ھيلي وارو پڇڙ تارو
هيلي جو پڇڙ تارو:
هيلي جو پڇڙ تارو يا پڇ وارو تارو تقريباً هر 76 سال بعد زمين وٽان گزرندو آهي، برطانوي ماهر فلڪيات ايڊمنڊ هيلي تحقيق ڪئي ته هي پڇڙ تارو 1758ء تي هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ٿيندو ته هن پنهنجي دوست نیوٽن کي اِن بابت آگاهي ڏني. پر 76 سالن بعد 1758ء ۾ جڏهين واقعی به پوڇڙ تارو ظاهر ٿيو ته ايڊمونڊ هيلي اُن تاري کي ڏسڻ لاءِ جيئرو نه هويو، ايڊمونڊ هيلي پڇڙ تاري جي ظاهر ٿيئڻ کان ڇھ سال اڳ فوت ٿي چُڪو هو، عالمي فلڪياتي اِداري ايڊمونڊ هيلي جي هِن بهترين ڪاوش کي مدِنظر رکي ڪري نه رڳو جس لهڻو چئيو پر پڇڙ تاري کي "هيلي پڇڙ تارو" جو نالو ڏنو.
ایڊمنڊ ھیلي کي پڇ وارن تارن سان ڏاڍي دلچسپي ھوندي ھئي ۽ اھا سندس خوشقسمتي ھئي تہ سندس حياتيءَ ۾ 1682ء ۾ پڇ وارو تارو ظاھر ٿيو. ھن پاران ان جي دريافت تي ان جو نالو ھيلي جي نالي سان منصوب ڪيو ويو. فلڪياتي رڪارڊ جي جاچ پڙتال مان اھو ظاھر ٿيو ته جيڪو پڇ وارو تارو ان ڏٺو ھو ساڳيو ئي ھيو 1530 ۽ 1606 ۾ ظاهر ٿيو ھو ۽ ٽنھي جي تاريخن ۾ 76 سال ۽ 10 ڏينھن جو فرق ھيو جنھن ڪري ان جي نمودار ٿيڻ واري مدي جو يقين ٿي ويو. ايڊمنڊ ھيلي جي اڳڪٿي مطابق اھو تارو وري 1758ء – 1834ء – 1910ء ۽ 1986ء ۾ ظاھر ٿيو هي ٿيندو. اڳڪٿي مطابق آخري ڀيرو اھو پڇڙ تارو 1986 ۾ ڏٺو ويو ۽ وري اھو 28 جولاءِ 2061 ۾ ظاھر ٿيندو ھي تارو سج جي چوڌاري بيضوي مدار تي گول چڪر لڳائيندو آهي. اھو تارو برف جو ٺھيل ھوندو آھي ۽ گرمي لڳڻ جي ڪري ان مان بخار نڪرندا آھن جنھن سان ان جو ڊگھو پڇ ٺھي ويندو آهي.