مواد ڏانھن هلو

ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هن وڪيپيڊيا ۾ ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي ڪاروباري استعمال جو طريقو بُڌايو ويو آهي۔
ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي تشريح مختلف ٻولين ۾۔

ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو (انگريزي: Creative Commons license) عوامي حق نشر ۽ اشاعت اجازت نامن نجهان هڪ مشهور سافٽويئر اجازت نامو آهي، جنهن کي معروف ويب سائيٽس مثلاً وڪيپيڊيا ۽ فري بيس وغيرہ استعمال ڪنديون آهن۔ هن اجازت نامي کي هڪ آمريڪي غير منفعت بخش تنظيم ڪريئيٽيو ڪامنز ترتيب ڏنو آهي۔ هن اجازت نامي کي اُن وقت استعمال ڪيو ويندو آهي جڏنهن ڪوئي ليکڪ (مصنف) ٻين کي پنهنجي تخليق جي اشاعت ۽ استعمال ۽ ان جي بنياد تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو حق ڏيڻ چاهيندو آهي، گڏوگڏ هن اجازت نامي جي تحت ليکڪ (مصنف) ٻين کي جملي حق ڏيڻ جي بجاءِ بعض حق به ڏئي سگهي ٿو مثلاً هي قيد لڳائي سگهجي ٿي ته هن جي ڪم جو تجارتي ۽ ڪاروباري استعمال نه ٿيندوا، بس غير تجارتي استعمال جي اجازت آهي۔

ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي متعدد قسمن ۾، جيڪي پاڻ ۾ شرطون استعمال ۾ اختلاف رکن ٿيون۔ ڪريئيٽيوڪامنز تنظيم پنهنجي اولين اجازت نامي 16 ڊسمبر 2002ء تي شايع ڪيا هيا۔ ۽ انهن جو تازو ترين چوٿون نسخو نومبر 2013ء ۾ شايع ٿيو۔[1]

Wanna Work Together؟ ايني ميشن از ڪريئيٽيو ڪامنز
ميير ۽ بيٽل جي ايني ميشن جو ٻيو نسخو ڪريئيٽيوڪامنز جي وضاحت ڪري ٿو۔
ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي ترتيب

اجازت نامن جا هي قسم بنيادي طور تي چار عنصرن تي مشتمل آهين، هر هڪ جي تفصيل هيٺ درج آهي۔[2]

آئڪونحقوضاحت
انتساب انتساب (BY) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به تيار ڪري سگهن ٿا بشرط ته اهي پنهنجي تيار ڪيل مواد ۾ لاڳاپيل ليکڪ (مصنف) يا اجازت نامو ڏيڻ واري جوان انداز ۾ ذڪر ڪري جيئن ليکڪ (مصنف) يا اجازت نامو ڏيڻ واري بڌايو آهي۔
Share-alike يڪسان ڀاڱيداري (SA) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به تيار ڪري سگهن ٿا بشرط ته اهي پنهنجي تيار ڪيل مواد کي انهيءَ اجازت نامي جي تحت جاري ڪن جنهن جي تحت اصل ليکڪ (مصنف) جاري ڪيو هيو۔
Non-commercial غير تجارتي (NC) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به هن شرط تي تيار ڪري سگه ٿا ته هن جو تجارتي استعمال نه ٿيندوا۔
Non-derivative بلا اشتقاق (ND) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، پر ان مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد تيار نٿا ڪري سگهن۔

انهن شرائطن کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ سان سورنهن ممڪنہ اجازت ناما بڻجن ٿا جن ۾ يارنهن اجازت ناما درست ۽ باقي پنج غلط آهين۔

ڇهه ڪثير الاستعمال اجازت ناما

[سنواريو]

جيڪي يارنهن اجازت ناما درست آهن، انهن مان پنجن ۾ "BY" جي دفعہ موجود ناهي، تنهنڪري انهن جو استعمال ناهي ٿيندوڇو ته 98 فيصد اجازت نامن ۾ انتساب جي شرط درج هوندي آهي، تنهن سبب انهن کي ويب سائيٽ تي حوالي جي لاءِ باقي رکيو ويو آهي۔[3][4][5] باقي ڇهه اجازت ناما انتهائي ڪثرت سان استعمال ٿيندا آهن۔[5][6]

آئڪونوضاحتاختصار
CC-by iconفقط انتسابBY
CC-by-ND iconانتساب + بلا اشتقاقBY-ND
CC-by-SA iconانتساب + يڪسان ڀاڱيداريBY-SA
CC-by-NC iconانتساب + غير تجارتيBY-NC
CC-by-NC-ND iconانتساب + غير تجارتي + بلا اشتقاقBY-NC-ND
CC-by-NC-SA iconانتساب + غير تجارتي + يڪسان ڀاڱيداريBY-NC-SA

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جا نسخا
  2. "What are Creative Commons licenses?", Frequently Asked Questions - Creative Commons, حاصل ڪيل 26 جولاءِ 2015۔
  3. "Retired Legal Tools", ڪريئيٽيو ڪامنز, حاصل ڪيل 23 اپريل 2016۔
  4. "Announcing (and explaining) our new 2.0 licenses", Creativecommons.org, 25 مئي 2004, حاصل ڪيل 23 اپريل 2016۔
  5. 1 2 "About The Licenses - Creative Commons", ڪريئيٽيو ڪامنز, حاصل ڪيل 23 اپريل 2016۔
  6. "CC0", ڪريئيٽيو ڪامنز, حاصل ڪيل 23 اپريل 2016۔

بيروني رابطا

[سنواريو]

ڪريئيٽيوڪامنز / يڪسان-ڀاڱيداري اجازت نامو

سانچو:Creative Commons topic

سانچو:Intellectual property activism سانچو:Open navbox