديثون روايت ڪيون آهن، تن مان 335 متفق عليہ آهن. کيس ”سلطان الحديث“ جو لقب پڻ مليل هو. حضرت عمر فاروق جي خلافت واري دور ۾ ڪجهه وقت بحرين جو گورنر به ٿي رهيو، پر جڏهن حضرت عثمان جي خلافت جو دور آيو ته پاڻ مديني ۾ گوشه نشين ٿي ويو. پاڻ 78 سالن جي ڄمار ۾ 676ع ۾ وفات ڪيائين. کيس جنت البقيع ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ابو ھريره انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع