ھيما مالني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھيما مالني

ھيما مالِني (انگريزي: Hema Malini)، پيدائش 16 آڪٽوبر 1948ع، ھندوستاني اداڪارا، ناچڻي، ليکڪہ، ھدايتڪار، پيشڪار ۽ سياستدان[1]. ھيءَ بُنيادي طور ھندي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڄاتي ويندي آھي. ھن پنھنجي اداڪاريءَ جي شروعات 1963ع ۾ تامل فلم اِڌو سَٿيام (انگريزي: Idhi Sathiyam) کان ڪئي[2]. مالني مُک اداڪارا طور فلم "سپنون ڪا سوداگر" ترجمو "سپنن جو واپاري" (1968ع) ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ھندي فلمن ۾ باقاعدگيءَ سان اچڻ لڳي، خاص ڪري ڌرميندر سان گڏ، جنھن سان ھن 1980ع ۾ شادي ڪئي[3]. شروعات ۾ مالني کي "ڊريم گرل" ترجمو "خوابن جي راڻي" طور مشھور ڪيو ويندو رھيو، جنھن نالي سان پوءِ ھن 1977ع ۾ ٺھندڙ فلم ۾ ڪم بہ ڪيو.[4] مزاحيہ ۽ ڊرامائي ٻنھي ڪردارن طور ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڄاتي ويندڙ مالني ھندي سئنيما جي سڀني کان وڌيڪ ڪامياب اداڪارائن ۾ شُمار ٿيندي ھُئي.[5][6][7][8]

حوالا[سنواريو]

  1. "Hemaji @ Hemamalini, ever dream girl turned 65 | cinemanewstoday.com". archive.ph. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  2. "Hema Malini: Lesser known facts". The Times of India. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  3. "rediff.com: A dream called Hema Malini". in.rediff.com. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  4. "rediff.com: A dream called Hema Malini". in.rediff.com. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  5. "Boxofficeindia.com". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  6. "The Hindu : Friday Review Chennai / Tribute : Bollywood’s macho man bids goodbye". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  7. http://www.ibosnetwork.com/asp/topactors.asp?isactress=true[مئل ڳنڍڻو]
  8. "Hema Malini was one of the highest-paid actresses in 1976-1980 - Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 2021-12-12.