پوڇڙ تارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پُڇڙ تارا Comets

پُڇڙ تارا جن کي انگريزي ۾ ڪامٽ (Comets) چيو ويندو آهي، جيڪو يوناني ٻولي جي اکر ڪام (Kome) مان نڪتل آهي. جنهن جي معني "وار" آهي. هيءُ به آسماني اِدارن جو هڪ حصو آهن. هيءُ گهڻو ڪري ننڍي ننڍي ذرن مان ٺهن ٿا ۽ انهن جي چئو گرد مختلف گئيسن جو غلاف ٿيئي ٿو. ڪجه پُڇڙ تارا ٿورڙي وقت ۾ سج جي چئوگرد ڦيرو ڏيئن ٿا، تن مان هڪ هيلي پُڇڙ تارو پڻ آهي، جيڪو 76 سالن ۾ سج کي چئوگرد ڦِريو اچي. هن کي هيلي انڪري چوندا آهن جو اِن کي دريافت ڪندڙ برطانوي ماهر فلڪيات ايڊمنڊ هيلي دريافت ڪيو هو، هن پنهجي قريبي دوست آئزڪ نيوٽن کي اِن پڇڙ تاري بابت آگاهي ڏني ته هڪ پُڇڙ تارو 1759ع ۾ نمودار ٿيندو جيڪو زمين تان سڌي اک سان ڏسي سگهبو، اها سندس بدنصيبي چئبي ته پُڇڙ تاري جي ظاهر ٿيڻ کان ڇھ سال اڳ 1742ع ۾ ايڊمنڊ هيلي فوت ٿي ويو، برطانوي فلڪياتي اداري کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي اُن پڇڙ تاري جو نالو "هيلي پُڇڙ تارو" رکيو.[1][2][3][4]

هڪ پڇڙ تارو
هڪ پڇڙ تارو
ايڊمنڊ هيلي

پڇڙ سيارا Comets

پڇڙ گرھ

پڇڙ تارا

پڇڙ سياري کي انگريزي ۾ Comet چئجي ٿو. پڇڙ سياري کي پڇڙ تارو يا پڇڙ گرھ بہ چئبو آھي. ڪوميٽ لاطيني زبان جي لفظ ڪوميٽا تان ورتل آھي جنھن جي معنا بيھي ٿي ڊگهن وارن واري. پڇڙ سيارن ۾ پنھنجي روشني نٿي ٿئي پر اھي سج جي روشني جي ڪري چمڪن روشني ڏين ٿا. ھنن جو مقام ستارن جي ابتڙ تبديل ٿيندو رھي ٿو ۽ سج جي چوڌاري چڪر لڳائيندا رھن ٿا. ھنن جو محور حد کان وڌيڪ بيدوي ٿئي ٿو ان ڪري جڏھن سج جي قريب اچي وڃن ٿا ۽ ڪڏھن پلوٽو کان پري اڳتي نڪري وڃن ٿا. ھنن جي رفتار سج جي فاصلي جي بنياد تي تبديل ٿيندي رھي ٿي جڏھن ھي سج جي قريب اچن ٿا انهن جي رفتار تيز ٿي وڃي ٿي ۽ جيئن سج کان پري ٿين ٿا انهن جي رفتار ڍري ٿي وڃي ٿي.

پڇڙ سياري جا 3 حصا ٿين ٿا.

  1. مٿو
  2. قلب
  3. پڇ

پڇڙ سيارن جو مادو بادل کان بہ وڌيڪ نرم ٿئي ٿو ان ڪري پڇڙ سياري جو جسم تاري وانگر چمڪندي نظر ايندو آھي. ھن جو پڇ ايترو ڊگهو ٿئي ٿو جو ھن جو پڇ ڪروڙين ميل ڊگهو ٿئي ٿو. قلب پڇڙ تاري جي وچ واري روشن حصي کي چئبو آھي. پڇڙ سياري جو پڇ ھميشہ سج جي مقابلي ۾ پري رھي ٿو چاھي پڇڙ تارو سج طرف اچي يا سج کان پري وڃي رھيو ھجي. ھي مختلف جزن جي ترڪيب مان جڙيل آھن. ھي گهڻو ڪري گئسي يا برف جي ذرن تي مشتمل ٿين ٿا. ھن کي 2 پڇ ٿين ٿا پر انساني اک صرف ھڪ پڇ کي ڏسي ٿي. ھنن سيارن جو مدار تمام وڏو مدار ٿئي ٿو. صرف ھڪ پڇڙ سيارو ھن مھل تائين دريافت ٿيو آھي جيڪو ھر ٽن سالن کان پوء ڏسي سگهجي ٿو. ڪي اھڙا ماڻهو ڪونہ ھوندا جيڪي زندگي ۾ ٻہ ڀيرا پڇڙ سيارن کي ڏسي سگهن.

