ڌرميندر
ڌرميندر (پورو نالو ڌرم سِنگھ ديول) (پيدائش 08 ڊسمبر 1935ع) ھندوستاني اداڪار، پيشڪار ۽ سياستدان ھيو. کيس ھندي فلمن ۾ ڪيل سندس ڪم جي ڪري گھڻو سُڃاتو وڃي ٿو. ھي ھندوستاني سِنيما جو "مَھا سِتارو" آھي. ھن کي ھندوستاني سِنيما جي ھي مين (انگريزي: He- Man) طور پڻ ڄاتو ويندو آھي[1][2][3][4]. کيس دُنيا جي اُنھن ڪُجھ اداڪارن ۾ ڳڻيو ويندو آھي جن مُک ڪردار طور 100 کان مٿي ڪامياب فلمون ڏنيون. 1997ع ۾، ھندي سِنيما ۾ ڪيل سندس ڪم کي مڃيندي کيس فلم فيئر لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. ھي ڀارتيہ جنتا پارٽي (بي جي پي) پاران راجسٿان رياست جي بيڪانير تَڪ جي نُمائندگي ڪندي انڊيا جي پندرھين لوڪ سڀا جو رُڪن رھيو. 2012ع ۾، ھندوستان جي حُڪومت پاران کيس مُلڪ جي ٽئين وڏي شھري اعزاز پدم ڀوشڻ سان نوازيو ويو.[5] 24 نَوَمبَر 2025 تي وڏي عمر جي بيمارين سبب ڌرميندر گذاري ويو.[6]
شروعاتي زندگي
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "10 unknown and interesting facts about Bollywood’s He-Man, Dharmendra :::Bombay Times - Times of India::", The Times of India, حاصل ڪيل 06 ڊسمبر 2021۔
- ↑ Desk, India TV News (07 ڊسمبر 2015), "Dharmendra turns 80! 10 stories you probably never knew about the 'He-Man'", www.indiatvnews.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 06 ڊسمبر 2021۔
- ↑ "Happy Birthday Dharmendra – Bollywood’s first ‘He-man’", Free Press Journal (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 06 ڊسمبر 2021۔
- ↑ "Dharmendra - An actor & a gentleman", filmfare.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 06 ڊسمبر 2021۔
- ↑ "Press Information Bureau English Releases", web.archive.org, 24 مئي 2013, حاصل ڪيل 06 ڊسمبر 2021۔
- ↑ "Veteran Actor Dharmendra Passes Away at 89 | Filmfare.com", www.filmfare.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 14 ڊسمبر 2025۔