ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو


ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو (انگريزي: Creative Commons license) عوامي حق نشر ۽ اشاعت اجازت نامن نجهان هڪ مشهور سافٽويئر اجازت نامو آهي، جنهن کي معروف ويب سائيٽس مثلاً وڪيپيڊيا ۽ فري بيس وغيرہ استعمال ڪنديون آهن۔ هن اجازت نامي کي هڪ آمريڪي غير منفعت بخش تنظيم ڪريئيٽيو ڪامنز ترتيب ڏنو آهي۔ هن اجازت نامي کي اُن وقت استعمال ڪيو ويندو آهي جڏنهن ڪوئي ليکڪ (مصنف) ٻين کي پنهنجي تخليق جي اشاعت ۽ استعمال ۽ ان جي بنياد تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو حق ڏيڻ چاهيندو آهي، گڏوگڏ هن اجازت نامي جي تحت ليکڪ (مصنف) ٻين کي جملي حق ڏيڻ جي بجاءِ بعض حق به ڏئي سگهي ٿو مثلاً هي قيد لڳائي سگهجي ٿي ته هن جي ڪم جو تجارتي ۽ ڪاروباري استعمال نه ٿيندوا، بس غير تجارتي استعمال جي اجازت آهي۔
ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي متعدد قسمن ۾، جيڪي پاڻ ۾ شرطون استعمال ۾ اختلاف رکن ٿيون۔ ڪريئيٽيوڪامنز تنظيم پنهنجي اولين اجازت نامي 16 ڊسمبر 2002ء تي شايع ڪيا هيا۔ ۽ انهن جو تازو ترين چوٿون نسخو نومبر 2013ء ۾ شايع ٿيو۔[1]
قسم
[سنواريو]
اجازت نامن جا هي قسم بنيادي طور تي چار عنصرن تي مشتمل آهين، هر هڪ جي تفصيل هيٺ درج آهي۔[2]
| آئڪون | حق | وضاحت |
|---|---|---|
| انتساب (BY) | اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به تيار ڪري سگهن ٿا بشرط ته اهي پنهنجي تيار ڪيل مواد ۾ لاڳاپيل ليکڪ (مصنف) يا اجازت نامو ڏيڻ واري جوان انداز ۾ ذڪر ڪري جيئن ليکڪ (مصنف) يا اجازت نامو ڏيڻ واري بڌايو آهي۔ | |
| يڪسان ڀاڱيداري (SA) | اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به تيار ڪري سگهن ٿا بشرط ته اهي پنهنجي تيار ڪيل مواد کي انهيءَ اجازت نامي جي تحت جاري ڪن جنهن جي تحت اصل ليکڪ (مصنف) جاري ڪيو هيو۔ | |
| غير تجارتي (NC) | اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به هن شرط تي تيار ڪري سگه ٿا ته هن جو تجارتي استعمال نه ٿيندوا۔ | |
| بلا اشتقاق (ND) | اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، پر ان مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد تيار نٿا ڪري سگهن۔ |
انهن شرائطن کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ سان سورنهن ممڪنہ اجازت ناما بڻجن ٿا جن ۾ يارنهن اجازت ناما درست ۽ باقي پنج غلط آهين۔
ڇهه ڪثير الاستعمال اجازت ناما
[سنواريو]جيڪي يارنهن اجازت ناما درست آهن، انهن مان پنجن ۾ "BY" جي دفعہ موجود ناهي، تنهنڪري انهن جو استعمال ناهي ٿيندوڇو ته 98 فيصد اجازت نامن ۾ انتساب جي شرط درج هوندي آهي، تنهن سبب انهن کي ويب سائيٽ تي حوالي جي لاءِ باقي رکيو ويو آهي۔[3][4][5] باقي ڇهه اجازت ناما انتهائي ڪثرت سان استعمال ٿيندا آهن۔[5][6]
| آئڪون | وضاحت | اختصار |
|---|---|---|
| فقط انتساب | BY | |
| انتساب + بلا اشتقاق | BY-ND | |
| انتساب + يڪسان ڀاڱيداري | BY-SA | |
| انتساب + غير تجارتي | BY-NC | |
| انتساب + غير تجارتي + بلا اشتقاق | BY-NC-ND | |
| انتساب + غير تجارتي + يڪسان ڀاڱيداري | BY-NC-SA |
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جا نسخا
- ↑ "What are Creative Commons licenses?". Frequently Asked Questions - Creative Commons. July 26, 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Retired Legal Tools". ڪريئيٽيو ڪامنز. April 23, 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Announcing (and explaining) our new 2.0 licenses". Creativecommons.org. May 25, 2004. April 23, 2016 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "About The Licenses - Creative Commons". ڪريئيٽيو ڪامنز. April 23, 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CC0". ڪريئيٽيو ڪامنز. April 23, 2016 تي حاصل ڪيل.
بيروني رابطا
[سنواريو]ڪريئيٽيوڪامنز / يڪسان-ڀاڱيداري اجازت نامو
| وصفون وڪي لغت تان | |
| ميڊيا وڪيميڊيا العام تان | |
| قول وڪي قول تان | |
| ماخذي متن وڪي ماخذ تان | |
| سکيا جا وسيلا وڪيورسٽي تان | |
| ڊيٽا وڪي ڊيٽا تان | |
- Official website
- اجازت نامن جي مڪمل چونڊ
- اجازت ناما، مفت اجازت ناما هڪ نظر ۾۔ freedomdefined.org