کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھَونَان صوبو
Hunan |
|---|
|
| (گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان)
|
|
نقشي ۾ ھونان صوبو نمايان ڏيکاريل |
| جاگرافيائي بيھڪ : 28°06′46″N 112°59′00″E / 28.11265°N 112.98338°E / 28.11265; 112.98338 |
| ملڪ | عوامي جمهوريه چين |
|---|
| سڃاڻپ | 湖, hú – ڍنڍ 南, nán – ڏکڻ "ڊانگٽنگ ڍنڍ جو ڏاکڻو پاسو" |
|---|
گادي جو هنڌ ( ۽ سڀ کان وڏو شھر) | شانگشا |
|---|
| انتظامي ورهاست | 14 پريفيڪچر، 122 ڪائونٽيون، 1,933 ٽائون شپ (2018)، 29,224 ڳوٺَ (2018)
|
|---|
|
| • طرز | صوبائي حڪومت |
|---|
| • باڊي | صوبائي پيپلز ڪانگريس |
|---|
| • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | شو ڊازي |
|---|
| • پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | شو ڊازي |
|---|
| • گورنر | مائو ويئمنگ |
|---|
| • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | لي ويئيويئي |
|---|
|
| • ڪل | 210,000 km2 (81,000 sq mi) |
|---|
| ايراضي درجو | ڏھون نمبر وڏو |
|---|
|
| • ڪل | 67,370,000 |
|---|
| • اندازو (2019) | 69,180,000 |
|---|
| • درجو | ستون نمبر وڏو |
|---|
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
|---|
| • ڪثافتي درجو | 13th |
|---|
|
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | CN-HN |
|---|
| GDP (2018 [3]) | CNY 3.64 trillion USD 549.00 billion $1.038 trillion (PPP)[3] (9nd) |
|---|
| • per capita | ¥57,540 $ 8,341(16th) $16,454 (PPP) |
|---|
| HDI (2018) | 0.751[4] high · 15th |
|---|
| ويب سائيٽ | www.enghunan.gov.cn |
|---|
ھونان(انگريزي: Hunan )湖南ⓘ
) عوامي جمهوريه چين جو غير ساحلي صوبو آهي جيڪو ڏکڻ وچ چين واري ريجن ۾ واقع آهي. ان جون حدون اتر ۾ ھوبئي سان، اوڀر ۾ جئانگشي سان، ڏکڻ ۾ گوئينگڊانگ ۽ گئانگزي سان، اولھ ۾ گزھو سان ۽ اتر اولھ ۾ چانگچنگ ميونسپلٽي سان ملن ٿيون.
ان جي گادي جو هنڌ ۽ صوبي جو سڀ کان وڏو شھر شانگشا آھي جيڪو شيئانگ ندي تي واقع آهي. ھن صوبي جي آبادي 2014ع ۾ 6 ڪروڙ 70 لک ھئي. صوبي جي پکيڙ 210,000 km2 (81,000 sq mi) آھي. آبادي ۾ چين جو ستون ۽ پکيڙ ۾ ڏھون نمبر وڏو صوبو آھي. 2018 ۾ ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 500 بلين آمريڪي ڊالر ھئي، جڏهن تہ ان جي مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي ھڪ ٽرلين ڊالر ھئي. ھونان لفظ جي معني آهي ڍنڍ جو ڏاکڻو پاسو[5] اھا ڍنڍ ڊانگٽنگ آھي جيڪا صوبي جي اتر اولھ واري حصي ۾ واقع آھي. ھي صوبو مائوزي تنگ جي جنم ڀومي آهي[6] جيڪو عوامي جمهوريه چين جو باني ھيو. ھي صوبو يانگزي ندي جي ڏاکڻي ڪپ تي واقع آهي ۽ چين جي سڀ کان وڏي نھري نظام جو حصو آهي. 1992ع ۾ ھن صوبي جي وولنگيوئان کي يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنو ويو[7] شانگشا شھر صوبي جي اوڀر واري حصي ۾ واقع آهي جيڪو صوبي جو آمدورفت، واپار ۽ مينيوفيڪچرنگ جو مرڪز آھي[8]