پڇڙ سيارا ڌوڌڙ برف بالن Dusty snowballs جي ھڪ قسم جي ڌوڙ آھن جيڪي سج جي چوڌاري چڪر لڳائن ٿا. ڏسجي تہ ھي برف جا ٺھيل آھن ان ڪري سج کان ڪافي پري رھي جوڙ پائن ٿا پر جڏھن اھي سج جي طرف وڌن ٿا تہ انهن جي برف اڇي دونھين ۾ تبديل ٿي پنھنجي پويان دونھي جو وڏو پڇ بنائي ٿا. پڇڙ سياري جو ناڀ (مرڪز) پٿريلو ۽ برفيلو ٿئي ٿو. ناڀ جي سج جي ويجهو وڃڻ جي ڪري سج جو تيز گرمي پد ان کي ٻاڦ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.

ھڪ پڇڙ سياري جو قطر تقريبن 12 ڪلوميٽرن جيترو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۔ امونيا ۽ ميٿين جھڙا عنصر پاتا وڃن ٿا. پڇڙ سيارن جو مرڪز گئس جي بادلن ۽ ڌوڙ سان وڪوڙيل گهاٽو ٿئي ٿو جنھن کي Coma چئجي ٿو. ھي ڪوما 10 لک ڪلوميٽرن تائين پکڙيل ٿئي ٿي. سج ڏي وڌندي پڇڙ سيارو ٻن قسمن جا پڇ بنائي ٿو ھڪ گئس جو پڇ جيڪو سڌو ۽ ٻيو ڌوڙ مان ٺھيل لڙيل ٿئي ٿو. گئس جا پڇ جيڪو سج جي چارجي ذرن Solar wind جي ڪري جوڙ پائن ٿا جڏھن تہ ڪوما (پڇ) جي ڌوڙ سج جي تپش سان ٻاڦ ۾ تحليل ٿئي ٿي ۽ ان جي ڊگهائي ھڪ ڪروڙ ميل ٿي سگهي ٿي. پڇڙ سيارا خلا ۾ ٻن جڳھن تي ڏسڻ ۾ ملن ٿا، ڪجھ پڇڙ سيارا اسان جي شمسي نظام جي ڪناري Oort Cloud وٽ ملن ٿا ۽ ڪجھ نيپچون جي ڪوئپر پٽي Kuiper belt جي اڳيان ملن ٿا.

سائنسدان جو مڃڻ آھي تہ پڇڙ سيارا نون ٺھندڙ سيارن جي جوڙ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھي ڪنھن بڻجندڙ سياري سان ٽڪرائي ان سياري ۾ پاڻي ۽ پھاڙن جي تشڪيل ڏين ٿا. ناسا جي سائنسدانن پڇڙ سيارن جي نمونن جو تجزيو ڪري زندگي کي پيدا ڪندڙ بنيادي عنصر مٺمينو Glycine دريافت ڪيو آھي. گلائيسن ھڪ اھڙو امينو ايسڊ آھي جيڪو جاندارن جي پروٽين بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. گلائيسن جي دريافت سان سائنسدانن جي ڳالھ کي تقويت ملي ٿي تہ زندگي صرف زمين تي ناھي پر ھي ڪنھن ٻئي سياري تي بہ ٿي سگهي ٿي.

پڇڙ سيارا ننڍا فلڪي جسم ٿين ٿا جن جو قطر عام طور تي ڪجھ ڪلوميٽرن کان وڌيڪ نٿو ٿئي. ھي مختلف قسم جي ڄميل مادن مان ٺھيل ٿين ٿا. انهن جو مدار بيدوي ٿئي ٿو. انهن جو محور Perihelion اندروني سيارن جي مدارن اندر ٿئي ٿو ۽ انهن جو Edab ٿئي ٿو. جڏھن ڪو پڇڙ سيارو اندوني شمسي نظام ۾ داخل ٿئي ٿو تہ سج جي گرمي جي ڪري ان جي سطح تي تصعيد ۽ آئن سازي جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻاڦ ۽ ذرا پڇڙ سيارن جي پويان پڇ وانگر نظر ايندا آھن جن کي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو.

گهٽ پڇڙ سيارا گهٽ ۾ گهٽ 2 سو سالن يا ان کان گهٽ عرصي ۾ ظاھر ٿين ٿا جڏھن تہ وڏا پڇڙ سيارا ھزار سالن ۾ ھڪ ڀيرو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ماھرن مطابق گهٽ پڇڙ سيارا جيئن ھيلي پڇڙ سيارو ڪوئپر پٽي ۾ اچي ٿو جڏھن تہ وڏا پڇڙ تارا جيئن ھيل۔باپ ۽ اورٽ بادلن مان اچن ٿا. پڇڙ سيارن جو گروھ جيئن ڪريوٽز سنگريزرس  Kreutz Sungrazers ھڪ سياري جي ٽٽڻ مان ٺھن ٿا. ڪجھ ڊگها پڇڙ سيارا شمسي نظام کان ٻاھر اچن ٿا پر انهن جي مدارن جو تعين مشڪل آھي. ڪجھ قديم پڇڙ سيارا وري سج جي ڀرسان گذرڻ جي ڪري پنھنجو ڄميل مادو وڃائي ويھن ٿا ۽ صرف پھاڙي مرڪز وڃي بچن ٿا. ھنن جو مدار بيضوي ٿئي ٿو، ھي سج جي قريب اچي ان کان گهڻو دور ٿي ايستائين جو پلوٽو کان ٻاھر نڪري وڃن ٿا. انهي عمل مان اسان کي سج جي ڪشش ثقل جو پتو پوي ٿو پر ھي پڇڙ سيارا خوفناڪ ناھن. ماضي قريب ۾ يعني 20 صدي جي شروعات ۾ ھيلي پڇڙ سيارو زمين جي قريب کان گذريو تہ سڄي دنيا ۾ خوف جو عالم ڇانئجي ويو پر پڇڙ سياري جو پڇ بي نقصان ٿئي ٿو ڇوجو اھو پاڻي ۽ برف جو ٺھيل ٿئي ٿو جنھن جي پگهري پاڻي ڪرڻ ۽ گئس نڪرڻ سان ڪو نقصان نٿو ٿئي.

ھن مھل تائين جيڪي پڇڙ سيارا لڌا ويا آھن اھي سو سالن کان مٿي پوء نظر اچن ٿا انهن جو تفصيل ھي آھي.

(1) اينڪي پڇڙ سيارو Encke

ھن جو ٻيھر اچڻ جو عرصو 3 سال ۽ 3 مھينا آھي.

ھي سيارو ھر ٽن سالن ۽ ٽن مھينن کان پوء نظر اچي ٿو.

(2) ھيلي پڇڙ سيارو Haley

ھن جو ٻيھر اچڻ جو عرصو 76 سال آھي.

(3) ڪوھوٽيڪ پڇڙ سيارو Kohoutek

ھن جو ٻيھر اچڻ جو عرصو 80 سال آھي.

(4) ھيل۔بوپ    bopp۔Hale

ھن جو ٻيھر اچڻ جو عرصو 4210 سال آھي.

پڇڙ سيارا ۽ نامياتي مرڪب :-

سائنسدانن انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھڪ پڇڙ سياري مان 2 اھم نامياتي مرڪب دريافت ڪيا آھن. سائنسدانن مطابق ھن دريافت سان ڪائنات جي ارتقا ۽ زندگي جي فروغ کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ھن پڇڙ سياري جو نالو لو جواء Low joy آھي. ھن پڇڙ سياري مان مٺ ايلڏو Glycoaldehyde ۽ ايٿائيل الڪوحل جو پتو پيو آھي جنھن جا تفصيل ايڊوانسس نالي جرنل ۾ شايع ٿيا آھن. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ ھي نامياتي مرڪب ڪنھن ٺوس پٿريلي مادي جو حصو ٿي سگهن ٿا ۽ انهن سان ملي سيارا ٺھن ٿا.

ان کان پھرين پڇڙ سيارن ۾ تمام گهڻا نامياتي مرڪب دريافت ڪيا ويا آھن مثال طور حال ئي ۾ پڇڙ سياري 67 پي چوريوموف گيراسمڪنوف ۾ 4 مرڪب دريافت ٿيا آھن جيڪي پھرين ڪنھن ٻئي پڇڙ سياري مان ناھن مليا. پڇڙ سيارا ڪائنات جا قديم ترين جسم آھن ان ڪري انهن کي ٽائيم ڪيپسول سڏيو وڃي ٿو جن سان ڪائنات جي ماضي کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. زمين تي زندگي ڪنھن پڇڙ سياري کان آئي آھي ۽ اربين سال پھرين آسمان کان نامياتي ماليڪيول ڪنھن پڇڙ سياري کان آيا جيڪو اسان جي ڌرتي سان ٽڪرايو ۽ ڌرتي تي زندگي جي ٻجن کي پوکيو.

سائسي ماھرن مطابق پڇڙ سيارن ۾ نامياتي مرڪب ملڻ جي ڪري زندگي بابت گهڻي ڄاڻ ملڻ جي مدد ملي سگهي ٿي. ڇوجو ھي پڇڙ سيارا اسان جي زمين جي انتھائي اھم پاڙي ۾ ڦرن ٿا ۽ تمام سرگرم بہ آھن. ھن پڇڙ سياري کي اسپين جي رسدگاھ ۾ دريافت ڪيو ويو ھو.

پڇڙ سياري جو ڪرڻ ۽ ڊائناسور جو ختم ٿيڻ :-

”ساڍا 6 ڪروڙ سال اڳ شھابن جي ڪرڻ سان ڌرتي تي 70 سيڪڙو زندگي جو خاتمو ٿي ويو جن ۾ ڊائنوسار مڪمل ختم ٿي ويو.“

ھي ڳالھ ان تحقيق کان پوء آئي آھي جڏھن ميڪسيڪو جي علائقي چڪسوب ۾ 180 ڪلوميٽر ڊگهي اونهي کڏ ھٿ آئي جنھن تي شھابو ڪريو ھو.

وڏي شھابي جي ٽڪرائڻ سان کڏ ۾ راک جي تھ گڏ ٿي وئي جنھن ۾ اريڊيم نالي عنصر جي خاڪ ايتري گڏ ھئي جيڪا فطري تي سڄي زمين ۾ موجود ناھي. ان جو مطلب ٿيو تہ اھا امڪاني طور ڪريل شھابي جي خاڪ آھي پر سائنسدانن جي تحقيق پلٽو کاڌو. انهن مطابق ڌرتي ۾ جيترو اونهو وڏو کڏو پيدا ٿيو آھي اھو شھابي جي ڪري ٿي نٿو سگهي ڇوجو شھابو ننڍو ٿئي ٿو پڪ سان اھو پڇڙ سيارو آھي. ايترو اريڊيم ۽ اوسميم گڏ ڪرڻ لاء ھڪ اھڙو شھابو کپي جيڪو جنھن جو قطر 5 ڪلوميٽر ھجي پر ان مقدار جو شھابو ايتري وڏي کڏ پيدا ڪري نٿو سگهي. اھا ڪھڙي شي آھي جيڪا ايترو اونهو کڏو پيدا ڪري سگهي ٿي پر ان ۾ پھاڙي مواد گهٽ ھجي ۔ يڪدم سائنسدانن جو اشارو پڇڙ سياري ڏي ويو.

شھابا گهٽ رفتار سان ڪرن ٿا، ان ڪري ايڏو وڏو کڏو پيدا ٿيڻ ناممڪن آھي پر پڇڙ سيارا تيز رفتار ۽ وزني جسم سان ڪرن ٿا ان ڪري ايترو کڏو ممڪن آھي. ڊگهي مدار وار پڇڙ سيارا مٽي ۔ پٿر ۽ برف تي مشتمل ٿين ٿا ۽ شڪل ۾ لوطي ٿين ٿا اھي سج جي چوڌاري چڪر لڳائڻ سوين يا ھزارين پر لکين سال بہ لڳائي سگهن ٿا ڇوجو پڇڙ سيارا جسامت ۾ لڳ ڀڳ ڌرتي جيترا يا گهٽ ٿين ٿا.

اڄ کان 6 ڪروڙ سال اڳ ٿيڻ واري ٽڪر ۾ دنيا جي تقريبن 70 سيڪڙو حياتين جو خاتمو ٿي ويو جن ۾ ڊائناسور جو نسل مڪمل طور ختم ٿي ويو.

ھن عظيم ٽڪر جي ڪري جهنگلن ۾ وڏي پيماني تي باھ لڳي وئي ۽ ساحلي ڪنارن تي اجگر سونامين تباھي مچائي ڇڏي. ٽڪر جي شدت جي نتيجي ۾ فضا ۾ مٽي ڌوڙ ۽ گئس ڀرجي وئي جنھن جي ڪري عالمي گرمي پد ھيٺ ڪري پيو. سائنسدان ان پڇڙ سياري جو وزن معلوم نہ ڪري سگهيا آھن جيڪو ڌرتي تي ڪريو پر ھي فڪرانگيز تحقيق آھي. انهن اندازو لڳايو تہ ڌرتي جي آسپاس اھڙو خاصو مصروف علائقو موجود آھي جتان اجگر پڇڙ سيارو ڪريو.

حوالا[سنواريو]