آدمشماري
آدمشماري[1] (ماڻھن جي ڳڻپ). (ملڪ ۾ رھندڙ ماڻھن جي سرڪاري طور ڳڻپ جيڪا ھر ڏھين سال ٿيندي آھي). پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1951ع، 1961ع، 1972ع ۽ 1981ع ۾ آدم ڳڻپ ٿي. انھيءَ کان پوءِ حڪومت طرفان 1991ع ۾ آدم ڳڻپ ڪرائي وئي، پر ان جي نتيجن کي نه مڃيو ويو، جنھنڪري عام ماڻھن ۾ بيچيني پيدا ٿيڻ لازمي امر ھو. ڇو ته صوبن جي ضرورتن، ترقياتي ڪمن، نوڪرين، روزگار وغيره جو دارومدار آدمشماريءَ جي انگن اکرن تي ئي ھوندو آھي. آدمشماريءَ جي عمل کي لاڳيتو پوئتي ھٽائڻ تي گهڻن احتجاج کان پوءِ نيٺ مارچ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي.
ورهاڱي کان اڳ ڪراچي عملي طور تي هڪ سنڌي شهر ۽ ضلعو هئو. ڪراچي ضلعي جي 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب ان وقت ڪراچي ضلعي جي ڪُل آبادي 713،900 هئي، جنهن ۾ 406،050 سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي رڳو 30 هزار هئي.
پاڪستان قائم ٿيڻ وقت سنڌ پرڳڻي جي آبادي 70 لکن تائين ھئي، جيڪا 1981ع جي آدمشماريءَ موجب وڌي ھڪ ڪروڙ 90 لکن تائين پھچي ويئي. 1998ع ۾ سڀني ضلعن جي رپورٽن مطابق سنڌ صوبي جي آدمشماري ٽن ڪروڙن کان مـٿي ٿي چــڪي آهي. جــڏهن ته پاڪستان جي آبادي ميڊيا جي انگن اکرن موجب 20 ڪروڙ کان به وڌي وئي آهي. هن وقت سرڪار طرفان سال 2017ع ۾ آدم ڳڻپ (Census) لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.
پنجن وڏين بيمارين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي رٿ
[سنواريو]مارچ 2017ع ۾ رٿيل نئين آدم ڳڻپ (آدمشماريءَ) جي حوالي سان صحت يا چڱڀلائي جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيمن حڪومت کي ان آدم ڳڻپ ۾ پنجن وڏين بيمارين جي حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي رٿ ڏني آهي. [2]
پاڪستان جي آدم ڳڻپ (آدم شماري) 2017ع جا ٿلهي ليکي شروعاتي نتيجا
[سنواريو]- پاڪستان جي ڪُل آبادي: 21 ڪروڙ 31 لکَ
- ڪشمير/گلگت: 60 لکَ
- پنجاب: 11 ڪروڙ 10 لکَ
- سنڌ: 5 ڪروڙ 10 لکَ
- خيبر پختوخواه: 3 ڪروڙ 10 لکَ
- بلوچستان: 1 ڪروڙ 15 لک
- فاٽا: 55 لک
- اسلام آباد: 21 لکَ
- ڪراچي: 1 ڪروڙ 70 لک
- لاهور: 1 ڪروڙ 20 لک
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |