ابو ھريره

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو ھريره
(عربي ۾: أبو هريرة خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 602  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 679 (76–77 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
نمايان شاگرد انس بن مالڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شاگرد (P802) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
ابو ھریرۃ

ابو ھريره مشهور اصحابي، جنهن کان 5375 حديثون روايت ڪيل آهن. سندس پورو نالو عبدالله بن عامر ڄاڻايل آهي، جڏهن ته ڪن ڪتابن ۾ سندس نالو عبد شمس به ڄاڻايل آهي. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو عمير رکيو ويو. جيئن ته هو ٻلين پالڻ جو شوقين هوندو هو، ان ڪري ”ابو هريره“ (ٻلين جو پيءُ) سندس ڪنيت ٿي وئي. خيبر واري جنگ جي موقعي تي سن 7ھ مطابق 629ع ۾ مديني شريف پهچي اسلام قبول ڪيائين. حضرت ابو هريره جيڪي حديثون روايت ڪيون آهن، تن مان 335 متفق عليہ آهن. کيس ”سلطان الحديث“ جو لقب پڻ مليل هو. حضرت عمر فاروق جي خلافت واري دور ۾ ڪجهه وقت بحرين جو گورنر به ٿي رهيو، پر جڏهن حضرت عثمان جي خلافت جو دور آيو ته پاڻ مديني ۾ گوشه نشين ٿي ويو. پاڻ 78 سالن جي ڄمار ۾ 676ع ۾ وفات ڪيائين. کيس جنت البقيع ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ابو ھريره انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع