ھس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هس:

گچيء جي ھڪ زيور جو نالو. چانديءَ مان ٺهندو آهي ۽ اٽڪل اڌ سير کن جو ٿيندو آهي: پر ننڍين ڇوڪرين لاءِ ڏيڍ پاءُ جو ٿئي. هس جو وچ ٿلهو ۽ پاسن ڏانهن آهستي آهستي سنهو ٿيندو ويندو آهي، ۽ آخري حصو، يعني پٺيون حصو، ٿورو کليل ۽ سنهو ٿيندو آهي، جنهن تي سنهي گلڪاري هوندي آهي. باقي پٺئين حصي تي، منهن وٽ، هڪ گول داڻي جيان ٿئي، انهيءَ لاءِ ته پٺيان ڳچيءَ ۾ نه لڳي، ۽ خوبصورت به ٿئي. هي شاديءَ ۾ ڪنوار کي پارائبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}